غير ملڪي آبادي ملڪي امن لاءِ خطري جي علامت!

اسان جي ملڪ ۾ ڌارين آبادڪاري ۽ غير ملڪي پناهگيرن جو مسئلو وڏي عرصي کان بحث مباحثي ھيٺ رھيو آھي، ملڪ اندر لکن جي تعداد ۾ رھندڙ پناهگيرن جو وڏو انگ سنڌ اندر موجود آھي، جيڪي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي ھر طرح جو غير قانوني ڪاروبار ڪري رھيا آھن پر ان سان گڏوگڏ وقت بوقت ملڪ ۽ سنڌ ۾ بدمعاشيون پڻ ڪندي نظر ايندا رهيا آهن. ھن وقت ملڪ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ ۽ دھشتگرديءَ جو وڏو ڪارڻ به غير ملڪي پناهگير ئي آھن، جن ۾ وڏو تعداد افغاني پناهگيرن جو آھي ۽ انھن سان گڏوگڏ بنگالين، برمين ۽ بيھارين جو پڻ شامل آھن. ماضيءَ ۾ غير ملڪي پناهگيرن کي پنھنجي وطن واپس ڪرڻ جون غير سنجيده ڪوششون ڪيون ويون ھيون پر انھن تي ڪو خاص عمل ناھي ٿي سگھيو. اعليٰ عدليه به غير ملڪي پناهگيرن کي انھن جي وقت واپس موڪلڻ جو فيصلو ڏئي چڪي آھي پر اسان جي حڪومت ان فيصلي کي نظرانداز ڪري کين واپس ناھي موڪليو پر ابتو انھن کي رھائش جون سھولتون مھيا ڪيون آھن. نتيجتن اھي ملڪ جي ھر ڪنڊ ۽ شھر ۾ پکڙجي ويا آهن ۽ غير قانوني ڪارروايون ۽ وارداتون پڻ ڪري رھيا آھن. پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي شھر ڪراچيءَ ۾ افغاني پناهگيرن جو وڏو انگ آزاديءَ سان رھائش پذير آھي. جيتوڻيڪ ٻين ملڪن ۾ غير ملڪي پناهگيرن لاءِ ھڪ حد مقرر ڪئي وئي آھي، جيڪڏھن اھي ان حد کي اورانگھڻ جي ڪوشش ڪندا ته انھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. افسوس ته اسان جي سنڌ ۾ اھڙي ڪا به حڪمت عملي ناھي جوڙي وئي، جنھن سبب ملڪ اندر ھلندڙ بدامنيءَ ۽ دھشتگرديءَ جي لھر جو وڏو سبب غير ملڪي پناهگيرن ۽ افغاني آھن. جيڪي به غير ملڪي پناهگير ھن وقت ملڪ ۽ سنڌ اندر آباد آھن انھن کي ترت پنھنجي وطن واپس موڪليو وڃي ڇو ته پاڪستان کي اڳ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، مٿان وري پناهگيرن ۽ دھشتگردن جو بار ملڪ لاءِ خطري جي علامت کان گھٽ نه آهي.

سمير ساگر قريشي/حيدرآباد

پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڏنو وڃي!‎‎

پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ايٽمي طاقت رکن ٿا، ايٽمي طاقت واحد طاقت آهي جنهن ذريعي طاقتور قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سگهجي ٿو، پر افسوس پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي انتها ٿي وئي آهي، ملڪ دشمن پاڪستان ۾ روز ڪٿي نه ڪٿي بم ڌماڪا ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون فنا ڪري رهيا آهن. ميان نواز شريف جي دور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ بم ڌماڪو ڪري ڪيترن ئي معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي امڙين کان جگر جا ٽڪرا کسيا ويا. مطلب ان وقت به دهشتگردي ملڪ ۾ هئي ۽ ملڪ دشمن بزدلاڻيون ڪارروائيون ڪري ملڪ جو امن تباھ پيا ڪرڻ چاهين پر ملڪي آرميءَ انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي کين ناڪام بڻايو. پشاور ڌماڪي کان پوءِ ڪراچي پوليس آفيس تي حملو ڪري پوليس سميت عام شهرين کي شهيد ڪيو ويو. پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي جهنم جو رستو ڏيکاريو، جنهن کي آئون سلام پيش ڪيان ٿو. حڪومت کان سوال آهي ته ملڪ جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ڇو پئي ٿيندي وڃي؟ آخر دهشتگرديءَ کي ٻنجو ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ دهشتگردن جي سهولتڪارن تي نظر ڇو نٿي رکي وڃي؟ هاڻ ته ايڏين وڏين بزدلاڻين ڪارروائين ۽ دهشتگردين سبب عوام ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي. ڪراچي ۽ پشاور پوليس جي آفيسن ۽ مسجدن ۾ بم ڌماڪا ٿين ٿا، سوچو اها پوليس شهرين جي ڪهڙي حفاظت ڪندي جيڪا پاڻ دهشتگرديءَ جو شڪار آهي. وزيراعظم شهباز ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ کي گهرجي ته هو هاڻ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏين جي ملڪ ۾ امن نه هوندو ته پاڪستان مختلف معاشي، سماجي ۽ ڪاروباري مسئلن جي وڙ چڙهي ويندو. وزيراعظم شهباز شريف کي گهرجي ته هو هر مسئلي کي ڇڏي هاڻ ملڪ جي سڀني پارٽين جي اڳواڻن سان ويهي ملڪي امن امان بابت تجويزون وٺي امن امان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري جيئن پاڪستان جو هر شهري پنهنجي زندگي بغير خوف ۽ حراس جي سڪون سان گذاري سگهي.

ارسلان جاويد شر/ٺري ميرواھ

20 فيبروري هڪ عظيم ڪردار جي پڄاڻي!

اهي انسان هميشه زندھ رهندا آھن جيڪي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان عوام جي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آھن ۽ تاريخ ۾ انهن جو نالو روشن رهندو آھي، اهڙا انسان هن جهان ۾ نه هوندي به ماڻهن جي دلين ۾ زندھ رهندا آھن، اهڙين شخصيتن ۾ خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج جي هارڊ ايريا سان تعلق رکندڙ ڳوٺ ڪنڊياري ۾ جنم وٺندڙ هر دلعزيز شخصيت محترم استاد وقار احمد ٻانڀڻ به هڪ هو، جنهن پنهنجي زندگي سماجي، علمي ۽ ادبي ڪمن ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پاڻ هڪ نيڪ سيرت بااخلاق اعليٰ ڪردار جا مالڪ، سخي، مهمان نواز، اوطاقي انسان هئا، سندن اوطاق تي هر وقت وسنهن لڳي پئي هوندي هئي، هر انسان سان سٺو سڀاءُ، انسانيت سان محبت سبب ماڻھن جي دلين ۾ ساڻن وڏي محبت، عزت ۽ جيءَ ۾ جايون هيون. استاد وقار ٻانڀڻ صاحب جون سماجي، ادبي ۽ علمي ادارن سان تمام گهڻيون همدرديون ۽ ڪتابن سان دوستي هئي. اسان جنهن به وقت ساڻس ملڻ ويندا هئاسين ته پاڻ اوطاق ۾ لڳل نم جي وڻ جي ڇانو هيٺ ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪندي نظر ايندا هئا. استاد وقار صاحب جو وڏي ۾ وڏو زندھ ڪارنامو ڪنڊياريءَ جهڙي پٺتي پيل علائقي ۾ هڪ اعليٰ قسم جي لائبريريءَ جو قيام آھي، جتي مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب رکيل آهن، پاڻ علائقي جي نوجوانن کي چوندو هئا ته اجايو وقت زيان ڪرڻ کان بهتر آھي ته اوهان منهنجي لائبريريءَ مان فائدو حاصل ڪري ڪتابن جو مطالعو ڪري ڪجھ ڄاڻ حاصل ڪريو. هي نيڪ دل باڪردار انسان 20 فيبروري 2018ع تي پنهنجي هزارين چاھيندڙن، ادارن ۽ پنهنجي دوست ڪتابن کي هميشه لاءِ الوداع ڪري حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، کيس ھزارين آلين اکين سان اباڻي ڳوٺ ڪنڊياريءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، توڙي جو اڄ استاد وقار صاحب اسان سان موجود نه آھي پر هڪ عظيم ڪردار هجڻ سبب هزارين دلين ۾ اڄ به موجود ۽ زندھ آھي، سندس نالو تاريخ ۾ روشن رهندو.

محمد اسلم سومرو/ کرڙاھ، ٺري ميرواھ

مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن!

هر قبيلي جي پنهنجي ٻولي هوندي آهي ۽ ٻولي ئي قبيلي جي سڃاڻپ پڻ ڪرائيندي آھي ۽ ايئن ئي هر قوم ۽ هر ملڪ جي پنهنجي ٻولي هوندي آھي،21 هين فيبروري کي سڄي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آھي، هر قوم فخر سان پنهنجي مادري ٻوليءَ جو ڏينهن ملهائيندي آھي. ٻولي هميشه هڪ جهڙي ناهي رهندي، جيتوڻيڪ انساني ضرورت جي تحت ان ۾ اضافو ٿيندو رهندو آھي، وڏين تهذيبن جو ٻولي رسم و لحاظ جي ڪري پکڙجي ٿي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪري وڃڻ سان ماڻھن جي هڪ ٻئي جي ٻولين سان واقفيت ٿيندي آھي، ٻوليءَ جي تعلق ڪلچر سان هوندو آھي، ان جي چوڻين ۽ لفظن سان سماج جي رسمن رواجن جي خبر پوندي آھي، ان جا لوڪ ڪهاڻين ۽ گيتن سان ان جي ڪلچر جي عڪاسي ٿيندي آھي، ان ڪري موجوده دور ۾ انهن کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پئي وڃي. مادري ٻولي قومي يا بين الاقوامي ٻولين جي نسبت ۾ ماڻھن جي فطري اظھار جو سولو ذريعو هوندي آھي، ٻولي پنهنجي اندر هڪ وڏي جدوجهد ڪندي آھي، تڏھن وڃي ان کي لفظ ۽ انداز ملندو آھي، پوءِ اها ٻولي پنهنجي سماج جي دائري جي اندر مقامي انسانن جي تاريخ تهذيب ۽ ثقافت جو چونڊ ڪندي آهي. سماج جي ترقيءَ ۾ سڀ کان گهڻي اهميت مادري ٻوليءَ جي آھي، ڪنهن به فرد جي تعليمي ۽ عملي ترقي ان جي مادري ٻولي آھي، ٻارن جي مادري ٻولي ان جي فطري ٻولي هوندي آھي، جنهن کي هو پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻائين ٿا ۽ مادري ٻولي ئي انساني جذبن جي اظهار جو سڀ کان بهتر وسيلو آھي.

نجيد لغاري/ملڪاڻي

بحرانن جي ور چڙھيل ملڪ جو الله واھي!

ملڪ ڏينھون ڏينھن معاشي بحرانن جي ور چڙھندو پيو وڃي، مهانگائي وڌڻ سبب غريب عوام فاقاڪشيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھي، ڪورونا وبا کان پوءِ سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن پڻ وڏي تباھي مچائي، ماڻھن جو تمام گھڻو جاني مالي نقصان ٿيو، ھڪ طرف ماڻھن جا فصلن سميت سمورو الھ تلھ برساتن ۾ لڙھي ويو، ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران طرفان اٽو مھانگو ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي، غريب ماڻهو ھڪ ويلو ٽاري ماني به نٿا کائي سگھن، مٿان وفاقي حڪومت پاران تيل جي اگھن ۾ اوچتي واڌ پڻ غريب عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سبزي، گوشت، مڇي، ڪڪڙ جو گوشت، فروٽ، گيھ ۽ کنڊ سميت زندگي جون مڙيئي ضرورت وارين شين جون قيمتون پڻ ھن وقت آسمان سان ڳالهيون ڪري رھيون آھن، غريب ماڻهو وڃي ته آخر ڪيڏانھن وڃي؟ غريب جي وس کان سڀ ڪجھه ٻاھر آھي، ھر شي مھانگي آھي، فقط موت سستو آھي. لڳي ٿو ته ھينئر حڪومت موت تي به ٽئڪس لڳائي ڇڏيندي! حڪومتي نااھلي سبب ملڪي حالتون روز بگڙجنديون پيون وڃن، لڳي ٿو ته ملڪ ۾ وڏو ڀونچال ايندو ۽ اوچتو سگھاري عوامي مزاحمت نمودار ٿيندي، جنھن مان جند ڇڏائڻ حڪمرانن جي وس جي ڳالھ نه رهندي، جيئن آسٽريليا جا حڪمران پاڻ کي عوامي ڪروڌ کان بچائي نه سگھيا، اھڙيءَ ريت پنھنجا حڪمران به عوام جي لاءِ ساڳيو رستو ھموار ڪري رھيا آھن. ملڪ کي ٻاهريان ۽ اندريا خطرا ھجڻ سان گڏوگڏ ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار پڻ ٿي ويو آھي، سمجھ ۾ نٿو اچي ته ملڪ جو نيٺ ڇا ٿيندو ۽ موجوده بحرانن مان ملڪ ڪيئن نڪرندو؟ حڪمران ملڪ مٿان روز نوان نوان تجربا ڪري رھيا آھن، جن جو بار فقط غريب عوام مٿان پوي ٿو. عوام ئي حڪمرانن جي عياشين ۽ ناجائز خرچن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي. اچرج جھڙي ڳالھ اھا آھي ته ملڪ به عوام ھلائي ٿو ته ھڪ ويلي ماني لاءِ به عوام پريشان آھي، ڇا ان کان وڌيڪ حڪمرانن جي نااھلي، ظلم، ڏاڍ، ڪرپشن جو ڪو مثال يا ثبوت ڏئي سگھجي ٿو؟ ڪوئلي، گئس، بجلي، زراعت سميت ڪيترن ئي قدرتي اڻ کٽ انمول خزانن سان ملڪ مالا مال آھي، تنھن ھوندي به ملڪ معاشي گھوٽالي جو شڪار ڇو آھي؟ ڇا اھو ڪڏھن اسان سوچيو آھي ته ان جو سبب آخر ڪھڙو آھي؟ جي ھا! ان جو سبب فقط اھو آھي ته اسان جا حڪمران ۽ سياستدان ڪرپٽ آھن، ملڪ جي ھر وڏي منصب تي ويٺل ھر ملازم ڪرپٽ آھي، ملڪ ۾ ڪنھن شيءِ جي ڪا کوٽ نه آھي، کوٽ فقط حاڪمن جي سچائيءَ جي کوٽ آھي، سو رب پاڪ کي ئي پارت آھي ته هو اھا کوٽ پوري ڪري، باقي اسان جي وس جي ڳالھ ناھي.

مختيار بلوچ/تنگواڻي

واهي پانڌي هاءِ اسڪول ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو!‎‎

واهي پانڌي بوائز هاءِ اسڪول جي پراڻي عمارت جي سامهون ۽ پوئين پاسي جوڙايل نئين عمارت جو ڪم گذريل ڪيترن سالن کان اڻپورو آهي، چون ٿا ته هڪ بااثر ٺيڪيدار جڳاڙي ڪم ڪرائي عمارت جي هڪ پاسي مورڳو ڇت ئي ڪا نه وجهرائي اٿس، جڏهن ته ٻئي پاسي جتي ڇت وجهرائي اٿس، اتي وري ٽيئر گارڊر لڳرائي علوءَ وارا انگ پورا ڪري ويو آهي، جڏهن ته ان عمارت جو رڪارڊ ڏسڻ سان خبر پوندي ته ڪم مڪمل ٿيل آهي، هتي هر ڪوئي کائڻ جي پويان آهي، ڪنهن کي به ڪنهن جو احساس ناهي، ڪجي ته ڇا ڪجي؟ نيب سميت جاچ ۽ ڪرپشن خلاف جاکوڙ ڪندڙ ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته واهي پانڌي هاءِ اسڪول جي سالن کان اڻپوري عمارت واري معاملي جي جاچ ڪن.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

سستو ننگ، مھانگو نانُ!‎‎

انتھائي ڏک سان لکڻ تي مجبور ٿيس ته ھن وقت جيڪا حالت غريب عوام جي آھي ان جو ذميوار ڪير آھي؟ اڄ ڪلهه ھن دور ۾ غريب، غريب ترين ٿيندو پيو وڃي ۽ امير، امير ترين ٿيندو پيو وڃي، جيڪي غريب ڏھاڙي ڪمائڻ وارا ڏھاڙي کائڻ وارا آهن اھي ھن ھيڏي مھانگائيءَ ۾ پنھنجو گذر ڪيئن ڪندا؟ شين جي اگھ ۾ ايتري واڌ اچي وئي آهي جو ھر اھا ضرورت واري شيءِ غريب غربي جي پھچ کان پڻ مٿي ٿي وئي آھي، کاڌ خوراڪ جي شين جا اگھ آسمان کي ڇھي رهيا آهن ۽ غريب عوام ان مھانگائي مان جان ڇڏائڻ لاءِ آپگھات ڪري رهيو آهي، ملڪ جون حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون آھن جو ان جو نتيجو صرف غريب عوام پيو ڀوڳي، زندگي ايتري سستي ٿي چڪي آھي جو ھر روز سوين جانيون پيون وڃن، حڪمرانن کي ڪو ڦڪيءَ جو فرق به نه پيو آهي، عوام جي مٿان ڪھڙو ظلم ڪري رھيا آهن، ڇا انھن ۾ اھو ايڏو وڏو ظلم برداشت ڪرڻ جي طاقت رھي آھي! ڪڏھن اوھان کائڻ پيئڻ جي شين جي اگھن ۾ راتو رات واڌ پيا ڪيو ته ڪڏھن استعمال ۾ ٿيندڙ ھر ان شيءِ جو ملھ آسمان سان تي پيا پهچرايو، ھن ئي عوام اوھان کي اقتدار ۾ آندو، ھن عوام اوھان کي پنھنجي ووٽ سان ڪامياب ڪيو ۽ وري اوھان انھن کي اھو صلو پيا ڏيو جو ھو آپگھات پيا ڪن، پنھنجي زندگيءَ جو انت پيا آڻين، جتي ڪٿي رڙيون، ڪوڪون لڳيون پيون آهن ڇا انھن جون اھي آھون دانھون اوھان کي ٻڌڻ ۾ نه پيون اچن؟ ڇا اوھان ايترا ڪم ظرف ٿي ويا آھيو جو اوھين انھن کي اٽي جي چڪي جيان پيسي ڇڏيو آهي؟ اوھان اٽو مھانگو ڪيو، اوھان دوائون مهانگيون ڪيون، اوھان کنڊ چانھ مھانگي ڪئي، اوھان پيٽرول، ڊيزل مھانگائي ڪئي، اوھان ھر اھا شيءِ مھانگائي ڪئي جيڪو ڏھاڙيدار خريد ڪري پي سگھيو. اوھان عوام کان غيرت واري نگاھ کسي چڪا آھيو جو ھڪ معتبر ماڻھو پنھنجا ننگ وٺي قطار ۾ بيٺو آھي، اوھان عوام کي ايترو مجبور ڪيو آ جو ھو پنھنجا ننگ وڪڻي پيو، خدا جو قھر اوھان جي مٿان ڪري جو اوھان غريب عوام کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي.

مطلوب احمد جوڳي/ٺري ميرواھ

ٻارن کي آخر ڪيسين ريجهايان،

بک ۾ آ هر تال مري ويو!‎‎

جنهن ديس ۾ اٽو مهانگو، عزتون ۽ رت سستو ٿي پوي، تنهن ديس ۾ ماڻھو ڄڻ هٿرادو آڪسيجن تي پيو ساھ کڻندو آھي. ڪير آھي ڀلا جيڪو پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي بک  ۾ پاهه ٿيندي ڏسندو هجي! بک بڇڙو ٽول، داناءَ ديوانا ڪري. هاڻ هو واقعي چريو ٿي ويو آھي. هن ڪڏهن به آپگھات جو ناهي سوچيو، ڇو ته هو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته آپگھات مسئلن جو حل ناهي ۽ هن جي هڪ مرڪ سان ڪيتريون ئي زندگيون سلهاڙيل آھن پر بک ۽ بيروزگاريءَ سندس جسم تان ڄڻ سمورو ماس روڙي ورتو آھي. ٽھڪن جي وشال ڪائنات اڏيندڙ فرد جڏهن مانيءَ ڪارڻ مرڻ لاءِ تيار ٿين ۽ اٽي جي ڏھ ڪلو وارو ڪٽو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن گاڏيءَ پويان ڪنهن جانور جيان ڊوڙندا وتن، تڏهن ايئن محسوس ٿيندو آھي ته هن بيحس سماج ۾ احساس ڪڏهوڪو بي موت مري چڪو آھي ۽ جيئڻ جا سمورا ڍنگ ڪنهن ٽياس تي ٽنگجي ويا آھن. اٽو خريدڻ لاءِ جڏهن پئسا ڳڻي وري ڳڻيائين تڏهن به ڏھ ڪلي واري اٽي جي ڪٽي خريد ڪري نه پي سگهيو، سندس اکين آڏو سندس ٻچڙن جي بک تري آئي، محسوس ڪيم سندس اکين جا بند ڀڄي پيا هئا. مون تي نظر پيس، ايئن محسوس ڪيم ڄڻ چوندو هجي ته دنيا ۾ جيتريون به لعنتون آھن، بک سڀني لعنتن جي ماءُ آھي، ماني ڪارڻ ڪيڏا نه ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون، مرڪون موڪلائي ٿيون وڃن. حسين چھرا ڪاراٺجي ٿا وڃن. بت ڀريل بدن هڏائون پڃرو بڻجي ٿا وڃن. سندس حالت ڏسي ايئن محسوس ڪيم ته هڪ مرڪندڙ چھري کان ٻارن کي ريجهائڻ وارا اهي تال به وسري ويا هوندا ته، پٽ رانديڪا ۽ ڪپڙا ٻي عيد تي وٺنداسين، عيد ته هر سال ايندي آ پر هتي ته مانيءَ جو سوال آ، جيڪا پاپي پيٽ کي هر حال ۾ گهرجي. هن وٽ ته هاڻ پنهنجن ٻچن کي ريجهائڻ لاءِ علي بابا جي چنڊ ۽ ماني وارا گفتا به ڪا معنيٰ نه ٿي رکيا، پٽ پاڻ غريب آھيون، پنهنجي مانيءَ جو حساب به ان چنڊ جيان آھي ڪڏهن سڄو، ڪڏهن اڌ، ڪڏهن چوٿو ته ڪڏهن آھي ئي ڪو نه! بس سندس بک وارو اشتهار منهنجي اکين آڏو ٽانڊو بڻجي ٽھڪي ٿو ته، آھي ڪا اهڙي بازار؟ جنهن ۾ آئون پنهنجي بک وڪڻي پيٽ جي ماپ جيتري ماني وٺي سگهان!؟

غلام علي گل ٻجورو/ سجاول

بيروزگار ماستر!‎‎

سندس ڌيءُ چيس بابا اڄ 27 رجب، عيد جي رات آھي، ڇا وٺي ايندئو؟ سندس پُٽ وچ ۾ڳالھايو “بابا! مرغي ۽ پيهون وٺي اچجو” پاڻ سوچن جي ڪنهن گهري سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. سندس گهر واري خيالن جي دنيا مان کيس ڪڍندي پڇيس “ ڀلا پگهار جو ڪو آسرو آھي يا نه؟ ڏهن مهينن کان بنا پگهار جي پيا پڙهايو، ان کان ته اھا پرائيويٽ نوڪري ئي چڱي هئي، ڀلا گھٽ ئي صحيح پر ھر مھيني پئسا ته آيا پئي، گھر ته هليو پئي، مون وٽ به جيڪي پئسا پيل هئا سڀ کپائي ڇڏياسين، ادي وقار کان به 20 هزار وٺي چڪا آھيون، دڪان واري جو به چڱو ڀلو قرض رھيل آھي، کير واري جا به پوين پنجن مهينن جا پئسا رھيل آھن، گئس ۽ بجلي جو بل به نٿئون ڏنو، هڪ هفتي کان توھان جي بابا جي دوا به کٽل آھي.” ها اڃا شايد ڪجھ مهينا لڳندا! اصل ۾ سنڌ ۾ سالن کان روايت رھي آھي ته هتي ڪڏهن به ماسترن کي وقت سر پگهار ناھي ملي سگهي. پنهنجن لاءِ احتجاج ڪريو، پوليس وارن جا ڏنڊا ۽ لٺون به کائو ۽ گرفتار به ٿيو، تڏهن وڃي ڪو پنهنجا جائز مسئلا حل ٿي سگهندا، نه ته نه، اهو ئي سبب آھي جو کوڙ سارا قابل استاد ھن پيغمبري پيشي ﮐﻲ الوداع چئي وڃيو ٻيون نورڪيون ڪن. خير ٻڌو اٿئون ته جي ايس ٽي وارن کي هن مهيني (پھرين مارچ) تي شايد پگهار ملڻي آهي، باقي اسان پي ايس ٽي وارن جا ته ڪاغذي مسئلا ئي ختم نٿا ٿين. بس اڄ ڀلاري رات آھي، اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته جلد ڪو پگهار ٿي وڃي. آئون ڪنهن دوست ڏانهن ڪال ڪريان ٿو ۽ ڪجھ پئسن جو بندوبست ڪريان ٿو، عيد ته ڪريون ٿا، پوءِ اڳتي جيڪو نصيب!

محمد افضل خاصخيلي/نوابشاھ

وزيراعظم ھائوس يا شاھي ھائوس!؟

ھڪ طرف ملڪ جو وزيراعظم ۽ ملڪ جي خزاني وارو وزير چون ٿا ته مان ۽ وزيراعظم صاحب ۽ ڪابينا سادگي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم پاران ڪفايت شعاري ڪاميٽي پڻ ٺاهي وئي آهي ۽ ٻئي طرف ڏسجي ته تازو ئي وزيراعظم هائوس پاران وزارت خزانا ڏانھن 75 ملين جي سمري وزيراعظم هائوس جي خرچن لاءِ موڪلي وئي آھي، جنھن ۾ سبب اھو ڄاڻايو ويو آھي ته مھانگائي جي ڪري وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ھاڻ مھانگائيءَ مان تنگ آيل غريب عوام جو سوال اھو آهي ته ڇا مھانگائي جي ڪري صرف وزيراعظم هائوس ئي متاثر ٿيو آهي ۽ ڇا مھانگائي کي صرف وزيراعظم هائوس ئي نظر اچي ٿو؟ ۽ باقي ملڪ مھانگائي کي نظر نٿو اچي؟ ۽ مٿان وري انھن جي ھڪ ڳالھ چئي پنهنجي ڳالھ تان ڦري وڃڻ، ان ڳالھ مان ڏسي سگھجي ٿو ته جڏھن تازو ئي وزير خزانه مني بجٽ پيش ڪري رھيو ھو ته ان چيو هو ته اسان جي پوري ڪوشش آھي ته عوام تي مھانگائيءَ جو گھٽ کان گھٽ وزن رکون ۽ اسين مني بجيٽ ۾ روزمره جي شين تي ڪو به ٽئڪس نه لڳايو آهي ۽ ٻئي ڏينھن تي انھن روزمره جي شين جي اگھن ۾ هوش اڏائيندڙ اضافو ڪيو ٿو وڃي. بس ھاڻي غريب جو انھن کي اھو چوڻ آھي ته غريب عوام کي حڪومت ملڻ کان اڳ جيڪي ھنن خواب ڏيکاريا هئا اھي بلڪل ئي اڌورا رھجي ويا آهن، ھاڻي پنھنجين ڪوڙين ڳالھين ذريعي غريب ۽ سادي عوام کي بيوقوف نه بڻائين پر پنھنجين ڪيل ڳالھين تي عمل ڪري ڏيکارين نه ته استعيفيٰ ڏئي ڪنھن ٻئي کي موقعو ڏنو وڃي.

سعيد احمد/ نواب شاهه