سنڌ حڪومت کي وفاق طرفان مليل فائيزر وئڪسين جا 12 هزار ڊوز اسپتالن ۾ نه پهچڻ جو انڪشاف

0
233

ڪراچي: سنڌ حڪومت کي وفاق طرفان مليل فائيزر وئڪسين جا 12 هزار ڊوز جناح سميت مختلف اسپتالن ۾ نه پهچڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. جناح اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي فائيزر وئڪسين جي سخت ضرورت آهي پر سنڌ حڪومت فراهم ناهي ڪئي، فائيزر وئڪسين مختلف مرضن ۾ ورتل شهرين کي لڳائي ويندي آهي، پر اڃا تائين اها وئڪسين اسان کي ناهي ملي، صحت کاتي جَي اختيارين وئڪسين جَي حوالي سان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو آهي ته خبر ناهي ته وئڪسين اڃا تائين ڇو اسپتالن کي فراهم ناهي ڪئي وئي، صحت کاتي طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب فائيزر وئڪسين جا رڳو 36ڊوز لڳي سگهيا آهن، جناح اسپتال کي وئڪسين فراهم نه ٿيڻ واري مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.