فيصل آباد(م ڊ) تعويذ جي اثر نه ڪرڻ تي مريد پنهنجي مرشد کي قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. پوليس جوابدار گرفتار ڪري ورتو. فيصل آباد جي علائقي ۾ جوابدار رٺل زال کي پرچائڻ لاءِ پير کان تعويذ ورتو، تعويذ وٺڻ باوجود سندس زال سان صلح نه ٿيو ۽ طلاق ٿي وئي. جوابدار مڇرجي پير کي اغوا ڪري قتل ڪيو ۽ لاش واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. لاش 10 ڏينهن بعد واهه مان مليو. پوليس جاچ بعد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ قتل جو اوزار به هٿ ڪري ورتو.