ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ سرڪار جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪاروباري مرڪز صبح جو 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کولڻ جي اجازت ڏني هئي پر پوليس حيدرآباد شهر جون ريشم بازار، شاهي بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، تلڪه چاڙهي، الرحيم شاپنگ سينٽر، مين روڊ قاسم آباد، لطيف آباد نمبر 8 سميت 11 مارڪيٽن ۾ پهچي ڪاروبار 2 وڳي بند ڪرائي ڇڏيو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف ريشم بازار جي دڪاندارن سخت احتجاج پڻ ڪيو. دڪاندارن موجب سنڌ سرڪار کين 2 ڏينهن رليف ڏيندي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر حيدرآباد ۾ پوليس سندن زوري ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو. پوليس موجب حيدرآباد ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ان ڪري رش واريون بازارون ۽ مارڪيٽون 2 وڳي بند ڪرايون ويون آهن جڏهن ته باقي سمورو ڪاروبار 6 وڳي بند ڪرايو ويو آهي. حيدرآباد ۾ ڀٽائي نگر پوليس انٽر سٽي ٽرانسپورٽ تي پابندي باوجود الفلاح پئٽرول پمپ ڀرسان غير قانوني وين اڏو هلائڻ ۽ پابندي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي وين اڏو سيل ڪري اڏي مالڪ سميت 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جن ۾ حق نواز تنولي, نزاڪت علي, معراج خان, خليل الرحمان, عالمگير, شهروز, عتيق الرحمان, فيروز, غلام نظير, آصف ۽ رحمان شامل آهن. هوڏانهن ڀٽائي نگر پوليس موجب انهن الفلاح پئٽرول پمپ ڀرسان غير قانوني وين اڏو سيل ڪري اڏي مالڪ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ۽ کين وين سميت ٿاڻي منتقل ڪرڻ بعد اڏي مالڪ غلام عباس راهوجو, محمد مقيم ابڙو, علي حيدر سولنگي, ڪاشف مغل ۽ امتياز چانڊيو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل اڏي مالڪ غلام عباس راهوجو, محمد مقيم ابڙو, علي حيدر سولنگي, ڪاشف مغل ۽ امتياز چانڊيو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جن کي اڄ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو پوليس دعويٰ ڪئي ته اڏي تان هڪ وين کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. جهڏي ۾ اي سي جي حڪم تي پوليس سموري شهر ۾ لاڪ ڊائون تحت ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو، ٻي طرف ريشم گلي ۾ اڌ شٽر کولي ڪاروبار ڪندڙ 2 دڪانن کي سيل ڪيو ويو. ڪنڊيارو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم احمد سهتو پوليس موبائيل ساڻ ڪري شھر ۾ کليل سموريون مارڪيٽون بند ڪرائي ڇڏيون، جڏھن ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 4 دڪانن کي سيل ڪيو ويو. ٻي طرف اي سي جي خلاف دڪاندارن ۽ واپاري ايسوسيئيشن جي صدر مير خان سهتو جي اڳواڻي ۾ جلوس ڪڍي سندس آفيس جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقع تي واپارين چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪاروبار کليل رکڻ واري اعلان باوجود اي سي بنا جواز دڪان سيل ڪري بنا جواز ڏنڊ هنيو آهي. خيرپور ۾ ڊپٽي ڪمشنر هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني، ڀرڳڙي پاڙي، پاڪ ترڪ اسڪول ۽ کهڙا جي غريب آباد پاڙي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. انهن علائقن ۾ 14 ڏينهن تائين سمارٽ لاڪ ڊائون جاري رهندو،هڪ هفتي دوران اُتي ڪورونا وائرس جا 18 ڪيس ظاهر ٿيا هئا.