باڊھه (ن پ ا) باڊھه جي ڳوٺ دڙا ۾ 20 ڏينهن اڳ بااثر جوابدار پاران دوستي نه رکڻ تان تيزاب هاري زخمي ڪيل عورت حاڪم زادي ۽ سندس 10 ورهين جي ڌيءُ سلميٰ شاهاڻي کي چانڊڪا اسپتال جي سرجيڪل وارڊ داخل ڪري ٻنهي جو آپريشن ڪيو ويو، ان حوالي سان سرجيڪل يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر سليم شيخ پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته چانڊڪا اسپتال ۾ عورت ۽ سندس ڌيءُ جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آھي، جنهن بعد عورت ۽ سندس ڌيءُ جي حالت خطري کان ٻاهر آھي. هن چيو ته بروقت آپريشن ڪري عورت ۽ سندس ڌيءَ جي زندگي بچائي ورتي آھي، عورت ۽ سندس ڌيءَ جو هڪ هفتي بعد هڪ ٻيو آپريشن ٿيڻو آھي، پلاسٽڪ سرجري آپريشن جي لاڙڪاڻي ۾ سهولت موجود ناهي، جنهنڪري کين حيدرآباد يا ڪراچي وڃڻو پوندو. هوڏانهن متاتر عورت حاڪم زادي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار بااثر آھي، سندس ساٿي مڙس کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته اسان مسڪين آھيون، ماني کائڻ جا پئسا ناهن، پلاسٽڪ سرجري نه ٿا ڪرائي سگهون، متاثر عورت سرڪار ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته پلاسٽڪ سرجري ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.