ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف هنڌن تي وڌيڪ 11 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب مبر ۽ ڀرپاسي وڌيڪ 5 ڄڻن لال بخش، تهمينا، ياسمين، عاشق ۽ صدام حسين کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي قمبر جي سول اسپتال مان وئڪسين ڪرائي وئي آھي. سکر جي ڀٽار محلي سان تعلق رکندڙ ٽن معصوم ٻارڙن فرقان ڀٽار، نعمان ڀٽار ۽ عبدالغفار جوڻيجو کي رولو ڪتن چڪي زخمي ڪري ڇڏيو. ٺٽي ويجهو علي بحر اسٽاپ جي رهواسي مير محمد سومرو جي 7 ورهين جي نينگر نسيم سومرو کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو. سجاول جوڻيجو ويجهو ڳوٺ جيئند لڪ ۾ 14 سالن جي نينگر محمد ڪاشف لڪ کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. کاهي ۾ رولو ڪتن 10 ورهين جي سجاد علي ڀنگوار کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.