ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف هنڌن تي حادثن ۽ واقعن ۾ 5 ڄڻا  فوت، ڪيترائي زخمي، ڪچا گهر ڊهي پٽ، ڪراچي کان مختلف شهرن ۽ ملڪن ڏانهن ويندڙ 10 اڏامون معطل، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي 16 ضلعن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان، خبر موجب ڪراچي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، شهر ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جاري رھي، گورنر هائوس روڊ، پريس ڪلب روڊ، لڪي اسٽار، شاهراهه فيصل، ڊفينس،  ڪلفٽن، گلستان جوهر، ڪورنگي ڪراسنگ، قيوم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو، لاڳيتي برسات ۽ روڊن توڙي انڊر پاسن  ۾ پاڻي  گڏ ٿيڻ ڪري روڊن تان ٽريفڪ غائب رهي، موسميات کاتي موجب سڀ کان وڌيڪ برسات  صدر ۾ 104 ملي ميٽر پئي، جڏهن ته  قائدآباد ۾ 95.5، ڪياماڙي ۾ 79 ، گلشن حديد ۾ 78، مسرور بيس تي 77،  ڊفينس ۾ 70.5 ، نارٿ ڪراچي ۾ 60، اورنگي ٽائون ۾ 57.5، ناظم آباد ۾ 50، فيصل بيس تي  51، گڏاپ ۾ 49.6،  ڪورنگي ۾ 44، سعدي ٽائون ۾ 39.6،  گلشن معمار ۾ 36.9، يونيورسٽي روڊ تي 36.8، پراڻي ايئرپورٽ تي 33 ۽ جناح ٽرمينل تي 32 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، برسات جو وسڪارو رات دير تائين جاري رهيو، ٻئي طرف ڪراچي ۾ برسات دوران مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽  نينگرن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لي مارڪيٽ ۾ ميمڻ مسجد وٽ گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 40 ورهين جو شان حسين فوت ٿي ويو، لياقت آباد ۾ 17 ورهين جو ضياءِ ۽ لياري جي تيسر ٽائون ۾ هڪ نامعلوم نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، هوڏانهن بلديه دائود ڳوٺ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي نديم، سندس زال پٺاڻي، سندس پٽ ڪرشنا ۽ ڌي سيما زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي برسات سبب ڪراچي کان مختلف شهرن ۽ ملڪن ڏانهن ويندڙ 10 اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جاري ڪيل بيان ۾ چيو  آهي ته تيز برساتن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنن جي سمورن سرڪاري ادارن کي عام موڪل هوندي، ٽنڊو محمد خان ۾ زوردار برسات دوران ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ 20  ورهين جو سجاد خاصخيلي برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، ميهڙ ڀرسان ڳوٺ گنجا ۾ راند ڪندي 7 ورھين جو ٻارڙو ضمير علي پٽ محرم سيال برساتي پاڻي جي بيٺل کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، باڊھه لڳ ڳوٺ دڙا جي ۾ ٻن پورهيتن مصطفيٰ چنو ۽ نظام الدين جوڻيجو جا گهر ڊهي پيا، ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ پيرل ماڪوڙاڻي ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مريم ۽ سندس 10 ورهين جو پٽ دلشاد ماڪوڙاڻي سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 2 ٻڪريون پڻ مري ويون، جهنڊومري ۾ تيز برسات سبب  3 ڪچا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، ٽنڊو ڄام ۾ برسات ڪيترائي فيڊر ٽرپ، بجلي بند، ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻڪريون مري ويون، ڪنري ۾ برسات بعد پوليس اسٽيشن، سول اسپتال، ٽائون ڪميٽي، پبلڪ پارڪ، سول ڪورٽ، مرچ منڊي، ڳڙ منڊي ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، لاکاروڊ ۽ ڀرپاسي يوسي لاکاروڊ، يوسي سعيدپور، يوسي نئون آباد ۾ برسات بعد ٻوڏ جو منظر نظر اچڻ لڳو، جڏهن ته هزارين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ، ڪمند جي فصل ۽ ڪيلي جي باغن کي سخت نقصان رسيو آهي، شھدادپور ۾ برسات سبب شھر جي راجپوت ڪالوني، مدرسه روڊ، اسپتال چوڪ، ملدسي روڊ، هنڱورا روڊ، اسٽيشن روڊ، سهڻي نگر پاڙي سميت مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، حيدرآباد ۾ برسات هيٺاهين وارن علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو، صدر جي علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، پمپنگ اسٽيشنون بند ٿي ويون، حيسڪو جي پڌرائي مطابق ريجن جي 570 فيڊرن مان 210 فيڊر مختلف وقتن تي بند ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ 121 فيڊرن مان 75 فيڊر سيفٽي جو جواز ڄاڻائي بند رکيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، هوڏانهن سيپڪو انتظاميه شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي بجلي بند ڪري ڇڏي، ان کانسواءِ سکر، شھدادڪوٽ، ميروخان، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڏوڪري، ٺل، جهوڪ شريف، قاضي احمد، ڄام صاحب، ڦل، گپچاڻي، سڪرنڊ، ٽنڊوآدم، جھول، دولتپورصفن، مٺياڻي، سرهاري، خانواهڻ، کاهي، کپرو، محرابپور، جھول، چيلھار، نبي سرروڊ، ڍورونارو، نيوڇور، ورڪشاپ، اسلام ڪوٽ، ٺٽو، بدين، گلاب لغاري، دڙو، ٻيلو شھر، سجاول، ڄامشورو، پنگريو، ميهڙ، جنگشاهي، ميرپور ساڪرو، هالا،  جاتي، ڪيٽي بندر، گھارو، ٽنڊوباگو، چوهڙجمالي، پيرو لاشاري، ڳوٺ ڇتو جوڻيجو، رپ شريف، مورجهر، سم نالي، جهالار موري، باغ علي ٽالپر، ٽنڊو محمد خان، گمبٽ، اڳڙا، ٺري ميرواهه، بوزدار وڏا، گولاڙچي، ڪڙيوگهنور، ٽنڊوغلام حيدر، ماتلي، سيتاروڊ، سيراڻي، ڪڍڻ، کوسڪي ۽ ٻين هنڌن تي پڻ برسات پئي،