اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري سيد آصف حسنين استعيفا ڏئي ڇڏي، اي سي پي پاران عمر حميد ٻيهر سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مقرر ڪيو ويو، عمر حميد طبيعت خراب هجڻ جو سبب ڄاڻائي 5 جنوري تي استعيفا ڏني هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر حميد کي اڳوڻي رڪارڊ تي ٻيهر سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.