اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جي ربراهه اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ اندر 40 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ اڄ کان رجسٽريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو اجلاس بعد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اجلاس ۾ 40 سال ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ شهرين کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ لاءِ رجسٽريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته ملڪ ۾ 50 سالن ۽ ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ شهرين کي ڪورونا جي واڪ ان ويڪسين لڳائي ويندي،