اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو آهي، گهرو وزارت جي ترجمان “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته وفاقي گهرو وزارت کي سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ فوج جي مقرري لاءِ درخواست اڃا ناهي ملي، جنهن ڪري سنڌ صوبي کي پاڪ فوج جون خدمتون ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿي سگهيو، ياد رهي ته گذريل آچر ڏينهن گهرو وزارت پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان صوبن سميت آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ پاڪ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو هو.