ميھڙ :پنج ڪلاڪ ڌرڻي بعد پ پ پ جي مقامي قيادت ايم پي اي فياض علي ٻٽ جي مداخلت تي ڊي ايس پي ميھڙ وحيد بيگ لاڙڪ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي پ پ اڳواڻ يوسي سوجھرو ڳورڙ جي چيئرمين بابر اعجاز سھول سان گڏجي مقتولن جي وارثن سان ڳالھيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انصاف ڏيارڻ جي يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو آھي. آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. ذريعن موجب ميھڙ پوليس پ پ جي مقامي قيادت جي مداخلت تي پ پ پ ايم اين اي رميش لال جو ڪيس ۾ نالو شامل نه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيس ۾ پروٽوڪول پوليس موبائيل جي ڊرائيور سھيل سيال جو نالو ڏيڻ چاهي ٿي.