ڄامشورو(رپورٽر)سنڌ يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن بوائز هاسٽل تي پوليس اٽالن جي چڙهائي ۽ ڇڪتاڻ واري واقعي جو 9 نامزد ٿيلن شاگردن سميت 75 ڄڻن مٿان ڄامشوري ٿاڻي تي پوليس جي فرياد تي دهشتگردي، بغاوت ۽ ڊيوٽي اٽڪا جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پوليس مور شاھ، حسنين جوڻيجو، علي رضا بروهي، ثقلين سنڌي، زاهد ڏاهري، پرويز ٻرڙو، بهرام پنهور، جبار بوزدار، اسد نواب ڪلهوڙو ۽ ٻين کي نامزد ڄاڻايو آهي. ايس ايڇ او ڄامشورو مظهر نائچ جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا شاگردن پاران يومِ سنڌو ديش ملائڻ واري تقريب جا پمفليٽ ورائڻ بابت امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پوليس جي گهر ڪئي ھئي جنھن تي بالا آفيسرن جي حڪم تي سيڪيورٽي پلاٽ تيار ڪيو ويو هو پوليس نفري هاسٽل گيٽ تي پهتي ته 70/75 شاگرد ٻاهر نڪتا جن پوليس مٿان پٿرا ڪيو ۽ ملڪ خلاف نفرت پکيڙيندڙ نعرا هنيا ڪيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پٿراءُ سبب سرڪاري پوليس موبائيل جي سائيٽ وارا شيشا ٽٽي پيا ڪانسٽيبل الله بچايو سولنگي ۽ ڪانسٽيبل عمران علي سومرو زخمي ٿي پيا واضح رهي ته گذريل رات ڄامشورو پوليس جي وڏن اٽالن سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي چڙهائي ڪئي هاسٽل گيٽ وٽان ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيا ويا جن ۾ 9 شاگردن کي ڪيس ۾ نامزد ڪري سندن گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.