حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سازش تحت سن تي حملو ڪيو ويو. سيد جي پرامن سالگرھ ملهائڻ لاءِ ويندڙ ھٿين خالي ڪارڪنن تي تشدد ڪري مٿن گوليون هلايون ويون. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جسم سربراهه چيو ته لاقانونيت جي انتھا آهي جنهن ڪري سمورا انساني حق ۽ انساني آزاديون غضب ڪيون پيون وڃن. سنڌ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف خاموش رھڻ لاءِ سرڪار هر ڀيري قومي ڪارڪنن خلاف اهڙا هٿڪنڊا استعمال ڪندي رهي آهي. هن چيو ته ڪرپشن ۽ رياستي جبر خلاف آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ پرامن جلسن تي حملا ڪيا پيا وڃن پر وحشت خلاف نه ئي پارليامينٽ ۾ ڪو آواز اٿي ٿو ۽ نه ئي وري ڄاڻايل معاملي تي عدالتون نوٽيس وٺن ٿيون. پنجاب جي مفادن جو تحفظ ڪندڙ سرڪار سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان لڳائي رھي آھي ۽ هاڻي سنڌ ۾ قومي حقن جي ڳالھ ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سن ۾ ڊگھي عرصي کان سرڪاري فرمانن ذريعي کين پنھجي رھبر جو ڏھاڙو ملھائڻ نٿو ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سن واقعي جو ڪيس زخمي ڪارڪن حنيف نھڙيو جو فرياد تي سنڌ سرڪار خلاف داخل ڪيو وڃي.