پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به سفارتي يا واپاري لاڳاپا نه آهن:پرڏيهي آفيس

0
241
پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به سفارتي يا واپاري لاڳاپا نه آهن:پرڏيهي آفيس
پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به سفارتي يا واپاري لاڳاپا نه آهن:پرڏيهي آفيس

پاڪستان چيو آهي ته پاڪستان جا اسرائيل سان ڪي به سفارتي يا واپاري لاڳاپا نه آهن، پاڪستان جي اسرائيل پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي

 پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي وضاحت سامهون آئي آهي، تجارت واري وزارت جي ترجمان پاران به اسرائيل سان لاڳاپن وارن افواهن جي ترديد ڪئي وئي آهي

واپار واري وزارت جي ترجمان چيو ته آمريڪي جيوش ڪانگريس جي پريس رليز کي غلط طريقي سان منسوب ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پريس رليز ۾ پاڪستان ۽ اسرائيل جي واپار جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ويو آهي، اسرائيل سان نه تجارتي لاڳاپا آهن ۽ نه وري اهڙو ارادو رکون ٿا

هي به پڙهندا

وفاقي سرڪار چيف جسٽس سميت ٽن ججز خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ غور شروع ڪري ڏنو: راڻا ثناءُ الله