ڄامشورو (رپورٽ: زوهيب سولنگي) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران فيسن ۾ واڌ خلاف سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس ڪاميٽي جي سڏ تي سوين شاگردن ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. شاگردن، منصور ڪلوڙ، جسونت راٺوڙ، علي عاجز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾آرٽس فيڪلٽي کان ريلي ڪڍي شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ٻاهريان ڌرڻو هنيو، جتي پ پ اڳواڻ نثار کهڙي جي موجودگي ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي. سينٽر ۾ عالمي ڪانفرنس دوران شاگردن کي نثار کهڙو طرف وڃڻ کان روڪيو ويو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن، يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊن ۽ شاگردن وچ ۾ چڪريون ٿيون. ان موقعي تي شاگردن چيو ته فيسن ۾ واڌ ڪنهن به صورت قبول ناهي، فيسن ۾ واڌ واري فيصلي کي واپس وٺڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. ڌرڻي دوران پ پ اڳواڻ نثار احمد کهڙو ڌرڻي ۾ پهچي شاگردن کان مسئلا معلوم ڪيا، جتي فيس ۾ واڌ واري معاملي تي بحث ٿيو، شاگردن نثار کهڙو سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوچتو فيس ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري شاگردن سان ناجائزي ڪئي وئي آهي، فيس ۾ ڪيل واڌ وارو فيصلو واپس وٺي سالياني فيس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. نثار کهڙي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو کان ڄاڻ وٺڻ کانپوءِ شاگردن کي جواب ڏنو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران واڌو في مان اڌ ختم ڪئي ويندي، اهڙي جواب مان شاگرد مطمئن نه ٿيا ۽ ڳالهيون ناڪام ٿي ويون. پ پ اڳواڻ نثار کهڙو سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ شاگردن پاران احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جي چيئرمين نثار کھڙو چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ تعليم صوبائي معاملو آهي، پر وفاقي حڪومت هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي قائم رکيو ويٺي آهي. وفاق کي گهرجي ته هيڪ جا اختيار ۽ مالي وسيلا صوبن حوالي ڪري. هن چيو ته وفاق پي ايس ڊي پي ۾ 200 ارب رپيا رکيا، پر هيڪ لاءِ ڪا به فنڊنگ اڃا تائين نه وڌائي آهي. هن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۾ بهتري آڻڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جي فنڊنگ 5 ارب رپين مان وڌائي 6 ارب 30 ڪروڙ رپيا ڪئي آهي. صوبائي خود مختياريءَ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. سنڌ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته 2019ع کان 2021ع تائين ڪووڊ 19 سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي فين ۾ هاسٽل چارجز سميت ٻئي مد ۾ رعايت ڏني ويئي هئي. ان لاءِ سنڌ يونيورسٽي سالياني فيءَ ۾ صرف 3 هزار رپيا وڌايا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ميرٽ جي في 19 هزار رپيا هئي، جيڪا هاڻي 22 هزار مقرر ڪئي ويئي آهي، اها معمولي واڌ يونيورسٽي پنهنجي بجيٽ ۾ کوٽ کي ڏسندي ڪئي آهي. موجوده حالتن ۾ فيون وڌائڻ ئي اڻٽر هو.