اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز ڪورونا جي ٽئين لهر کي خطرناڪ قرار ڏيندي عالمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ صورت اختيارڪري چڪي آهي، پوري انسانيت ڳنڀير حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي، هڪ ڀيرو وري پوري قوم عالمن، ممبر ۽ محراب طرف ڏسي رهي آهي، گذريل سال وانگر موجوده حالتن ۾ به قائداڻي ڪردار جي ضرورت آهي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڪورونا ويڪسين جي حوالي سان غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، انهن کي روڪڻ جي ضرورت آهي، اهي ائين ڪري انساني جانين کي خطري ۾ نه وجهن، هن چيو ته ڪنهن وبا جو علاج يا ان کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ شريعت خلاف نه پر شريعت جي تقاضا آهي، هن اپيل ڪئي ته جنهن کي زڪام، کنگهه هجي اهي شهري پنهنجي گهرن ۾ نماز پڙهن، ٻارن کي مسجدن ۾ نه آندو وڃي، عالم خطبا يا باجماعت نماز کي مختصر رکن، خطبو صرف عربي زبان ۾ پڙهيو وڃي، نمازي سنتون گهرن ۾ ادا ڪن ۽ وضو به گهر مان ڪري اچن، زيارتن، امام بارگاهن، شادي جي تقريبن، سياسي جلسن سوڌو اهڙيون تقريبون جن ۾ ماڻهن جو اجتماع ٿئي ان کان پاسو ڪيو وڃي، تراويح گهرن ۾ به ادا ڪري سگهجي ٿي، ختم قرآن جو انعقاد سادگي سان ڪيو وڃي ۽ هجوم جي صورت اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.