مٽياري (رپورٽر) مٽياري لڳ ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ پنو عاقل ۽ شڪارپور واسي 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. وليس ذريعن جو چوڻ آهي مٽياري ويجهو قومي شاهراهه تي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ پنو عاقل واسي پنج ڄڻا سخت زخمي ٿيا، جن کي تعلقي اسپتال مٽياري آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏيئي کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حيدرآباد کان پنو عاقل طرف ويندڙ ڪار جو ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ محسن، منير، عاشق ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا، هوڏانهن قومي شاھراھ تي ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي پنج ڄڻا سخت زخمي ٿيا، جن تعلقي اسپتال مان فرسٽ ائيد ڏيڻ بعد سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪار تيز رفتار هجڻ ڪري ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وئي جيڪا ڪلٽيون کائيندي وڃي واٽر ۾ ڪري پئي جنهن جي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾ آفاق علي,باسط علي ولد سعيد ابڙو , ابرار ولد عبد العزيز , مسعود شيخ, باقر حسين ولد اطھر خان زخمي شامل آهن،