مزدور جي اجرت: ووٽ سان انتقام

0
123
مزدور جي اجرت: ووٽ سان انتقام

جنهن جي 40 هزار پگهار آھي اهو به چوي ٿو ته اڃان وڌايو ۽ جنهن جي 2 لک پگهار آھي اهو به چوي ٿو ته منهنجو گذارو نٿو ٿئي پر ڪنهن اهو سوچيو آھي ته مزدور جي ڏهاڙي 500 رپيا آھي ۽ ٽائيم به 8 ڪلاڪن کان به وڌيڪ آھي مزدور ويچاري جي مزدوري ٽوٽل 500 رپيا، بجلي جو بل 7000 رپيا، گيھه جو ڪلو 400 رپيا، اٽو 80 رپيا، ڪلو کنڊ 120 رپيا ڪلو ھجي ته اتي ھڪ پورھيت جو ڪيئن گزارو ٿيندو ھوندو روز ڪئانيدو ته کائيندو، جيڪڏهن ڪم تي نه ويندو ته ان کي مزدوري به نه ملندي ۽ نه وري ڪا انکي سهولت مليل آھي جيئن ڪنهن نوڪري واري کي مليل هوندي آھي ۽ نه وري ان کي ڪا رٽائرمينٽ ملندي آھي هن مهانگائي جي دور ۾ ڪيئن ٿو پنهنجو وقت گذاري ڪڏهن ڪنهن نوڪري واري ماڻھون سوچيو آھي يا ان جو ڪڏهن ڪنهن آواز اٿاريو آھي ته مزدور جي مزدوري وڌايو.؟ نه صرف پنهنجي لاء پيو هرڪو سوچي ڪڏهن ڪنهن نوڪري واري کي صرف هڪ ڏينهن سر تگاري تي مزوري ڪرايو ته خبر پئجي ويندس ته مزدور جي مزدوري ڪيتري هجڻ گھرجي؟ اسان کي گھرجي ته ھاڻي سڄاڳ ٿي پنھنجو حق کسي وٺون ۽ ووٽ ئي بھترين انتقام آھي، سڀنيءَ دوستن کي عوامي راڄ تحريڪ پاران سڏ ڏجي ٿي ته مزدور غريب مسڪين ماڻهن کي سگھارو آواز بڻائي ايوان تائين پھچ ڏيو. ( فيس بوڪ تان ورتل)