سوال/سروي اڳوڻن نمائندن جا پرڪار ياد آهن، ووٽ لاءِ آيا ته پڇاڻو ضرور ڪبو، نون اميدوارن کي موقعو ملڻ گهرجي: عوام

0
230
سوال/سروي اڳوڻن نمائندن جا پرڪار ياد آهن، ووٽ لاءِ آيا ته پڇاڻو ضرور ڪبو، نون اميدوارن کي موقعو ملڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مڪاني چونڊن ۾ آزمايلن کي آزمائيندا يا نون اميدوارن کي موقعو ڏيندا ؟ اڳوڻا چونڊيل نمائندا ٻيهر ووٽ لاءِ ايندا ته ڇا ڪارڪردگي بابت انهن کان سوال ڪندا ؟جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اڳوڻن نمائندا جا پرڪار ياد آهن جيڪڏهن هن ڀيري ووٽ وٺڻ آيا ته انهن کان ڪارڪردگي بابت سوال ضرور پڇنداسين، باقي هن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ تبديلي ضروري آهي، نون اميدوارن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته اسان ڪنھن کي به ووٽ نه ڏينداسين، مان ته چوان ٿو مڪاني نظام کي ختم ڪري ڇڏيو، ڪھڙا ڪم آھن، مڪاني ادارن جو معمولي ڪارنامو ٻڌايو، مڇر مار اسپري به ٿيندو ناھي پر جي اسپري ٿيندو به آھي ته مخصوص ماڻھن جي گھرن ۽ واڙن کي ٿيندو آھي، صابڻ جي ٽڪي جيڪا ٽوٽل ويھه رپين جي ھئي ان ۾ ڏھه پيٽ نڪتل ائين ھٿ وجھيون بيٺا ھئا جھڙو غريب کي سون جي سر پيا ڏين. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ آزمايلن کي نه آزمايو، نون اميدوارن کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي،

طارق باجڪاڻي لکيو ته بلدياتي اليڪشن کي اسين ڪوڙ ۽ ٺڳي کانسواءِ ڪجهه به نٿا سمجهون، سنڌ جي شھر ۽ ڳوٺن جي جيڪا حالت آهي اھا سڀني جي سامهون آهي شھر جي وارڊن جي ڪروڙين رپيا بجيٽ ۽ ھر يوسي جي ست کان اٺ لک بجيٽ ھجڻ باوجود اتان جو انفرا اسٽرڪچر تباهه و برباد بڻيل آهي، مڪاني اليڪشن غير سياسي طور ۽ ايمانداري سان ٿين ته گهڻون ڪجهه بدلجي سگهي ٿو مگر ھن حڪومت ۾ اليڪشن صاف شفاف ٿيندي نظر نٿو اچي. اياز علي راهوجو لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ ھن دفعي نون اميدوارن کي موقعو ڏيڻ گھرجي آزاد اميدوارن کي آزمائي ڏسجي ته ھو عوام جي اميدن تي پورو لھن ٿا يا نه؟ ممتاز علي سميجو لکيو ته پراڻن اميدوارن جا پرڪار ياد آهن هن مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ  نوان اميدوار ڏسون ڪهڙو ٿا نيهن نڀائين، نون اميدوارن کي  موقعو ڏيڻ گهرجي، محمد حنيف لکيو ته وقت اچڻ تي مڪاني چونڊن ۾ انشاءَالله بهتر فيصلو ڪنداسين، نادر علي سيال لکيو ته مون ته آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو به ووٽ گهرڻ ايندو ان جو استقبال اهڙو ڪيو ويندو جو ياد رکندو،

اسد انڍڙ لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جو عوام اڃا ساڳيا آزمائيندو بهتري جي اميد گهٽ ٿي نظر اچي، مدثر کهاوڙ لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ نوان چهرا اچن يا پراڻا چهرا پر اقتدار ملڻ کانپوءِ سڀ مٽجي ٿا وڃن، ٻي ڳالهه جيڪي چيئرمين چونڊجي ايندا اهي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جا خزانچي ٿي وڃن ٿا پوءِ اهي ڪيڏانهن ترقياتي ڪم ڪرائيندا؟. بشير ميراڻي لکيو ته هتي اسان وٽ اها انڌي ساڳيو جنڊ، سنڌ جي عوام کي اڃان سئو سال لڳندا، مڪاني چونڊن ۾ ساڳيا چهرا آهن، ڪا به تبديلي نه آهي. شاندر احمد مغل لکيو ته سنڌ ۾ تبديلي جي ضرورت آھي، جيڪا مڪاني چونڊن ۾ اچڻ گهرجي، فضل سبزوئي لکيو ته اسان جي ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ۾ چاليھه سالن کان پيپلز پارٽي اقتدار ڌڻي رھي آھي شهر جي حالت رحم جوڳي آهي ھر پاسي مٽيءَ جي ڌوڙ لڳ پئي آهي روڊ رستا کنڊارت جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ھن دفعي بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جي مقابلي لاءِ نوان چهرا ظاهر ٿيا آهن، لڳي ائين ٿو ھن بلدياتي اليڪشن ۾ ناڪامي پ پ  جو مقدار آھي،

نادر ابڙو لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ سڀني پارٽين وٽ ڪابه تبديلي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ساڳيا چھرا يا انهن کان وڌيڪ نا اهل نمائندا، جن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون اٿن، جيڪو نه ٿو لڳي ته عوام جا اهنج گهٽ ڪندا، ان سان گڏ اهو به آھي ته سياسي ڌرين وٽ ڪا عوام لاءِ ڪا ڀلائي واري پاليسي هجي، سڀني پارٽين جا ليڊر ساڳيا ئي پروگرام ٻڌائي هڪ ٻئي تي تنقيدون ڪري اٻوجھه عوام جون حمايتون حاصل ڪندا آھن، سروي مطابق عوامي ڀلائي جو رستو ڪنهن به ڌر وٽ ڳالهين کان سواءِ نه آھي. مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته اليڪشن ڪٿي ھتي سليڪشن ٿيندي آھي، انيس باقي بلوچ لکيو ته ڪنھن به پارٽي کي نه ڏسجي، اميدوار جي، اخلاق، اٿڻ ويھڻ، ڏک سک ۾ ڪم ڪرڻ به ڏسجي، باقي لڳي نه پيو ته ائين ٿيندو ڇو ته سنڌ جو عوام في الحال ان شعور جي سطح تي پھتو ئي ناھي، ھن وقت به اسان غلامي واري فڪر ۾ ووٽ ڏيو پيا. منظور زرداري لکيو ته مڪاني چونڊن ۾ ساڳيا چھرا اچن يا نوان چھرا ٿيندو ڪجھه به ڪونه بجيٽ ھڙپ ڪري ويندا، مير سڪندر سولنگي لکيو ته اگر ساڳيا چھرا آيا ته انھن کان ضرور پڇنداسين ته 5 سال ڪٿي گم ھيا؟.