اشو آف دي ڊي سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءُ ۽ انجنيئر ۾ ٺيڪي تان جهيڙو: سوشل ميڊيا تي بحث

0
526

لاڙڪاڻي ۾ ٺيڪي جي مسئلي تان ٿيل جهيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بابت ڄاڻايو پيو وڃي ته سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءُ رحمت الله ابڙو ۽ انجنيئر آفتاب ابڙو وچ ۾ ٺيڪي جي معاملي تان منهن ماري ۽ گارگند بعد جهيڙي جي صورتحال پيدا ٿي وئي، ان سلسلي ۾ مظفر بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ ٺيڪي جي مسئلي تان پراونشل بلڊنگ جي آفيس جنگ جو ميدان بڻجي وئي، سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءُ رحمت الله ابڙو ۽ انجنيئر آفتاب ابڙو وچ ۾ اين آءِ ٽي جي معاملي تان منهن ماري ۽ گارگند ڪرڻ بعد انجنيئر جي حمايتي ملازم ۽ ٺيڪيدار ھٿين پئجي ويا، ھڪٻي مٿان لتن مڪن جو وسڪارو ڪري ڏنو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. جنهن تي عنايت منگي لکيو ته مال تي جهيڙو آهي. مير علي دوست جتوئي افسوس جو اظهار ڪيو. سميع الله منگي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ ٽي جي معاملي تان پراونشل بلڊنگ لاڙڪاڻي جي ملازمن ۽ پي ٽي آئي جي سينيٽر سيف الله ابڙو جي ڀاءُ رحمت الله وچ بدڪلامي ٿي، هڪٻئي کي مارڪٽ، وڊيوز وائرل ٿي وئي آهي. جنهن تي احمد سعيد لکيو ته مال تي جهيڙو آهي، مختيار علي لکيو ته نا اهل اسان جو مالهي آهي، خالد چانڊيو لکيو ته اها تبديلي آهي، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي پي ٽي آئي سينيٽر جو لاڙڪاڻي ۾ آندل نئين پاڪستان واري ماڊل جو ڏيک آهي. جتي تازو سينيٽر ٿيل پي ٽي آئي اڳواڻ سيف الله ابڙي جو ڀاءُ هن طرح سان پراونشل ٺيڪو وٺڻ آيو آهي. اسان سمجهو لاڙڪاڻي مان مڊل ڪلاسي اڳواڻ اچي سياسي وڏيرپ جو خاتمو آڻيندا ۽ نئون پاڪستان ڏيکاريندا پر سنڌ جي نصيب ۾ جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي راجڪمار ونجارا لکيو ته خورشيد شاهه، منظور وساڻ يا خيرپور جا سيد ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ مڊل ڪلاس جا ھئا پر فرق ڇا آيو؟؟ اصل مسئلو سسٽم جو آھي. ڪاشف خواجه لکيو ته پبلڪ هيلٿ جا ٺيڪا جاري ئي ڪامورن ۽ ميمبرن جي ڪميشن لا ڪيا ويندا آھن،سڄي سنڌ ۾ پبلڪ هيلٿ جا ڪم جڳاڙي ناڪاره ناڪام ۽ خانه پوري وارا هوندا آھن، پبلڪ هيلٿ جي ڪمن ۾ پنجاهه سيڪڙو تائين ڪميشن ڏني ويندي آھي، اشفاق آذار لکيو ته پئسا خرچ ٿيل آهن، سينيٽري جي ٽڪيٽ ڪا مفت ۾ ملندي آهي ڇا؟ فاروق سومرو لکيو ته اوھان به لڳي ٿو متاثر ٿيڻ ۾ دير نه ٿا ڪيو جيڪو ڏوڪڙ ڏئي ٽڪيٽ وٺي ان مان وري اميدون؟ منظور سولنگي لکيو ته پ پ جي سٺي ونگار پيا وهو، ڊاڪٽر اصغر علي لکيو ته ڪير به اچي، اسان جي تربيت ئي با اخلاق واري ناهياهم اسٽريٽجيز جي ضرورت آهي، محمد بخش پنهور لکيو ته ڪرپٽ ڪامورن ۽ سياستدانن کي شرم اچڻ گهرجي، بشير ٿيٻو لکيو ته مال تي جهيڙو آهي، شاهنواز شاهه لکيو ته جڏهن پئسو ماڻهو وٽ ايندو آهي ته اهي پاڻ کي نواب، سردار، رئيس، مير پير جاگيردار سمجهندا آهن، ميان الياس عباسي لکيو ته پھريون مسئلو سمجهو ۽ ٿوري تڪليف ڪري تحقيق ڪيو ھا پوءِ پوسٽ رکو ھا ته خوشي ٿئي ها، شھزاد علي لکيو ته پ پ کانسواءِ سنڌ ۾ ڪهڙو به وڏيرو سردار هجي ڪجهه به ناهي، سرائي فياض شيخ لکيو ته اهو سامهون ڏسڻ ۾ آيو، ڪرم علي شاهه لکيو ته مڊل ڪلاس جا پير گپ ۾ ۽ اکيون آسمان تي هونديون آهن.( ڪارل مارڪس) عبدالوحيد لکيو ته جاتي ڪاٿي مال تي جھيڙو آهي. بشير ميراڻي لکيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مطلب ڪامورن جي لاءِ مال غنيمت. نذير احمد ۽ امير حسين افسوس جو اظهار ڪيو، اظهر علي لکيو ته نوان سياستدان به عوام جا همدرد گهٽ آهن ۽ پئسا اوڳاڙي ۾ لڳل آهن، عبدالواسيع ميمڻ لکيو ته سيف الله ابڙو تمام سٺو ماڻهو آهي، ڀاءٌ جو گناهه سيف الله جي کاتي ۾ نه وجهو، بلاول غلام نبي، عبدالقدير ۽ دلدار چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، طالب بوزدار لکيو ته شرم اچڻ گهرجين، سارنگ نائچ لکيو ته هي ارب پتي پئسا ڏئي ڪري سينٽر ٿيو آهي هي ڪڏهن کان عوام جو خير خواھ ٿيا آهن،عاطف سومرو لکيو ته ڏوهه ڪنهن جو آهي، صدام ميمڻ لکيو ته سنڌ جو نصيب ئي اهڙو آهي ڪرسي تي ويهندي ئي انسانيت ختم ٿي ويندي آهي.