ڪيريئر جي چونڊ ۾ شخصيت جو عمل دخل

0
69
ڪيريئر جي چونڊ ۾ شخصيت جو عمل دخل

 ڪيريئر جي چونڊ ۾ ٻارن کي ڪيئڻ سمجھائجي ته ھر شعبو امڪاني ترقي، واڌ ويجھ، ڪاميابي، ڪامراني ۽ ھڪ پرسڪون زندگي جو سبب بڻجي ٿو. جيڪڏھن توھان پنھنجي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ چاھيو ٿا ته ھن جو مطلب ھي ھوندو آھي ته توھان پنھنجي لاءِ ھڪ ڪيريئر جي چونڊ ڪرڻ وڃي رھيا آھيو يا ڪري چڪا آھيو. پنھنجي ان ڪيريئر جي لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو ٿا. دل ۽ دماغ سان محنت ڪيو ٿا. ۽ ڪوشش ڪريو ٿا ته پنھنجي منزل تي پھچڻ جي لاءِ سڀ توانائيون لڳائي ڇڏيون. توھان جي شخصيت يعني توھان جو ذاتي نظم ۽ ضبط، چال چلت، سوچ، ورتاءُ ۽ سڀاءُ، ايتري تائين جو ٻين سان اٿڻ ويھڻ به توھان جي ڪيريئر جو تعين ڪري ٿو. قدرت واري ھر ماڻھو کي ٻئي کان مختلف ٺاھيو آھي. ھر ماڻھو انفرادي طور تي ٻئي کان مختلف قدر رکندڙ آھي. ڪنھن کي جلدي سجاڳي سٺي لڳي ٿي، ۽ ڪنھن کي ڏينھن جو ٻارھين وڳي ننڊ مان اٿڻ. ڪو خودپسند (انٽروورٽ) ٿئي ٿو تہ ڪو جڳ پسند/ ملنسار (ايڪسٽروورٽ) آھي. ھي سڀ شيون ھڪ ماڻھوءَ جي ڪيريئر واري ترجيحن کي ظاھر ڪنديون آھن. ڪجھ ماڻھن کي آزادي سان زندگي گذارڻ سٺو لڳندو آھي يعني ھن قسم جا ماڻھو پاڻ مڃائڻ واري صلاحيت جا مالڪ ھوندا آھن. ھو چاھيندا آھن ته عوام جي اڳواڻي ڪري پنھنجي لاءِ نيڪ نامي ڪمائين. اھڙي طرح وري ڪي ماڻھو انسانيت جي خدمت جي جذبي ھيٺ پنھنجي ساري زندگي بسر ڪرڻ کي پنھنجو مقصدِ عظيم سمجھندا آھن. ڪجھ دانشور ٿيڻ پسند ڪندا آھن. ڪي اھڙا آھن جيڪي سائنسي، فني ۽ ٽيڪنيڪل علمن ڏانھن راغب ھجن ٿا، خاص طور تي شھرن ۾ رھندڙ ٻار. ضروري آھي ته ھر ٻار جي خواھشن جو احترام ٿيڻ گھرجي. ٻار جي ڪيريئر واري فيصلي، لاڳاپيل ادارن ۽ فردن سان رابطن ۽ قدرن کي مان ملڻ گھرجي. مثال طور ھڪ ملنسار ماڻھو چاھيندو آھي ته ھو ھڪ اھڙي ماحول ۾ ڪم ڪري، جتي ھن جو گھڻن ماڻھن سان واسطو رھي. پر تنھائي پسند ماڻھو وري پنھنجي لاءِ ان جاءِ تي ڪم ڪرڻ پسند ڪندو آھي، جتي ھن جو واسطو تمام ٿورن ماڻھن سان رھي. يا وري ڪنھن ايري غيري کي ھن جي دفتر ۾ اچڻ وڃڻ جي عام اجازت نه ھجي. ھن جي زندگي ۾ ٻين ماڻھن جو عمل دخل گھٽ رھي. ائين به آھي ته تنھائي پسند ماڻھو تخليقي به ٿيندا آھن، پيدائشي ڏات جا مالڪ ٿيندا آھن ۽ معاشري جي سڌاري جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ سوچيندا رھندا آھن. اھي چاھيندا آھن ته ھو آزادي سان ڪم ڪندا رھن ۽ شين جو جائزو وٺندا رھن. ڪير ھنن جي ڪمن ۾ مداخلت نه ڪري.

ڪيريئر جي چونڊ ۾ توھان کي پنھنجي ڪمزروين، خامين ۽ ڪوتاھين سان گڏ توانائين، صلاحيتن ۽ قابليتن جي پروڙ به ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن توھان پنھنجي ھنن سڀني شين جي باري ۾ مناسب پروڙ رکو ٿا، جائزو وٺو ٿا ته، ھي شيون به توھان جي ڪيريئر واري رستي جي چونڊ ۾ ڪافي حد تائين مددگار ثابت ٿين ٿيون. ضروري آھي ته توھان جنھن شعبي جي چونڊ ڪريو ٿا ته، ان جي لاءِ پنھنجي شخصيت جي پرک به ڪريو. ڇاڪاڻ جو ڪيريئر جي چونڊ ڪا گُڏيءَ گُڏي جي راند ته آھي ڪانه، جنھن کي آرام سان کيڏي سگھجي ٿو. شعبو جنھن جي لاءِ توھان تمام گھڻا سنجيندا آھيو، ڇا توھان ان ۾ ڪامياب ٿي ويندا؟ توھان کي شوق آھي ته ڊاڪٽر بڻجان پر، توھان کي آرٽ ۽ موسيقي سان تمام گھڻو لڳاءُ آھي ته، توھان ڪھڙي پاسي جي چونڊ ڪندا؟ مثال طور توھان ڪمپيوٽر سائنس جي شعبي ۾ وڃڻ پسند ڪريو ٿا ۽، چاھيو ٿا ته انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) يا سوفٽ ويئر ڊولپمنٽ کي پنھنجو ڪيريئر بڻايان پر، ان جي لاءِ ڪمپيوٽيشل الگورٿم جي گھربل ڄاڻ توھان جون ننڊون ڦٽائي رھي آھي ته، پوءِ توھان ڇا ڪندا؟ الگورٿم جي لاءِ ھڪ ٺوس ڄاڻ ۽ منطقي ذھن جو ھجڻ تمام گھڻو ضروري آھي. ڪمپيوٽيشنل الگورٿم ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪيريئر بڻائڻ جي لاءِ توھان جي وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آھي؛ ظاھر آھي ھٿ کڻي ويندا. ساڳي طرح سان جيڪڏھن توھان چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ٿيڻ پسند ڪندا ته توھان کي پنھنجي شخصيت جي جائزي مان معلوم ٿي ويندو ته رياضي جي مضمون ۾ ڀڙ ھجڻ واري درڪار صلاحيت کان توھان محروم آھيو. نتيجي ۾ ماٺڙي ڪري ويھي رھندا. بلڪل اھڙي طرح سان توھان ورچوئل آرٽس ۾ وڃڻ پسند ڪريو ٿا ته توھان کي تخليقي صلاحيتن جو مالڪ ھجڻ گھرجي. ۽ توھان اڪثر، پنھنجي باري ۾ دوستن کان به ٻڌندا ھوندا ته يار تون فلاڻي پاسي وڃ، فلاڻي کيتر سان جڙ يا فلاڻي يونيورسٽي ۾ تنھنجي سوچ جي مطابق ماحول آھي پر، ان وقت به توھان ڪو ٺوس فيصلو ڪرڻ ۾ شش و پنج جو شڪار نظر ايندا آھيو. نتيجو ھي نڪرندو آھي ته توھان ڊوڙ ۾ پوئتي رھجي ويندا آھيو. توھان پنھنجي ڪيريئر کي ان وقت ئي کڻي سگھو ٿا، جڏھن توھان کي ھي پڪ ھجي ته توھان وٽ ان ڪيريئر جي باري ۾ نه صرف گھربل ڄاڻ آھي پر، توھان ان جي قابل به آھيو. يعني توھان جون صلاحيتون به ساٿ ڏئي رھيون آھن. ھت اسان توھان کي ھي صلاح ڏينداسين ته ڪيتريون ئي اھڙيون آنلائين ٽيسٽون موجود آھن، جيڪي توھان کي توھان جي ڪيرئير واري فيصلي کي ڪرڻ ۾ مددگار بڻجي سگھن ٿيون. شرط آھي ته، ھي پڪ ڪرڻ ته توھان جون صلاحيتون ۽ دلچسپيون توھان جي ڪيريئر واري چونڊ سان ھم آھنگي به رکن ٿيون يا نه. خالي متاثر ٿي شيخ چلي وارا خواب ڏسڻ ڪيريئر جي چونڊ ۾ ڪڏھن به مددگار ناھن بڻجندا. بھتر آھي پنھنجي شخصيت جو ايمانداري سان جائزو وٺڻ گھرجي.

ڪڏھن ڪڏھن، اسان پنھنجي ڪيريئر جي باري ۾، تمام گھڻا تصوراتي يا ھڪ غير حقيقي دنيائن جا سير ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھيون، جيڪو عمل اسان کي خوش ته ڪري سگھي ٿو پر ڪڏھن به عملي قدم کڻڻ جي لاءِ ھمٿائي نٿو سگھي. جنھن به شعبي جي لاءِ توھان پاڻ کي ٺھڪندڙ سمجھو ٿا، ان کي کڻڻ کان اڳ ۾ بھتر ھي آھي ته ان ماڻھو کان مدد ورتي وڃي، جنھن جو ان شعبي جي حوالي سان ٺيڪ ٺاڪ تجربو ھجي يا مفصل ڄاڻ رکندڙ ھجي. گھڻو امڪان ھي به موجود آھي ته ان وٽان توھان کي ڪا ڪارآمد معلومات ملي وڃي يا ڪو اھڙو نقطهء نظر ملي پوي جيڪو توھان جي ڪم کي تمام گھڻو سولو بڻائي ڇڏي. توھان جڏھن پنھنجي پسند واري ڪنھن شعبي کي کڻندا آھيو ته ان شعبي جي لاءِ توھان توقعات، مرحلن، ڏکيائين ۽ ڪاميابين کي نظر ۾ ضرور رکندا آھيو. ان شعبي ۾ روزگار جا ڪيترا موقعا آھن. منھنجو مستقبل ڪيترو محفوظ آھي. اڳتي وڌي سگھان ٿو يا نه وغيره. مثال طور جيڪڏھن توھان درس ۽ تدريس واري دنيا سان جڙڻ چاھيو ٿا ته توھان کي ھڪ اھڙي استاد سان رابطي ۾ اچڻ گھرجي، جيڪو توھان جي ھن سلسلي ۾ سھڻي نموني سان رھنمائي ڪري. ممڪن آهي ته اھو استاد ان قابل ھجي ته ھو توھان کي ادارن، مرحلن، ۽ ڪجھ اھڙن رھنما اصولن جي باري ۾ ٻڌائي، جيڪي توھان جي استاد بڻجڻ واري مقصد جي لاءِ ڪارآمد شيون بڻجي پون. ھڪ فوجي آفيسر سان لھ وچڙ ۾ اچو يا ھڪ فوجي ڀرتي مرڪز جو ڀيرو ڪريو ته جيئن توھان کي فوج ۾ نوڪري ڪرڻ واري جھان جي خبر چار ملي وڃي. فوج جي زندگي ڪھڙي قسم جي آھي، يا فوج ۾ وڃڻ جي لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون ٽيسٽون ڏيڻ ضروري آھن، ڪھڙي قسم جا انٽرويوز ٿي سگھن ٿا، ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ملي پوي. ائين به آھي ته پنھنجي ڪيريئر جي سنوار جي لاءِ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيمينارن ۾ شرڪت ڪريو. اتي ماھر ڪيريئر ڪائونسلرز سان ملاقاتون ڪريو ۽ مشورا وٺو. ڪيريئر جي حوالي سان ھي نه صرف لاڳاپيل ۽ سٺي ڄاڻ رکندڙ ھوندا آھن پر ڪيرئير جي چونڊ ۾ ھو توھان جي مدد به ڪري سگھن ٿا. ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن پروفيشنل اداري ۾ توھان جي داخلا واري مرحلي کان وٺي ان ڊگري ڪورس جي لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون ضروري آھن، ان جي باري ۾ به توھان کي ڄاڻ فراھم ڪن. مثال ڪنھن اھڙي اسڪالرشپ جي باري ۾ ٻڌائڻ، جيڪا توھان جي سڀني خرچن جو پورائو ڪري. نه صرف ايترو پر اھي توھان کي ان اسڪالرشپ کي ڪيئن حاصل ڪري سگھجي ٿو، اھو پڻ ٻڌائين. اسان جي ميٽرڪ پاس انھن ٻارن کي جيڪي انٽرميڊيئيٽ ۾ داخلا جا خواھشمند ھوندا آھن پر، پري ميڊيڪل يا پري انجنيئرنگ ۾ وڃڻ جا خواھشمند ناھن ھوندا، انھن کي شھرن ڏانھن وڃي انھن ادارن ۾ داخلا وٺڻ گھرجي، جيڪي سندن جي دلچسپي وارن شعبن ۾ تعليم ڏين ٿا ۽ انٽرميڊيئيٽ وارا اھي ٻار جيڪي ميڊيڪل يا انجنيئرنگ يونيورسٽين جي داخلا کان محروم رھجي وڃن ٿا، اھي جڏھن جنرل يونيورسٽين ۾، جنرل سبجيڪٽس ۾ داخلا وٺڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وڃن ٿا ته ترجيح انھن سبجيڪٽس کي ڏين، جن جي مارڪيٽ آھي يا مستقبل، يعني روزگار سان گڏ ھڪ پرڪشش سماجي مان مرتبو به رکندڙ آھن. جھڙوڪ سي ايس ايس، پي سي ايس، آرٽيفيشل انٽيليجنس، اليڪٽرانڪ ميڊيا، ايم بي اي وغيرهزندھ مثال: تازو اسان جي اسڪول ۾ ايڇ آءِ وي/ ايڊز تي ھائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ دوران ھڪ سوشل موبلائيزر (سماجي ترغيب ڪار) پنھنجي پٽ کي ڊاڪٽر بڻائڻ واري قصي کي بيان ڪيو ۽ چيو ته منھنجو صحت کاتي سان تمام گھڻو ويجھو لاڳاپو رھيو آھي. مان چاھيان پيو ته منھنجو پٽ ھڪ سٺو ڊاڪٽر بڻجي ۽ مون ان جي ڪائونسلنگ به ڪئي ته اسان جي خاندان جي لاءِ تنھنجو ڊاڪٽر ھجڻ ڪيڏو ضروري آھي. پٽ صفا پڙ ڪڍي بيٺو ۽ چيو ته مونکي سافٽويئر ڊولپر بڻجڻو آھي. شروع شروع ۾ ته اسان زال مڙس مايوس ٿياسين، ڇاڪاڻ جو ھن کي نه صرف سافٽويئر ماھر بڻجڻ جو شوق ھو پر، ھو اسان کان ڏور اسلام آباد ۾ نسٽ (نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي) وڃڻ لاءِ به بضد ھو. اسان ھن جي شوق جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪيا. اڄ فخر سان چوان ٿو ته اسان غلط ھئاسين ۽ منھنجو پٽ ٺيڪ پئي سوچيو. ھو نه صرف ھڪ بھترين سافٽويئر ڊولپر آھي پر فائنل ايئر ۾ به آھي.