اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻن 5 صدرن چيف جسٽس آف پاڪستان کان اهم آئيني معاملن تي نظرثاني جي درخواست فل ڪورٽ بينچ ڏانهن موڪلڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻن صدرن چيو آهي ته اهم آئيني ڪيسن ۾ سمورين ڌرين کي ٻڌڻ کانپوءِ گڏيل فيصلو ڪيو وڃي، جنهن لاءِ نظرثاني واري درخواست تي فل ڪورٽ بئنچ ٻڌڻي ڪري. سپريم ڪورٽ بار جي اڳواڻن چيو ته چيف جسٽس اهم آئيني معاملن تي داخل نظرثاني واري درخواست کي فل ڪورٽ بئنچ حوالي ڪري ته جئين اهي اهم فيصلا اچن جنهن سان آئيني گهرجون پوريون ٿين ۽ آئين مخالفن کي شڪست ملي سگهي.