ڪراچي (رپورٽ: نذير ميمڻ ) سنڌ ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳائيندڙ صنعتن خلاف ڪارروائي جو  چتاءُ ، ان ڏس ۾  سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خام تيل ۽ صنعتي گند ڪچرو سمنڊ ۾ اڇلائڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي ڊائريڪتر پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو  آھي ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي سيپا ٽيم ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ واقع ٽريٽمينٽ پلانٽ جو دورو ڪري ٽريٽمينٽ پلانٽ جي شفٽ انچارج جي موجودگي ۾ نمونا ( سيمپل ) حاصل ڪيا، رپورٽ مطابق ڊي ايچ اي واٽر ڪميشن کي وڌيڪ 3 ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ جو يقين ڏياريو هو، کين اهي پلانٽ لڳائڻ گهرجن، رپورٽ موجب  انڊسٽريل ايسوسيئشنز ۽  صنعت کاتو گڏيل طور تي صنعتي گدلاڻ روڪڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪن، پلانٽ نه لڳائيندڙ صنعتن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران درخواست گذار پاران سيپا رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي وئي، جنھن تي عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواستگذار ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر پاران موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته صنعتي گندگي، گندو پاڻي ۽ ٻيو ڪچرو اڇلائڻ سبب سمنڊ گدلو ٿي ويو آهي ، انهي سان سامونڊي آبي حيات کي خطرناڪ نقصان پهچي رهيو آهي.