ڄام نوازعلي (ن پ ا) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ درگاهه تلا شاهه ۾ هڪ هفتو اڳ پاڻي جي واري تان سئوٽن ۾ ٿيل جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل 22 ورهين جي ڳورهاري عورت کنڊران خاصخيلي زخمن جا تاب نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي، عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف عورت جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف عورت جي فوتگي واري خبر پوڻ بعد ڌريون هٿيار کڻي مورچا بند ٿي ويون آهن، خون ريزي جي انديشي بعد ڳوٺاڻن پ پ ايم پي اي ڄام شبير علي کي بروقت اطلاع ڪيو، جنهن تي ڄام شبير علي ايس ايس پي سانگهڙ سان رابطو ڪري کيس وڌيڪ ڇڪتاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد نئون آباد ايس ايچ او اضافي نفري سان واقعي واري ڳوٺ ۾ پهچي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، پ پ ايم اين اي شازيا مري جو ڀاءُ اورنگزيب مري ۽ ڄام ظهير علي واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان حوالي سان مقتول محمد يعقوب خاصخيلي جي ڀاءُ صالح خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان ظلم ٿيو آهي، پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻنداسين، ٻي طرف اورنگزيب مري ۽ ڄام ظهير علي ايس ايچ او گلزار مري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان جي لاپرواهي سبب واقعو ٿيو آهي، هنن کيس هدايت ڪئي ته 48 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته ڪارروايون ڪيون آهن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ياد رهي ته هفتو اڳ گوليون لڳڻ سبب 45 ورهين جو محمد يعقوب خاصخيلي قتل ٿيو هو ۽ سندس نوجوان نهن گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿئي هئي، جنهن اڄ دم ڏئي ڇڏيو، قتل ڪيس نئون آباد ٿاڻي تي 6 جوابدارن مٿان صالح خاصخيلي جي فرياد تي داخل آهي پوليس 6 جوابدارن مان 3 جوابدار گرفتار ڪيا آهن.