اچو ته شاهه حسين سان ملون … رب کي جنگ جي نه پر محبت جي ضرورت آهي

0
32
اچو ته شاهه حسين سان ملون ... رب کي جنگ جي نه پر محبت جي ضرورت آهي

 صوفي شاعر شاهه حسين رحه تي آئون جڏهن به لکندو آهيان ته ائين لڳندو آهي ته ڪيف ۽ مستيءَ جي هڪ جهان ۾ مڪملتا جي چادر اوڍي ڌمال ڪري رهيو آهيان. توهان هيءَ تحرير پڙهو ۽ شاهه حسين رحه سان ملاقات ڪريو. شاهه حسين رحه چوي ٿو ته، “منهنجو تاڃي پيٽو سڀ ڪجهه تون ئي آهين. تون ئي منهنجي لونءَ لونءَ ۾ سمايل آهين منهنجا پالڻهار ڪريم! توکان وڌيڪ منهنجي حال ۽ نيت کي ڀلا ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي”.

                 “مون ڪڏهن به ڪنهن کي هاڃو ناهي رسايو، پوءِ به زمانو منهنجي پٺيان پيل آهي. مون کي خبر آهي ته هتي ڪوبه ڪنهن جو بار ناهي کڻندو، نه ئي ڪو ڪنهن جو ساٿ ڏيندو آهي. مالڪ! انهن سڀني جا جهيڙا پنهنجا پنهنجا آهن پر مون سان بنا سبب جي جهيڙو ڪن ٿا…. ڪثرت جي اصرارن ۽ رمزن کان آشنا ڪندڙ! آئون پنهنجين ذميوارين کي ڏسان ٿو ته نيڻ ڀرجي ٿا اچن. برکا رُت سان چهرو پُسي ٿو وڃي…. شاهه حسين رحه ته هڪ عاجز فقير آهي. اهو ته بس اهو ئي ٿو چوي ته اي بندا، تون ته هميشه پنهنجي رب جو ذڪر ڪندو ڪر”.

                 ماڌو لال حسين جي نالي سان معروف شاهه حسين رحه جو شمار انهن صوفين ۾ ٿئي ٿو، جن سڄي زندگي انسان دوستيءَ کي اصل ايمان قرار ڏنو. ماڻهن کان انهن جي مذهب، ذات ۽ عقيدي يا رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نه پر پنهنجي رب جي تخليق جي طور محبت ڪئي. محبتن جي علمبردار شاهه حسين رحه 1538 بمطابق 945 هجري ۾ لاهور جي اندروني محلي ٽله ۾ جنم ورتو. پراڻو محلو ٽله هاڻي ٽيڪسالي دروازو سڏجي ٿو. شاهه حسين رحه جو والد پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر کڏين تي ڪپڙو اڻڻ جو ڪم ڪندو هو. غربت ۾ اک کوليندڙ شاهه حسين رحه ڪڏهن به احساس محرومي کي ويجهو اچڻ نه ڏنو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ گڏ ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه، البته اهو ماڻهن کي اهو چوندو رهيو ته، “ديانت ۽ لڳاءُ سان محنت انسان کي هر پاسي جي ماڻهن ۾ ممتاز ڪندي آهي. ان سان گڏ سهڻي رب تي يقين قائم رهي ته بي نيازي دنيا جي پٺيان ڊوڙڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي”. شاهه حسين رحه جي خيال موجب، “دنيا جي پٺيان ڊوڙڻ اصل ۾ پاڻ کان وڇڙڻ آهي. جيڪو پاڻ کان وڇڙي وڃي، اهو هن تائين نٿو پهچي سگهي”.

شاهه حسين رحه جنهن زماني ۾ پيدا ٿيو، اهو اڪبر اعظم جو دور هو. شاهه حسين جو پهرين استاد مولوي ابوبڪر جو شمار اڪبر جي دين الاهي جي نقادن ۾ ٿئي ٿو. مولوي ابوبڪر، شاهه حسين رحه کي قرآن مجيد حفظ ڪرائڻ سان گڏ ان زماني ۾ مروج تعليم سان روشناس ڪرايو. شاهه حسين رحه هڪ ڏينهن جڏهن ان جي عمر 12 سال هئي، پنهنجي استاد کان پڇيو: “ماڻهو ورهائي کائڻ جي بدران پنهنجي پيٽ ۾ بک کانسواءِ ڇو ڀريندا ٿا وڃن؟” شفيق استاد محبت سان پنهنجي پياري شاگرد ڏانهن ڏٺو ۽ چيو ته، “شاهه حسين رحه! تون ورهائي کائجانءِ”. شاگرد جواب ڏنو، “فقير ايترو کائيندو ئي ڪونه، جو ورهائڻ جي ضرورت پوي”.

اڌوڪ سنگهه لکيو آهي ته شاهه حسين رحه 24 ڪلاڪن ۾ صرف ڪجهه گرهه ۽ اهي به پاڻيءَ سان کائيندو هو. ان دوران عقيدتمند جيڪو ڪجهه حاضر ڪندا هئا، شاهه حسين رحه اهو ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. فقير راحمون جي بقول، شاهه حسين رحه کي خبر هئي ته “گڏ ڪيل مال کي اڏوهي لڳي ويندي آهي”.

شاهه حسين رحه جي سوانح نگارن جي متفقه راءِ آهي ته هو عربي ۽ فارسي جي بلند پايا عالم ۽ هندي کانسواءِ لاهور ۾ ان دور ۾ ڳالهائجندڙ پنجابي تي به مڪمل عبور رکندو هو. اڌوڪ سنگهه مالڙه جي بقول، شاهه حسين رحه جا وڏا ان جي پيدائش کان لڳ ڀڳ 100 سال پهرين پنجاب جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ رزق جي ڳولها لاءِ لاهور ۾ اچي وسيا هئا. مالڙه جي خيال ۾ انهن جي ٻولي ۽ لهجو ان ڳالهه جي پروڙ ڏئي ٿو ته اهي چناب درياهه جي ڪنڌيءَ جي ڪنهن شهر مان لاهور آيا هئا. ميان ظفر مقبول، شفقت تنوير مرزا، دليپ تارا ۽ ڀائي آشام سنگهه سميت ٻين محققن اڌوڪ سنگهه مالڙه سان اختلاف ڪيا پر سواءِ ان جي ڪجهه به نه چيو ته شاهه حسين رحه جدي پشتي لاهوري هو. خبر ناهي ته انهن صاحبن هن روايت کي هڪدم نظر انداز ڪري ڇڏيو ته شاهه حسين رحه جا بزرگ ملتان جي علائقي وهاڙي جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ کان لاهور لڏي آيا ۽ اهي ذات جا ڍڍي راجپوت هئا.

خير ان بحث کي ٻئي ڪنهن وقت لاءِ رکندي، شاهه حسين رحه جي شاعري جي لهجي ۽ انهن لفظن تي ڳالهايون ٿا، جن سان ان تاثر کي تقويت ملي ته شاهه حسين رحه جو خاندان روزگار جي ڳولها ۾ لاهور پهتو هو. 1008 هجري بمطابق 1599ع ۾ شاهه حسين رحه هن دنيا جي سراءِ مان پڙاءُ کڻي (لاڏاڻو ڪري) ويا. ڀائي آشام سنگهه ۽ شفقت تنوير مرزا 1601ع کي ان جي وفات جو سال قرار ڏين ٿا. پيدائش ۽ وفات جي سالن ۾ هڪ سال جو فرق ڪا وڏي اختلاف جي ڳالهه نه آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته شاهه حسين رحه ان دور ۾ پيدا ٿيو، جنهن ۾ مذهب جي تبديلي سان گڏ دنيا ڪمائڻ جو جنون اسري نسري رهيو هو. مسلمان ڪٽنبن جا نوجوان شاهي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيڻ جي سعادت سان گڏ زندگيءَ جي بهتر ضمانت سمجهندا هئا. ان ماحول ۾ اکيون کوليندڙ شاهه حسين رحه شعور جي پهرين ڏهاڪي تي بيهي اهو چوندي نظر اچن ٿا ته، “رب کي جنگ جي نه پر محبت جي ضرورت آهي”.

ائين ٿو لڳي ته شاهه حسين رحه پنهنجي زماني جي ماڻهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڪوبه خالق پنهنجي تخليق جي برباديءَ تي خوش ناهي هوندو يا وري ايئن سمجهه ۾ اچي ٿو ته عالمن جو رب پنهنجي مخلوق جي برباديءَ کي ان سان محبت کي جزاوار قرار ڏئي ٿو. شاهه حسين رحه چوي ٿو ته، “جدائيءَ جون ڇُريون، تيرن ۽ تلوارن کان به وڌيڪ تيز هونديون آهن. انهن جو زخم وڌيڪ گهرو هوندو آهي”

“اي انسانو! اسان خراب آهيون، اسان ئي خراب آهيون، توهان اسان جهڙن گنهگارن کان پري رهو. اسان کي صبح ۽ شام جي ڪابه خبر نه آهي. اسان ته محبوب جي ڳولها ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي”.

“جنهن وسنديءَ ۾ مالڪ جو ذڪر ۽ بندن سان محبت جو رواج نه هجي، اها انسانن جي نه پر ٽين ٽين ڪندڙن ۽ ڀونڪندڙ جي وسندي آهي”.

“کڏ ۾ پوي تنهنجي شان ۽ شوڪت، جيڪا ان کان پري ڪري ۽ بندن کان بيزار ڪري. اسان ته فقير ماڻهو آهيون، فقيرن جي گودڙيءَ ۾ خوش”.

شاهه حسين رحه زندگي گذارڻ جي لوازمات جي باري ۾ چوي ٿو، “درد ۽ غم جي روٽي، ڏکن جو ٻوڙ، اهو سڀ هڏين جو ٻارڻ ٻاري پچايو ويندو آهي”.

“محبوب جي هجر ۾ پنهنجي جان  جوکم ۾ وجهي  ڇڏي آهي، ان جو حال ڪنهن کي وڃي ٻڌايان! موت راڻا راجا ناهي ڏسندو، نه ئي وري ٻاروتڻ ۽ پيرسني. سڀني کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. دنيا مان لاڏاڻو لازم آهي، پوءِ ڇو ڀلا طمع جي ديڳ ۾ پريشان ٿئين ٿو”.

“ڏيکاءُ جي عبادت جي هن کي ڪابه ضرورت ڪانهي. دلين جو حال ڄاڻندڙ تنهنجي من جي کوٽ کي سمجهي ٿو. ماڻهو توکان متاثر ٿين ته ٿين، هي فقير هن جي ڪرم سان سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو”.

شاهه حسين رحه ملامتي صوفين جي طبقي جو نمايان فرد آهي. دائمي پڙاءُ تي يقين رکندڙ شاهه حسين رحه سنڌو ماٿريءَ جي ادب ۾ (ڪجهه محققن پنجابي ادب لکيو آهي) ڪافي کي روشناس ڪرايو. ان کي ڪلاسيڪي دور جو وڏو ۽ نمائنده شاعر تسليم ڪندڙن جي راءِ ۾ شاهه حسين رحه جو تصوف اصل ۾ مستيءَ جو تصوف هو، جيڪو ملامتين جو اصل آهي. حق کان آگاهه شاهه حسين رحه سڄي زندگي امن ۽ آشتي، صلح ۽ محبت، ورهائي کائڻ جي تلقين ڪئي. سندن ڪلام دلين کي فتح ڪري ٿو. هڪ سچي انسان دوست شاهه حسين رحه طبقاتي متڀيد ۽ ذات پات ۾ ڪنڌ تائين ڦاٿل سماج جي سڌاري لاءِ سڄي زندگي جاکوڙ ڪندو رهيو. سندن چوڻ هو ته، “ماڻهو اهو سمجهن ڇو نٿا ته جڏهن هن جي حضور ۾ سجدي ۾ رکيل سمورا سر برابر آهن ته پوءِ ‘آئون  ۽ تون’ جو جهيڙو آخر ڇو آهي”. باغبانپوره ۾ جتي شاهه حسين رحه جي مزار آهي، اهو ان جي ابدي آرامگاهه جو ٻيو مقام آهي. شاهه حسين رحه کي ان جي وصيت مطابق راوي جي هن پار شاهدره جي علائقي ۾ دفن ڪيو ويو. 15 سالن کانپوءِ سيلاب جي ڪري سندن تربت متاثر ٿي ته عقيدتمندن  بابو پوره (هاڻي اهو باغبانپوره سڏجي ٿو) ۾ آڻي هاڻوڪي هنڌ تي دفن ڪيو. آخري آرامگاهه جي تبديلي جي نشاندهي هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪري چڪا هئا.

شاهه حسين رحه جي محققن ماڌو لال تي ان جي نظرِ ڪرم کي ڪيترائي رنگ پهرايا پر شاهه حسين رحه جو اصل رنگ اهو ئي آهي،  جيڪو ان جي ڪلام مان پڌرو آهي، طمع ۽ جمع (گڏ ڪرڻ) کان کلي نفرت، نفس جي سرڪش گهوڙي تي هر وقت سواري، ذات پات ۽ ڇُوت ڇات کان اعلانيه طور تي بيزاري، علم، انصاف، دردمندي کي زندگيءَ جو مقصد قرار ڏيندڙ شاهه حسين رحه اسان کي اهو چوندي نظر اچي ٿو ته، “پهرين ڏينهن کان ڪيل واعدي جا پابند آهيون. ان واعدي جي لڄ رکڻ اسان تي فرض آهي. شمع جي پروانن وانگر سڙي مرنداسين پر پنهنجي رب جي حضور ۾ رسوا نه ٿينداسين”.

“شاهه حسين رحه رب جو فقير چوي ٿو ته ڀلي ڇا به ٿي پوي، جيڪا پريت لڳي وڃي، ان کي ٽوڙڻو ناهي، نڀائڻو آهي. اهو ئي بندگيءَ جو حق آهي”

شاهه حسين رحه چوي ٿو، “عشق ۽ محبت جي حقيقت کي اهي ئي سمجهن ٿا، جن جي هڏين ۾ عشق رچي وسي ويو آهي. سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ کوهه کوٽڻ ۽ ريتي واري زمين ۾ اناج پوکڻ جو ڪهڙو فائدو”. يا وري ايئن ته، “اي منهنجي امڙ! آئون ڪنهن کي ٻڌايان جدائيءَ جي ڏکوئيندڙ ڪهاڻي. منهنجي اندر مرشد جي جدائي جي باهه ٻري رهي آهي. مون کي معجزي جي ڪنڊن زخمي ڪري ڇڏيو آهي. مرشد جي جدائيءَ جي هر گهڙي مون کي ماريندي پئي وڃي”.