سوال/سروي جهانگير ترين گروپ عمران حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي آهي: عوام

0
515

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عمران سرڪار خلاف بغاوت: جھانگير ترين ڌار گروپ ٺاھي ورتو، ڇا جھانگير ترين حڪومت لاءِ خطرو ثابت ٿيندو؟ ان سڄي صورتحال کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته حڪومت لاءِ جهانگير ترين گروپ خطري جي گهنٽي آھي، ترين جو ٺاھيل گروپ عمران خان جي لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجندو، ڪجهه ماڻهن اهو به چيو ته ترين جي گروپ سان حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته بلڪل جيڪڏھن هو واقعي اسٽينڊ وٺي بيٺو ته. پر لڳي ايئن ٿو ته هن وقت جهانگير ترين جنهن ڏکئي مرحلي مان گذري رهيو آھي ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪپتان تي پريشر وجهڻ جي نيت سان گروپ جي شڪل ۾ سامهون اچي رهيو آھي. خادم گهراڻو لکيو ته جهانگير ترين پنهنجي بچاءَ جي لاءِ گروپ ٺاهيو آهي اڳ ته عمران جو ساٿي هو جهانگير ترين جي باغي گروپ سان عمران خان کي خطرو آهي عمران جي حڪومت کي به خطرو آهي. گل حسن لکيو ته حڪومت کي ڪو خطرو ناھي وري اهڙي صورتحال ٿي به ته لوٽاڪريسي کان ڪم ورتو ويندو، دانش سولنگي لکيو ته بلڪل به خطرو ثابت نه ٿيندو، جاويد احمد لکيو ته جهانگير ترين بليڪ ميل ڪري پنهنجو نقصان پيو ڪري، عمران خان کيس بچائڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ترين سان گڏ نواز ليگ جا مهرا آهن، شاهد ڏاهري لکيو ته جهانگير ترين جو گروپ حڪومت لاءِ ڏکيو ثابت ٿيندو، اياز احمد لکيو ته جهانگير ترين سدائين ڏکڻ پنجاب ۾ اڪثريت رکڻ ڪري فائدا وٺندو رهيو آهي، پهريون ڀيرو عمران سرڪار تي پريشر دٻائڻ لاءِ هي شروعات ڪئي آهي. محمد پريل عباسي لکيو ته حڪومت لاءِ جھانگير ترين نقصانده ثابت ٿي سگھي ٿو پنجاب ۾ اپوزيشن ليڊر يا چيف منسٽر پنجاب جھانگير ترين جو ٿيندو ڇو ته نون ليگ ڪنھن به صوبي يا وفاق جو حصو ڪنھن به صورت ۾ نه ٿيندي ٻيو ظاھري طور ته ڊرامو آھي پر اندروني پي ٽي آءِ ۾ پارٽي جو جھيڙو گھڻو آھي ھي سال گورنمينٽ جو آخري ٿي سگھي ٿو ڇو ته بي اعتمادي آئي ته عمران خان اسيمبليون ٽوڙيندو پر ٻئي کي وزير اعظم ٿيڻ نه ڏيندو، اي ڊي لغاري لکيو ته جهانگير ترين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ترين عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي هئي، شنڪر باغي لکيو ته ڪنهن کي ڪجھه به ڪونه ٿيندو، لڳي ائين ٿو ته اصل ڌڻين حيثيت آھر عمران خان، ن ليگ، پ پ وغيره سڀني کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آھي، ڪاشف لغاري لکيو ته کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪرپٽ ٽولي جو ھڪ خاص ماڻهو جنهن وفاقي حڪومت کي وڏو ساٿ ڏنو ۽ عمران حڪومت کي ٺاهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو اڄ جڏهن عمران سرڪار سندس ڪرپشن ظاهر ڪئي آهي ته جھانگير ترين ٻين ڪرپٽ سياستدانن جيان حڪومت کان رستا الڳ ڪري ڇڏيا، ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا عمران سرڪار اليڪشن وقت ۽ حڪومت ٺھڻ وقت ترين کي ڇو ڪجهه ڪونه چيو؟ باقي حڪومت لاءِ ترين گروپ جو ٺهڻ نقصانڪار آهي، حڪومت پريشاني جي ور چڙھي وئي آهي. ساگر علي رضا لکيو ته عمران خان ۽ جهانگير ترين جا اختلاف صرف ڏيکاءُ جا آهن. جهانگير ترين هميشه وفاق سرڪار سان ملي ملڪ کي لٽيو آهي. کنڊ توڙي ٻين شين جا اگهه جهانگير ترين جهڙن مافيا جي مرضي سان مقرر ٿيندا آهن. ثناءُالله چنا لکيو ته ان سان ته عمران سرڪار لاءِ مشڪلات پيدا ٿيندي ۽ حڪومت خطري ۾ پئجي ويندي عمران خان هلي ئي جهانگير ترين جي ايڊ تي پيو سو هاڻي خطرو ڪري، عاشق حسين لکيو ته بظاھر حڪومت لاءِ ڪوبه خطرو نه آھي ، سڀ ٻڌل آھن ، صرف عمران کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ شوشو ڪيو اٿئون، اپوزيشن طرفان ھڪ دفعو ٻيھر عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪن ٿا ته ان ۾ جھانگير ترين گروپ مدد ڪري ٿو ته پوءِ حڪومت ختم ٿي سگھي ٿي. آفتاب لغاري لکيو ته جھانگير ترين جو ھن حڪومت جي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ڪيو تنھنڪري سرڪار جيڪڏھن معاملي کي سنجيده نه ورتو ته پارٽي سطح تي پي ٽي آءِ سرڪار کي نقصان ٿيندو، عبدالهادي لکيو ته حڪومت لاءِ پريشاني ٿيندي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته وزيراعظم عمران جي بقول ته ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس وزير اعظم يوٽرن نه وٺي، اسلم سومرو لکيو ته جهانگير ترين پنهنجو فائدو وٺي عمران سرڪار سان ٺھي ويندو، مظهر عباسي لکيو ته جھانگير ترين صرف پنھنجي ذات لاءِ پيو وڙھي ان جنگ ۾ کيس فائدو پوندو، محمد وارث رند لکيو ته جھانگير ترين جو اھو گروپ هن وقت ڀلي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري پر اڳتي هلي پنجاب ۾ عمران خان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو، فيصل وزير مري لکيو ته عمران سرڪار کي ڪجهه نه ٿيندو، رياض حسين بهڻ لکيو ته ترين سٺو ڪم ڪيو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته جهانگير ترين به پي ڊي ايم وانگر ڪجهه به نه ڪري سگهندو ، سلمان ميمڻ لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، شمس الدين رند لکيو ته ترين جو ٺاھيل عليحدہ گروپ عمران خان جي حڪومت لاء مشڪلاتن جو سبب بڻجندو، ظفر رند لکيو ته حڪومت لاءِ جهانگير ترين گروپ خطري جي گهنٽي آھي، سڪندر بلوچ لکيو ته جھانگير ترين پنھنجي بچاءَ لاء مجبور ٿي گروپ ٺاھيو آھي، عصمت الله رند لکيو ته ترين جو ٺاھيل گروپ عمران خان جي لاء مشڪلاتن جو سبب بڻجندو.