لاهور (اسپورٽس نيوز) هاڪي ايشيا ڪپ لاءِ 20 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، قومي ٽيم پهرين ميچ 23 مارچ تي ڀارت خلاف کيڏندي. سليڪشن ڪاميٽي رانديگرن جي ٽرائلز کانپوءِ صدر پي ايچ ايف خالد سجاد کوکر جي منظوري کانپوءِ اعلان ڪيو. پرفارمنس جي بنياد تي رانديگرن ۾ گول ڪيپرز اڪمل حسين ۽ عبدالله اشتياز خان، ڊيفنڊرز مبشر علي، عماد شڪيل بٽ، حماد الدين انجم، محمد عبدالله، رضوان علي، مڊ فيڊرز عمر بهٽو، علي شان، معين شڪيل، عبدالحنان، جنيد منظور، غضنفر علي، اٽيڪرز ابوبڪر محمود، اعجاز احمد، رانا عبدالوهيد، محمد سلمان، رزاق، رومان، افراز ۽ عبدالحنان شاهد شامل آهن.