جوهي (ن پ ا) جوهي برانچ تي ٺھيل ڪاري موري پل جي بحالي لاءِ آبادگارن  پاران ميهر گاڏھي، امام علي رستماڻي، منظور سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، پ پ ايم اين اي رفيق جمالي جي ڀاءُ ڏاتل جمالي به آبادگارن سان يڪجهتي طور احتجاج ۾ شرڪت ڪئي،  ڏاتل جمالي خطاب ڪندي  چيو ته سياست کان هٽي ڪري اسين هڪ مقصد ڪاري موري پل جي بحالي لاءِ گڏ ٿيا آھيون،  هن وڌيڪ چيو ته پاڻي وڌيڪ اچي ته جوهي وارن کي ٻوڙيو ٿو وڃي پاڻي جي کوٽ ٿئي ته جوهي کي سُڪايو ٿو وڃي. هن چيو ته ھو جوهي جي آبادگارن سان گڏ آھي ڪاري موري پل جي بحالي جو ڪم شروع ڪرائي جوهي کي پاڻي پهچايو وڃي جيئن آبادي ڪري سگهون  ان موقعي تي  ٻين آبادگارن ميهر گاڏھي, منظور سولنگي ۽ ٻين  ڳالهائيندي چيو ته ڏھ مهينا گذرڻ باوجود جوهي برانچ جو  پاڻي جوهي تعلقي جي ٽيل ڪندڙ  ڪاري موري پل بحال نه ٿي سگهي آھي ٻوڏ واري صورتحال دوران پل ٽٽي پوڻ سبب جوهي تعلقي جي زرعي پاڻي جو اچڻ  بند ٿي ويو آھي زرعي پاڻي  کوٽ سبب جوهي جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي. آبادگارن مطالبو ڪيو ته ايمرجنسي بنيادن تي پل جي بحالي جو ڪم شروع ڪرائي جوهي تعلقي کي زرعي پاڻي پهچائي جوهي جي آبادگارن جي معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي.