جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

صبح جو سوير ئي جوڙيءَ کان پوءِ جنيد لنڊ کي ڀرواري کوليءَ ۾ شفٽ ٿو ڪيان. رات جو دير تائين جاڳڻ جي ڪري اکين ۾ اڃان هلڪو هڪلو ننڊ جو خمار باقي هيو. اصل ۾ رات شهزاد سميجي کان ناصر ڪاظميءَ جو ديوان گھرايو هيم، جنهن مون کي دير تائين پنهنجي جادوءَ ۾ جڪڙي رکيو. بدر ڀائي جي آفيس ۾ وڃي ڪجھه وقت دوستن سان گڏ وقت گذاريم. لائبريري مان ڪتاب به کڻان ٿو، جتي شبير ٻرڙي ۽ ماسٽر دانش سان به ڪچهري ٿئي ٿي. منهنجي نالي جو وڪالت نامون اچي ٿو، وڪيل جو نالو پڙهي لبن تي مُرڪ وکري وئي. سوچڻ لڳس ته عديل شهزاد رند صاحب پاڻ آيو آهي پر منهنجي ملاقات جي پرچي ڇو ناهي آئي؟ بدر ڀائي جي آفيس ۾ ويس ته خبر پئي ته اسد وڪالت نامون کڻي آيو آهي پر جمعي جي ڏينهن جي ڪري اسان جي ملاقات نٿي ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ مون ملاقات ڪرڻ جي تمام گھڻي ڪوشش ڪئي. پٽيشن کي روڪڻ لاءِ جيلر شڪيل بيگ بدر ڀائيءَ سان گڏجي اچي مون سان ملاقات ڪئي، هو چئي ٿو ته خيرپور جيل وارن ۽ ميرپورخاص جيل وارن تنهنجي معافي ماري ڇڏي آهي. هو مون کي انڌا سڌا رڪارڊ ڏيکارڻ لڳو پر جڏهن به آئون ڳالهائڻ جي ڪوشش پي ڪئي ته هو مون کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ۽ بدر منير جٽ صاحب تي پريشر وجھندي محسوس ٿيو. دل ۾ آيو ٿي ته ڏاهري پٽي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيانس. اصل ۾ هو (شڪيل بيگ جيلر) سنڌي جو ماري آهي، هُن چيو ته ڪورٽ کان تنهنجو ڊيٽ آف اريسٽ پڻ پڇڻ لاءِ مون هڪ درخواست لکي آهي، هن مون کي هڪ درخواست ڏيکاري. شام جو بائسپس جي ورزش ٿا ڪيون. هينئر علي غلام نماز پڙهي رهيو آهي ۽ وسيم لنڊ ٽي وي ڏسي رهيو آهي، منهنجي ذهن ۾ ناصر ڪاظمي جا هي اکر تَري رهيا آهن ته:

اپن لهر هي اپنا دوگي،

دريا هون اور پياسا هون.

(02 فيبروري 2024، رات جا 08:00 وڳا)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ صبح پنهنجي کوليءَ جي دريءَ تان جيئن جو ٻاهر نهارڻ جي لاءِ دريءَ کولڻ جي ڪوشش ڪيم ته تيزيءَ سان برف جھڙي هوا جو تڦڙ اچي منهنجي منهن ۾ لڳو، جيئن جو تيز هوا جو ٿڦڙ منهنجي مُنهن ۾ لڳو ته مون يڪدم پنهنجي کوليءَ جي دري پلاسٽ جي پَنيءَ سان بند ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي اُگھي ورتم. بهانو ته تيز هوا جو هو پر دل ۽ من ۾ هڪ اداسي ڇانيل هئي، زندان ۾ پنهنجن جي يادگيري اچڻ ۽ کوليءَ ۾ اڪيلو رهڻ مون کي صفا جھوري وڌو آهي. پنهنجن جي يادگيرين سان گڏ ڄامشوري شهر جون دلڪش هوائون، المنظر ۽ سنڌو درياهه جون حسين شامون مون کي هڪ پل لاءِ اداس ڪري پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هيون. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هليو وڃجي، موسم جي خوشبو هر هنڌ موجود هوندي آهي پر زندان ۾ ايتري خوشبو ناهي هوندي، جيڪا خوشبو اسان کي ٻاهرين فضا مان ملندي آهي، جيڪا خوشبو اڪثر مون کي ڄامشوري شهر جي پٿريلي زمين مان ملندي هئي. سا خوشبو مون کي هن زندان ۾ ناهي ملي، هتي زندان منجھ خوشبو هوندي به اها اسان قيدين کي محسوس ناهي ٿيندي، انهيءَ لاءِ ته اسين رات ڏينهن لوهي شيخن پويان بند جو هوندا آهيون. بند هجڻ ڪري هن خوشبو کان محروم هوندا آهيون. اسان قيدين جي اصل خوشبو آزادي آهي، اها جڏهن مِلي، انتظار آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڌاڙيلن کي هٿيار پھچائيندڙ ۽ پڪڙيل صوبائي صلاحڪار جو پٽ!‎

(حصو پھريون)

چوندا آهن ته سنڌ گدڙن ناھي کاڌي، بلڪل اھا ڳالھه ته ھرڪو ٿو مڃي ته سنڌ گدڙن ناھي کاڌي ۽ نه سنڌ ڪتن کاڌي آھي، سنڌ جي اھڙي ڀينگ سوئرن به ڪونه ڪئي آهي پر ھي ڳالھه به ھاڻي مڃڻ گھرجي ته سنڌ  وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، وزيرن، مشيرن، واٺن، صلاحڪارن، اقتدار ڌڻين، پوليس جي پھري ۾ رھندي سڀني ملي جلي  گڏجي ضرور کاڌي آھي. نه ته قدرتي وسيلن سان مالامال امير ۽ خوشحال سنڌ جي ماڻھن جا اھڙا حال ڪونه هجن ھا، ھن چرٻٽ راڄ ۾ نه ڌرتيءَ جا وسيلا محفوظ آھن ۽ نه ڌرتي ڌڻي محفوظ آھن، نااھل حڪمراني جو اھو حال آھي جو  بک، بيروزگاري، مهانگائي، ملاوٽ، رشوتخوري، قبيلائي جهيڙا، ڌاڙيل ڪلچر ڏينھون ڏينهن وبائي صورت اختيار ڪندا پيا وڃن، اھڙي قسم جو مرض ختم ٿيڻ بجاءِ ڏينھون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، ان بيماريءَ جو خاتمو يا صحيح علاج ھن ھلندڙ حڪومت ۾ نظر ڪونه پيو اچي، يا ايئن کڻي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته ھن قوم کي تباھ ڪرڻ لاءِ نالائق حڪمرانن عوام تي پنھنجو تسلط برقرار رکڻ ۽ پنھنجي حڪمراني کي ڊيگھ ڏيڻ لاءِ عوام کي اھڙي قسم جون مصيبتون ۽ بيماريون ھٿ سان بڇايون آھن، ھنن ئي انھن بيمارين کي ڦهلائڻ ۾ مدد ۽ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي ته جيئن ھي قوم ڪڏھن سک جو ساھه نه کڻي سگھي، ھي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم انگريزي نسل جي پيداوار ڀوتارن، پيرن، وزيرن جي ڄڻ تجربي گاھه بڻجي وئي آهي، جنھن کي ھو مختلف طريقن سان لٽڻ ڦرڻ جا نت نوان طريقا دريافت ۽ ايجاد ڪري سنڌي قوم کي تباھه ۽ برباد پيا ڪن، وڏيرن، جاگيردارن، پيرم ميرن جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان پيار ۽ سڄڻائپ ڪنھن کان ڪا لڪل ته ناھي پر جيئن دور جديد ٿيندو پيو وڃي تيئن ھنن جا طريقا واردات به جديد کان جديد ٿيندا پيا وڃن ۽ مختلف طريقن سان ڪڏھن ڌاڙيلن ھٿان ته وري ڪڏھن پوليس ھٿان سنڌي ماڻھن کي ٽارچر سيلن ۾ بند ڪري يرغمال بڻائڻ قبيلائي جھيڙا ڪرائڻ سميت لٽڻ ڦرڻ لاءِ ھنن ڪا ڪثر ناھي ڇڏي آھي، نه ئي ھنن ڪو موقعو ھٿان ضايع ٿيڻ ڏنو آهي ھي چور به آھن ته چوڪيدار به آھن جنھن جو مثال ڪجھ ڏينھن اڳ چيڪنگ دوران جيڪب آباد پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي شڪارپور پوليس جي اسڪواڊ ۾ ويندڙ جديد ھٿيارن ۽ گولين سان ڀريل ويگو گاڏي مالڪ سميت گرفتار ڪري ورتو جيڪي ھٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن کي پھچائڻ لاءَ پي ويا، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته گرفتار ٿيل شخص شڪارپور جو ھڪ بااثر وڏيرو جيڪو ھن وقت صوبائي صلاحڪار به آھي ان جو پٽ آھي، ڪروڙين رپين جي جديد هٿيارن سان ڀريل گاڏي پوليس جي اسڪواڊ سميت جيڪب آباد پوليس طرفان گرفتاري ظاھر ڪيل شخص کي بعد ۾ جيڪب آباد پوليس صوبائي صلاحڪار جو پٽ ھجڻ جي ڪري مٿان جي دٻاءَ سبب آزاد ڪري ڇڏيو، ھونئن به ھتي شراب مان ماکي ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ته ناھي، ھتي اھڙا ڪرشما ٿيندا رھندا آھن. (جاري)

اڪبر عارباڻي/گھوٽڪي

سنڌ حڪومت لاءِ پريشاني سان گڏ چيلئنج بڻيل ڌاڙيل!

(حصو ٻيون)

ڌاڙيلن خلاف حڪومت طرفان ماضيءَ ۾ آپريشن ڪامياب نه ٿي سگهيا، لا اينڊ آرڊر جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي برقرار رهيو، هٿيارن جي سپلائي بند ٿي نه سگهي، ڪچي جي علائقي ۾ خدمتون انجام ڏيڻ وارا پوليس آفيسر ڌاڙيلن کي هٿيارن تائين رسائي بند ڪرڻ جي سفارش ڪندا آهن، جنهن تي مڪمل درآمد ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ سواليان نشان آهي، جي ڳالهه ڪجي جيڪب آباد واقعي کان پهريان گهوٽڪي ويجهو هٿيارن سان ڀريل هڪ گاڏي پڪڙي وئي، جنهن ۾ هٿيار ڪي پي ڪي جو پوليس جو هڪ حاضر سروس اهلڪار کڻي وڃي رهيو هو، جنهن سلسلي ۾ هن وقت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار بابل خان ڀيو جو اهو چوڻ آهي ته جيڪب آباد جي حد ۾ جيڪو غير قانوني هٿيار پڪڙيا ويا ان تي غير ضروري سياست ڪئي وئي، مون تي الزام هڻي منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ويو آهي، ان واقعي سان منهنجو ڪو تعلق ناهي ۽ نه ئي وري ڪو واسطو آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ان واقعي لاءِ غير جانبدار تحقيقات ڪرائي ۽ شفاف انڪوائري به ڪرائي، مون وڏي وزير جي مشير خاص/ خاص صلاحڪار واري عهدي تان استيفيٰ ڏني آهي، انڪوائري رپورٽ پبلڪ ۾ عام ڪئي وڃي ته بهتر ڳالهه چئبي. هوڏانهن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ امن امان معاملي تي لفظي جنگ به تيز ٿي وئي آهي، جنهن لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرن جو چوڻ هو ته سڄي پاڪستان ۾ ميڊيا ڏيکاريو ته ڪهڙي طرح پ پ وزيرن جي گاڏين مان هٿيار اسمگل ٿيندا آهن، گذريل 15 سالن ۾ پوليس ۾ ٿيڻ وارين سمورين ڀرتين جي اسڪروٽني ڪئي وڃي، جنهن سلسلي ۾ پ پ ۽ سنڌ حڪومت جو ترجمان پنهنجي سرڪار جو دفاع ڪندي ۽ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغوائن، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ايم ڪيو ايم ملوث رهي آهي، اسان جي پ پ اڳواڻن سياسي ساک تي ڌڪ رسڻ تي پنهنجي طرفان خاص صلاحڪاري تان استعفيٰ ڏني جنهن سان انصاف ٿيندو.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

گرلس اسڪول ملڪاڻي 3 سالن کا بند ڇو؟‎

ملڪاڻي شريف ۾ مين گرلس اسڪول گذريل 3 سالن کان بلڊنگ جي خطرناڪ صورتحال جي ڪري حڪومت بند ڪرائي وري ان جي سار نه لڌي آهي، جنھن سان تقريبن 1 ھزار نياڻين جي تعليم داءَ تي لڳل آھي. علائقي واسين ڪيترائي ڀيرا تَر جي ايم اين ۽ اي ايم پي اي ڏانھن ھڪ وفد جي صورت ۾ اھو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ کڻي ويا آھن پر ڪير به اسڪول جي عمارت ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. آخر اھا عمارت ڪير ٺھرائي ڏيندو؟ تازو ئي علائقي واسين سوشل ميڊيا تي ھڪ ڀرپور مھم جو اعلان ڪيو آھي. (ريپئر گرلس اسڪول ملڪاڻي) سڀني علائقي واسين جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته اسان کي 5 ھزار اٽي جا نه کپن، اسان کي تعليم کپي! اسان جون نياڻيون گذريل 3 سالن کان تعليم کان محروم بڻيل آھن، انھن جو مستقبل داءَ تي لڳل آھي. گرلس اسڪول ولي محمد ملڪاڻي 1990ع ۾ قائم ٿيو هو. جنھن کان پوءِ 2002ع ۾ ھڪ ڀيرو رپيئر ڪيو ويو، ان کان پوءِ وري اسڪول طرف ڪنھن به ڌيان نه ڏنو ۽ آخرڪار اسڪول جي عمارت ايتري خطرناڪ ٿي وئي جو اسڪول بند ڪرڻو پيو. حڪومت اسڪول کي صرف بند ڪرايو آهي پر وري مرمت جو اڄ تائين خيال نه آيواٿس. اسان جي ايجوڪيشن منسٽر سيڪريٽري ۽ ٻين ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ اختيارين کي پرزور اپيل آھي ته مھرباني ڪري گرلس اسڪول ملڪاڻي رپيئر ڪرائي ڏنو وڃي جيئن نياڻين جي تعليم بحال ٿي سگھي.

سيف الدين ملڪاڻي/بدين

ذيشان جي معصوم

مرڪ جو قسم اٿو!

(حصو پهريون)

خاموش سُڏڪن جو آواز محسوس ڪندي اُن پوڙھي جيجل جي ڀرسان اچي سندس درد ڪٿائُن جا داستان ٻڌائڻ جو چيم ته سندس ئي سڏڪن جي لتاڙ ۾ لفظ چيڀاٽجي نڪرندا رھيا ته مون کي ذيشان موٽرائي ڏيو. ذيشان جي امڙ جي عبادت ۽ ھٿڙن جا ڪشڪول اُڀا ڪري سڀن جي مالڪ کان بي پناھ درخواستون خيالن جي پنن تي لڙڪن جي مس سان لکي موڪليندي رھي ٿي، سندس ۽ سندس گھر جون مرڪون ڄڻ ذيشان پاڻ سان گڏ کڻي ويو ھجي، ذيشان ڏاھري جيڪو گذريل پندرنھن مھينن کان ضلعي سانگھڙ جي شھر سرھاري جي ڳوٺ رمضان ڏاھري مان اسڪول ويندي پراسرار  نموني  گُم ٿي ويو آھي، ھن معصوم نينگر کي وارثن ھرھنڌ ۽ هر جاءِ تي ڳوليو آھي پر اڃان تائين سندس ڪو به پتو پئجي سگھيو ناھي. ان معصوم نينگر کي زمين کائي وئي يا آسمان ڳهي ويو؟ وارو سوال سندس جيجل ماءُ جي چپن تي ڄڻ سُئي سان سِبجي ويو آھي، جيڪڏهن اکيون آسمان ڏانھن اُٿن ٿيون ته به سوال ساڳيو ئي رھي ٿو، سنڌ جي مُئل شعور جا ذھني مريض سرڪاري باشنده، ھر روز جي رونما ٿيندڙ واقعن کان الائي ته ڇو ڪن لاٽار بڻجي ويٺل آھن، سياسي، سماجي ڌُريون يا وري انساني حقن واريون تنظيمون، جيڪي ملڪي توڙي غير ملڪي فنڊن ۽ واھ واھ ميڙڻ جي چڪر پنھنجي فرض کان الائي ڪيترا ئي ڪلوميٽر پري رھجي ويون آھن، اھو ئي سبب آھي جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان معصوم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گُم ٿيڻ وارو عمل اڃان تائين رُڪجي ناھي سگھيو، ھر روز ھڪ نئون واقعو ميڊيا جي ڪڇ تي سوار بڻجي ھِنن سمورين تنظيمن ۽ ملڪي قانون جي ڪالر ۾ ھٿ وجھي وڏي واڪي اھو سوال پڇي ٿو ته آخر ڪيسيتائين ھي اسان جي لڪ لڪٽوٽي راند ھلندي رھندي ۽ توھان جو ھي وزنائيتو بار آخر ڪيسيتائين ڪرسين تي اپاھج بڻجي پيو ھوندو؟ (جاري)

گل حسن خاصخيلي/ بکر جمالي موري

ڪي فور سم نالي جي کاٽي بروقت ڪرائي وڃي!

دنيا جي تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن کي ڏسندي جتي دنيا جا ترقي يافتا ملڪ اڻ مندائتن مينھن کي منھن ڏيڻ لاءِ پنھنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻي رھيا آھن، اتي اسان جي ملڪ ۾ وري مندائتن مينھن کان به بچاءَ لاءِ پراڻن ٺھيل سم نالن جي کاٽي ڪونه پئي ڪرائي وڃي.  خدا خير ڪري جيڪڏهن ھن سال به 2022ع جھڙي موسمي صورتحال پيدا ٿي ته 2022ع کان ڪيئي حصا وڌيڪ نقصان ٿيندا. تنھن ڪري حڪومت وقت ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان کان بچاءَ لاءِ ھاڻ کان ئي اوليتي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ گھرجن، واپڊا اسڪارپ ھيڊ آفيس خيرپور جيڪا شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سان لڳ واپڊا ڪالوني ۾ واقع آھي. ان سان لڳولڳ اڀرندي پاسي کان شروع ٿيندڙ k فور سم نالو شروع ٿئي ٿو، جيڪو اتان ٿيندي يوسي بگرو جي ڳوٺ پھوڙ، ڦلپوٽا، الهه بخش ڪٽوھر کان ٿيندو ارباب شر توڙي ڳوٺ خدا بخش ڦلپوٽو جي حدن مان گذري حسين آباد پھچي ٿو، گذريل 2022ع واري برساتن ۾ ڄاڻايل سم نالي جو سمورو پاڻي اٿلي حسين آباد جي ڳوٺ کي گھيري ڇڏيو ھو، جنھن ڪري ڪيترائي گھر پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ھئا ۽ ڳوٺ واسين جي زندگي مفلوج بڻجي وئي ھئي. سم نالي جو اٿلڻ جو وڏو سبب کاٽي نه ٿيڻ ۽ ڀڪن جي مضبوطي نه ھئڻ ڪري ٿيو ھو، تنھن ڪري ڪي فور سم نالي جي کاٽي کڻائي ان جي پاڻي کڻڻ جي سگھ به ٻيڻي ڪئي وڃي ۽ ڳوٺ حسين آباد وٽان کاٽي واري مٽي سم نالي جي اولهندي ڀڪ کي ڏني وڃي جيئن اھا ڳوٺ لاءِ بچاءُ بند جو ڪم ڪري سگھي. ڪي فور سم نالي جي پاڻي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڳوٺ ڃاڃي ٻرڙا وٽان سئي گئس پائيپ لائين جي گذر آهي. جتان سئي گئس لائين سم نالي کي گذري ٿي، اتي ھيٺان تقريبن سئو فٽ کن جو ھڪ منڍي موري آھي جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ مٽي ۽ پٿر وغيره اچڻ ڪري بند ٿي وڃي ٿي ۽ پاڻي جو نيڪال درست طريقي سان نه پيو ٿئي، تنھن ڪري ڄاڻايل ھنڌ وٽان ھڪ ٻي موري به ٺاھي وڃي جيئن پاڻي جو گذر بنا رنڊڪ جاري رھي. ان کان سواءِ سم نالي تي اڏيل پراڻين پلين ۾ به جيڪي موريون يا پائيپ پيل آھن سي ماضي جي حساب سان ته ٺيڪ ھئا پر ھاڻ وڏو وقت گذرڻ ڪري اھي به پنھنجي اصل مقدار وارو پاڻي ڪونه پيا نيڪال ڪري سگھن. تنھن ڪري انھن جاءِ تي ٻي موري يا پائيپ به ھنيا وڃن. ان بعد جوڳي ڳوٺ وٽان سم نالي جي حالت تمام خراب آھي. ڄاڻايل سم نالي جي کاٽي 2022ع ۾ نه ھئڻ ڪري ڳوٺ حسين آباد سميت ڃاڃي ٻرڙا، اسماعيل شاھ،  لاڻيشن، ڳوٺ ابڙا، فيض محمد گوندل، لياري، معصوم شاھ، جنگل فقير، لال خان جي وانڍ ۽ ٻين ڳوٺن جي ماڻھن ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ڪٽيا ھئا. تنھن ڪري ڄاڻايل سم نالو جيڪو واپڊا اسڪارپ جي ھيڊ آفيس وٽان شروع ٿي ڳوٺ مولڙي لڳ ٻئي وڏي سم نالي ۾ پئي ٿو جنھن جي ڪل ڊيگھ اٺ ڏھ ڪلوميٽر مس ٿيندي ان جي بروقت کاٽي کڻائي ڄاڻايل ڳوٺن جي ماڻھن کي ايندڙ امڪاني برساتن جي تباھي کان بچائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي جلد ڪم شروع ڪرڻ گھرجي.

محمد رضا خاصخيلي/ ڪوٽڏجي

ايم سي ٻولھاڙي جي عوام کي پاڻي ڏيو!

پاڻيءَ جي لاءِ لاڳيتو جدوجهد ھلي رهي آهي ۽ ھلندي، پاڻي بحال ڪرائڻ تائين خاموش ڪونه ويھبو، ھاڻ ٽينڪر مافيا مون کي جھڪائڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ لاءِ نوان طريقا استعمال ڪيا آهن، جيئن آئون ۽ منهنجي ٽيم مايوس ٿي ھمٿ ھاري پاڻيءَ جي مسئلي تان ھٿ کڻي وڃن پر اھا انهن جي سوچ غلط آهي، خاموش تڏهن ٿينداسين جڏهن دنيا ۾ ئي نه ھجو، باقي جيستائين ھونداسين پاڻي لاءِ رڙيون ڪوڪون پيا ڪنداسين، منهنجي حوصلي ۽ ھمٿ کي ڏسي ھاڻ علائقي واسين کي منھنجو ساٿ ڏيڻ گھرجي، ڇو جو منهنجي طبيعت اھڙي آهي جو جنهن ڪم کي کڻندو آھيان ان کي پورو ڪندو آھيان، پاڻي بحال ڪرائڻ منھنجو مشن آهي، پاڻي بحال ڪرائي پوءِ سک جو ساھ کڻندس. باقي ٽينڪر مافيا لاءِ منھنجو پيغام آهي ته ستار نه ڪلھ جھڪيو هو نه اڄ جھڪندو؟ ڪير ساٿ ڏئي يا نه ڏي جيڪي گڏ آهن جيڪڏهن اھي به ساٿ ڇڏي ويا ته اڪيلي سر جدوجهد ڪندس. ايم سي ٻولھاڙي جي پاڻي سميت سڀني بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن شاعر لکيو آهي (منزلين لاکه ڪٺن هون گذر جائون گا، حوصلا هار ڪي بيٽهون گا تو مر جائون گا، چلتي تهي ميري ساته ڪهان هين وه لوگ جو يه ڪهتي تهي ڪه راستي مين بکهرجائون گا.) سنڌيءَ ۾ مشهور چوڻي آهي ته ھمٿ مردا، مدد خدا، اسان جو آسرو الله ۾ آهي، انسان ۾ نه انسان پاڻ محتاج آهي، ڪنهن کي ڇا ڏيندو؟ جنن پاڻي بند ڪيو، ان تي حيران آھيان ۽ ڪنهن ڏاھي جا لفظ ياد ٿا اچن جيڪڏهن رزق رب سائين جي بجاءِ انسان جي ھٿ ۾ ھجي ھا ته انسان انسان کي بک تي ماري ڇڏي ھا جيڪي ماڻهو خدا جي نعمت کي قيد ڪري پئسن تي کپائن ٿا اھي رزق ڪيئن ڇڏين ھا ان لاءِ شڪر گذار آھيون، رب سائين جو رزق ان جي ھٿ ۾ آهي، ڊي سي صاحب، وزير اعليٰ صاحب ۽ ٻين وسن وارن کي ھن لکڻي جي ذريعي اپيل ٿو ڪيان ته خدارا ٻولھاڙي جي عوام تي رحم ڪري انهن کي لائينن وسيلي پاڻي بحال ڪرايو.

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

پورهيتن جو ڏينهن!

“اي ظالم سرمائيدارو! غريب پورهيتن تي حڪومت ڪرڻ وارو! غريبن جي آواز کي نه دٻايو، مزدورن جي آواز کي دنيا جي ڪابه طاقت دٻائي نٿي سگهي، اسان پنهنجا حق ضرور وٺنداسون.” مٿيان لفظ شڪاگو جي پورهيت اڳواڻ رابرٿ اسپائنر جا آهن، جيڪو ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت اهو سڀ ڪجهه چئي رهيو هو. سندس آخري لفظ اڄ به ظالم کي للڪاري رهيا آهن. پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جي مزدورن کي ان ڪري شهيدن ڪيو ويو ته هو لاڳيتو سرمائيدارن کي چئي رهيا هئا ته اسان کي اسان جا حق ڏنا وڃن، هو اجورو وڌائڻ، اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ۽ پورهيت سان غير انساني سلوڪ ڪرڻ جي خلاف آواز اٿاري رهيا هئا. کين پڪ هئي ته آسٽريليا ۾ جيئن مزدورن 1856ع ۾ پنهنجا حق مڃرايا هئا، هي به ايئن ڪري آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين مزدورن کي حق وٺرائي ڏيندا پر ڪنهن ٿي ڄاتو هو ته پورهيتن جي رت سان شڪاگو جا رستا ريٽا ٿي ويندا ۽ سرمائيدارن جي اشارن تي هلڻ واري حڪومت هزارين پورهيتن کي شهيد ڪرائي ڇڏيندي. ٻي مئي تي شڪاگو ۾ شهيدن جي سوڳ ۾ تعزيتي ميڙ ڪوٺايو ويو، تڏهن پڻ سوين مزدور گرفتار ڪيا ويا ۽ کين ڦاهي ڏني وئي هئي. مزدور طبقو پوءِ به خاموش نه ٿيو، ايڏي وڏي قرباني کان پوءِ وقت ثابت ڪيو ته حڪومتون ۽ سرمائيدار طاقتور هوندي به هيڻن آڏو هار کائي ويا. دنيا اندر مزدورن کي انهن جا بنيادي حق ملڻ لڳا. اسان جي ملڪ ۾ مزدور، پورهيت، هاري، محنت ڪندڙ ۽ حلال روزي ڪمائڻ وارن جو حال ڇا آهي؟ مهانگائي ڪري هڪ طرف هو پريشان آهن ته ٻي پاسي گهڻو ڪم ڪرڻ سبب ڪمزور ٿي رهيا آهن. حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته مزدور به انسان آهن ۽ سندن ضرورتون به پوريون ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ وٺڻ لازمي آهن، سرمائيدارن جهڙي سوچ رکندڙن لاءِ پيغام آهي ته ريلي ڪڍڻ، يا تقرير ڪرڻ سان مزدورن کي حق حاصل نه ٿيندا، ها پر اڄ جي دور جو ظالم سرمائيدار ۽ سندس ڇاڙتي حڪومت چاهي ته اسان جي ملڪ ۾ به مزدور طبقو اهي سڀ حق حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪي دنيا اندر مزدورن کي حاصل آهن.

حسيب ناياب منگي/ شڪارپور