ڪراچي (نمائندن وٽان) سن واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سينئر نائب صدر روشن ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. روشن ٻرڙي ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي جي جمهوري حڪومت جون دعوائون کوکليون ثابت ٿيون آهن. سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه روڪڻ لاءِ ڪڏهن جنرل ضياءُ ۽ مشرف جي دورن ۾ به اهڙي دهشتگردي نه ٿي جيڪا موجوده جمهوري حڪومت ۾ ٿي آهي. هن چيو ته سن ۾ پرامن ڪارڪنن کان جهنڊا کسي مٿن لٺبازي ڪئي وئي ۽ فائرنگ ڪري خوف ۽ حراس ڦهلايو ويو جنهن سبب ڪارڪن زخمي ٿيا.شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ ۽ ايس يو پي پاران لکيدر گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين اسد الله سومرو، عمران منگي جي اڳواڻي ۾ گڏيل ريلي ڪڍي وئي. ٽنڊو محمد خان ۾ جئي سنڌ محاذ ء ايس يو پي پاران زاھد جسڪاڻي ؛  اصغر نوناري ؛  مختيار خاصخيلي ؛  سليم ھاليپوٽو ؛ ايس يو پي جي ضلعي صدر  صدر شاھد نور ميمڻ ؛  ناظم نارو   ۽ قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ايس يو پي اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ليديز فرنٽ پاران ڪريم چانڊيو، شيبا مغل، ڊاڪٽر مظهر مغل، طالب مغل، خورشيد ڪيهر، منظور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. سکر ۾ ايس يو پي طرفان عيدن جاگيراڻي، حسيب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾ ايس يو پي ڪارڪنن منظور ميمڻ، علي حسن چانڊيو، لالا اظھر پٺاڻ ۽ محمد خان مري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو،ٺٽي ۾ ايس يو پي جي ضلعي اڳواڻ عمران خشڪ ۽ جئي سنڌ محاذ رياص چانڊيو جي ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ امجد شورو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ٺٽو آڏو ، ڪراچي ٺٽو قومي شاهراھ احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. عمرڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن گل بجير ايڊووڪيٽ، گل منير ولھاري، رمضان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، گولاڙچي ۾ ايس يو پي ۽ جسقم طرفان ابو نوحاڻي لعل چانڊيو منور پنھور مختيار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپوربٺورو ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، عبدالغفور چانگ ۽ الطاف چانگ جي گرفتاري اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جوهي ۾ ايس يو پي پاران غلام قادر لغاري، جمن ٻٻر، خادم باهوٽو ۽ ٻين پريس ڪلب جوهي دادو روڊ تي مظاهرو ڪيو، ميھڙ۾ ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفي چانڊيو، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاج ڪيو ويو.ڍورونارو ۾ ڪامريڊ روشن منڱريو، مھر علي سمون ۽ ڪامريڊ ولي نھڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ شاھنواز باغي، غلام الله بچاڻي، رحيم سميجو، آڪاش نھڙيو، ڪاشف نھڙيو ۽ غفار نھڙيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊو آدم ۾ ايس يو پي پاران ڪامريڊ محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، امداد چانڊيو، ساگر ڏهراج، گل حسن لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سڪرنڊ ۾ ايس يو پي پاران شهمير جمالي، قاسم سومرو، محمد خان گدارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،مورو ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن ڄام اسلم ڪوريجو، ياسين سومرو، قادر بخش ڪورائي، ابرار مورائي، جگديش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، خيرپورناٿن شاهه ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي نظير احمد ٻٻر،غلام محمد گاڏھي،ايس ٽي پي اڳواڻ علي حسن جانوري، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ لياقت کوسو،نثار لاکير،شبير لاکير، امير لغاري،جواد چانڊيو،رشيد سوڍر، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ٺاروشاهه ۾ ايس يو پي جي سڏ تي ڪارڪنن ڪاشف سيال، جهانگير ڏاهري، فرحان سومرو، اعجاز سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.