سنڌ ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن به مڪمل لاڪ ڊائون، ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند

0
258

ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ عيد جي ٻئي ڏينهن به مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو آهي، ڪاروباري مرڪز ۽ ٽرانسپورٽ بند پيل آهي، ڪراچي ۾ پابندي باوجود انٽر سٽي بسز هلڻ جون شڪايتون مليون، بسز ۾ شهرين طرفان سماجي وٿي ۽ ماسڪ نظرانداز ڪيو، واهي پانڌي ۾ لاڪ ڊائون ۽ پابندي باوجود عيد جي ٻئي ڏينهن مال پڙي لڳائي وئي، ماسڪ ۽ سماجي وٿي بنا شهرين جي رش، پوليس ۽ انتطاميا خاموش رهيون.