ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جي 3سرڪاري اسپتالن اوجھا ڪيمپس ، ٽراما سينٽر ۽ گمس ۾ پنهنجا آڪسيجن پلانٽس آهن، اسٽيل ملز جو بند پيل آڪسيجن پلانٽ کولڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ وٽ آڪسيجن ۽ وينٽيليٽر وارا 664 بسترا موجود آهن، جڏهن ته 47 مريض وينٽيليٽر تي آهن، باقي بسترا خالي پيل آهن، اسان گذريل سال کان صحت جون سهوليتون وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، جنهن جو اسان کي فائدو ٿيو، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي موت جي شرح پڻ گھٽ آهي.