سوال/سروي … هي سياستدانن جي ڪرسي لاءِ جنگ آهي، عام ماڻهو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ عمران جي جيل ڀريو تحريڪ تي عوام جا تبصرا

0
109

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران خان پاران جيل ڀريو تحريڪ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن جيل ڀريو تحريڪ جي آجيان ڪئي ته ڪجهه ماڻهن مخالفت ڪئي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سياستدانن جي هي جنگ ڪرسي لاءِ آهي، عوام جي انهن کي پرواهه ناهي، جيل ڀريو تحريڪ سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته پهريان عمران خان پاڻ ته گرفتاري ڏئي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته پيٽ بکيا سڀ جيل وسائيندا باقي عمران خان سان گڏ مال کائو جيل ڀريندا، گل حسن شر لکيو ته ايڏي مهانگائي جي ڪري ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن ڪنھن کي لاچار آھي جيڪو پنھنجي فيملي کي ڏکين حالتن ۾ ڇڏي جيل وڃڻ پسند ڪندو منھنجي خيال ۾ ھي تحريڪ به لانگ مارچ وانگي ناڪام ٿيندي، منظور علي زرداري لکيو ته سڀ پنهنجي ڪرسي لاءِ ڪن ٿا، رسول بخش جوڻيجو لکيو ته عمران جو اسٽيبلشمينٽ خلاف بيانيو ڪامياب وڃي پيو، عبدالحميد تنيو لکيو ته تمام بهترين قدم آھي عمران خان جو پاڪستان کي صرف عمران ڏيوالي مان ڪڍي سگھي ٿو، تسليم علي چانڊيو لکيو ته عمران خان اصل کان تبديلي پسند ۽ موجوده حڪومت لاءِ مخالف سوچ رکندڙ ليڊر آهي عمران خان پنهنجي ڪارڪنن کي جيل اماڻي انهن جي ماني ٽڪي جا خرچ حڪومت تي مڙهي رهيو آهي جنهن سان حڪومت پنهنجي ٽيڪس وارو حدف پورو نه ڪري سگھندي. بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان جي تبديلي سرڪار عرف تباهي سرڪار جي وڃڻ کانپوءِ امپورٽڊ مڪس آچار حڪومت عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن وري عمران خان جو نئون ڊرامو عوام مهانگائي ۾ پيڙھجي ويو آهي، توفيق لنڊ لکيو ته پهرين 200 ڪارڪنن کي چيو ويو آهي هاڻي ان مان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته عمران خان ان 200ڪارڪنن واري لسٽ سابقه ايم پي اي ۽ ايم اين اي به هاڻي پارٽي اندر صرف ڪارڪن جي حيثيت ٿا رکن، عامر کوسو لکيو ته بهتر اهو رهندو ته شروعات پاڻ کان ڪري، اسامه سنڌي لکيو ته ڪنهن به حڪمران کي هن ملڪ جي ڳڻتي ناهي صرف عوام کي ڏيکاءُ آھي باقي سڀ گڏجي مال پيا کائين، عبدالقادر گبول لکيو ته سنڌ مان ته ان کي عملي حمايت نه ملندي باقي سوشل ميڊيا تي درجنين پوسٽون حمايت ۾ پڙهڻ لاءِ ملنديون. عمران جوڻيجو لکيو ته ملڪ سياست ۾ رهڻ وارا لٽي ويا عوام کي هاڻي جيل جو آرڊر واهه اسان جا عجيب فيصلا ؟ اياز علي لکيو ته عمران خان جو بهترين قدم آھي اگر ملڪ ۽ عوام خاطر هجي ته حڪومت تي سٺي نموني اثر پئجي سگهي ٿو ۽ هاڻي تبديلي اچڻ گهرجي جيئن مظلوم عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ عوام کي به ٻاهر نڪرڻ گهرجي. ثناءُالله چنا لکيو ته جيل ڀريو تحريڪ سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو اهو ته عمران خان پنهنجي سياست چمڪائڻ خاطر ڪري رهيو آهي نه ڪي عوامي مفاد خاطر جيڪڏهن عمران پاڪستاني عوام جو خيرخواه آهي ته حڪومت طرفان ڪيل مهانگائي خلاف جمهوري طريقي سان احتجاج ڪري اجايو ملڪ ۾ انتشار نه پکيڙي، فيصل نظر مورائي لکيو ته شروعات وڏن ماڻھن کان ٿئي، خاموش خليل شر لکيو ته جيل به جوانن لاءِ هوندا آھن باقي ڳالهيون پيون ٿينديون رهنديون آھن، ڪيلاش ڪمار لکيو ته جيل ڀريو تحريڪ سان عوام تي ڪو اثر ڪونه پوندو باقي عمران خان اڪيلو 14 پارٽين لاءِ ڪافي آهي، محمد حسين لکيو ته تمام بهترين ڪم آهي پر هن سان مسئلا حل  ٿيندا يا نه اهو وقت ٻڌائيندو. شيراز تنيو لکيو ته جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان سان عمران خان پنهنجو پاڻ کي ٻوڙائي رھيو آھي پاڻ کي به پارٽي وارن کي به، عمران خان واحد وزيراعظم آھي جنهن پاڪستان کي پوئتي ڪري ڇڏيو، مختيار علي ڏاهاڻي لکيو ته اسين سڀ حمايت ڪريون ٿا، پي ڊي ايم جي نااهلي آهي، سڪندر علي لکيو ته ويلڪم ان علان جي آجيان ڪريون ٿا سڀ نوجوان پوڙها جيلن ۾ وڃن گورنمينٽ ڪيترن جو خرچ ڀريندي، عبدالحئي ساوند لکيو ته ڀلي جيل ڀريو تحريڪ هلائي، هي صرف سياستدانن جي مفادن جي جنگ آھي ان سان عوام کي ڪو به لاڀ نه ملندو، اقبال سميجو لکيو ته اهو صرف پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جو طريقو آھي باقي غريبن جو ڪو احساس ڪونهي، رميش ڪمار لکيو ته رڳو اعلان آهي عمران کي سياست ڪرڻ جي خبر ئي ناهي، ذوالفقار راهمون لکيو ته تمام بهترين قدم آهي، جابر مهيسر لکيو ته عوام عمران جو  ساٿ ضرور ڏيندو، وحيد ڄامڙو لکيو ته حڪومت جي غلط پاليسن سبب ملڪ اندر مھانگائي وڌي آھي ۽ مھانگائي سبب بک بدحالي بي روزگاري بدامني عروج تي آھي ماڻھو بک وگھي آپگھات ڪري رھيا آھن مھانگائي خلاف ماڻھو روڊن تي نڪري آيا آھن ھاڻي ماڻھو ڇا ڪن ڀلا جيل ۾ ٻن وقتن جي ماني ته ملندي، غلام رسول راهمون لکيو ته اٽو هونئن به نٿو ملي، هلو جيل ڀريون ٿا،  عبدالمجيد ملتان لکيو ته ڇو ته عمران خان جھڙو ماڻهو ٻيو ڪونه آهي عمران خان ھاڻي پاڪستان لاءِ ضروري آهي، عاشق حسين لکيو ته عمران خان جو اعلان صرف خالي اعلان رھندو، موهن لال لکيو ته عمران خان شروعات ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تان دستبردار ٿيو پوءِ، اسلام آباد لانگ مارچ بعد ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جون صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون پر رزلٽ ٻڙي ۽ هاڻ جيل ڀريو تحريڪ انهي ۾ پي ٽي آءِ ناڪام ٿي ويندي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته سٺو فيصلو آهي مھنگائي ۾..آصف جوکيو لکيو ته عمران خان سياسي ماڻهو ئي ناهي, پنهنجون ٻن صوبن ۾ حڪومتون پاڻ ختم ڪري وري هاڻي هليو آهي جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ, هي ان ۾ به ناڪام ٿيندو، علي اصغر قيصراڻي لکيو ته جيل وڃڻ ڪو مذاق ناھي جو عمران جي چوڻ تي عوام جيل ڀريندي، منٺار علي لغاري لکيو ته خدارا ڪوئي ته ملڪ جي بقا لاءِ نڪري ، هي ملڪ ۾ ڇا ٿيندو پيو وڃي ،  صاحبزادو لکيو ته آئون سمجهان ٿو ته ڪپتان جي جيل ڀريو تحريڪ جو انجام به اھڙو ئي ٿيندو جھڙو اڳ شروع ڪيل سول نافرماني واري تحريڪ. مراد علي لکيو ته اعلان ته سٺو ڪيو اٿس باقي الله ڪري ھمت ڪري جيل وڃي وري يوٽرن نه وٺي آهي، محمد پريل عباسي لکيو ته عمران خان جو اعلان صرف سياسي خودڪشي کانسواءِ ڪجھه نه آھي، غلام مصطفيٰ ملڪاڻي لکيو ته اليڪشن ڪرائين تي خبر پوي، شنڪر لال لکيو ته اعلان ته درست آهي پر عوام کي ھن ۾ ڪو به فائدو ڪونهي ٿيندو پر وفاقي نااهل حڪومت تي پريشر ضرور پوندو.. ابوطالب سنڌي لکيو ته ھي سياستدان ھر وقت عوام کي خوار ڪندا آهن، خدابخش ڪنڀر لکيو ته عمران کي گھرجي ته ملڪ جي مفاد لاءِ سوچي ملڪ جون خراب حالتون آهن، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته ھن مھانگائي جي دور ۾ ھر ماڻھو کي پنھنجي حقن لاءِ ٻاھر نڪرڻ گھرجي حمايت ڪجي ٿي، نارائڻ داس لکيو ته وري ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو، امتياز مڱريو لکيو ته عمران خان يوٽرن وٺڻ جو ماھر آھي، عامر علي مهر لکيو ته ڪرسين جا مزا هي پاڻ وٺندا ۽ جيل ٻيا ويندا، محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته اڳ ۾ عمران خان پاڻ جيل ۾ پيش ٿئي، مولائي اسد ماڇي لکيو ته پاڪستان کي عمران جھڙي ليڊر جي ضرورت آھي، فضل سبزوئي لکيو ته ھر ڪوئي پنهنجن مفادن جي جنگ وڙھي ٿو ڪنھن کي ڪنهن جي پرواھ ناهي جڏهن به عمران جا مفاد پورا ٿيندا ته خاموش ٿي ويھي رھندو ڪريم سهتو لکيو ته سٺو فيصلو آهي مھانگائي ۾.. حافظ راڄپر لکيو ته تمام سٺوعمل آهي، منيش واسو لکيو ته اسان گڏ آھيون جيل ڀريو تحريڪ ۾، قادر بخش زئور لکيو ته عمران گرفتاري ڪونه ڏيندو سکڻا اعلان، ظفر حسين لکيو ته ناڪام ٿي ويندو، اسحاق پنهور لکيو ته يوٽرن وٺندا، جاويد شر لکيو ته عمران جي چوڻ سان بلڪل گرفتاريون ڏيندا، ضمير حسين وڌو لکيو ته پوءِ پنھنجون ضمانتون ڇو ٿو ڪرائي اڳ ۾ ته ليڊر جيل ۾ پوندو آھي، قربان لطف الله لکيو ته عمران هڪ ناڪام ۽ بزدل ماڻهو آهي، خيرمحمد مگسي لکيو ته موجودہ حڪومت عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي موجودہ حڪومت رڳو پنهنجن مخالفن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ پوري آهي، ممتاز علي مهر لکيو ته عمران خان جي اھڙي عمل سان ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، ٻڍل ملاح، عباس علي، ممتاز مولائي لاشاري، احمد مغيري، شهاب الدين راڄپر، محمد عامر بروهي، عبدالستار بلوچ، محمد فياض وساڻ، مبارڪ بجير، شهمير علي، گلشير سومرو، نقاش پيرزادو، محمد موسيٰ کٽي، عبدالقيوم لغاري، عبدالمالڪ سميجو، ايم عيسيٰ لنڊ، آصف علي حسيني، ڀڳوان داس به سروي ۾ حصو ورتو. فيضان علي لغاري، عاقب کوسو، ظهير خان، عمران گل سومرو، محمد حسين، غلام سرور هنڱورجو، اعجاز ڏاهري، وفا آر ستار شر، ايم عيدل بجير، نظير گولو، عرفان لقمان، خادم علي منگي ۽ ٻين به عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو.