بودرفارم (ن پ ا) بودرفارم نبي لڳ سر واھ مان نڪرندڙ نيو مائينر شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ  برقرار، ان ڏس ۾ نبي سر واھ مان نڪرندڙ نيو مائينر شاخ ۾ پاڻي کوٽ بابت  آبادگارن سجاد علي ميمڻ، قطب الدين لاشاري، چودري مصدق ۽عبدالخالق لاشاري دانهيندي چيو ته شاخ ۾ پاڻي کوٽ سبب اسان جا فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن، آبپاشي عملدار رشوت عيوض بااثرن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.