شيڊو پرسنلٽيShadow Personality))ڇا آهي ۽ ان جو تصور ڪنهن ڏنو؟ … زاهد حسين

0
29
شيڊو پرسنلٽيShadow Personality))ڇا آهي ۽ ان جو تصور ڪنهن ڏنو؟ ... زاهد حسين

 نفسيات جي مطالعي اندر شيڊو پرسنلٽي Shadow Personalityجنهن کي شخصيت جو پاڇو يا سايو چيو ويندوآهي ان جو تصورسوئٽزرلينڊ سان تعلق رکندڙ نفسياتي ماهر ڪارل جُنگ Carl Jung ڏنو هو.هي تجزياتي نفسيات Analytical Psychology جو باني هيو ۽ هن شاخ کي ترقي ڏيارڻ ۾سندس اهم ڪردار هو، انهيءَ ڪري کيس هن نظرئي جو علمبردارسمجهيو ويندو آهي. هن شروعات ۾ سگمنڊ فرائيڊ سان گڏجي ڪم ڪيو، جيڪو نفسياتي تجزيي  Psychoanalysis جو باني هو پر اڳتي هلي هن فرائيڊ جي خيالن کان جدا رستو اختيار ڪيو ۽  پنهنجي نظرئي تجزياتي نفسيات تي ڪم ڪرڻ لڳو.

ڪارل جُنگ پاڇي Shadowبابت چوي ٿو.

اسان جون دٻجي ويل خاصيتون جن ۾ ناپسنديده خاصيتون جن کي اسان معاشرتي دٻاءُ، پنهنجي والدين، استادن يا پاڻ کان وڏن جي چوڻ تي دٻائي ڇڏيندا آهيون جيئن ڪاوڙ، روئڻ يا ضد ان کان علاوه اسان جون لڪل صلاحيتون  Hidden Instinctجهڙوڪ غير دريافت شده تخليقي قابليتون، اسانجا شوق، اسانجون دلچسپيون، فطرت ۽ جبلت وغيره جن کي ٻين جي ڊپ ۽ منع ڪرڻ تي پنهنجي لاشعور ۾ جبري طور لڪائي ڇڏيندا آهيون. ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي مثالي خودي ۽ سماجي اميدن جي متضاد هونديون آهن.

 مثال طور؛اگر ڪنهن ٻار کي گهڻا سوال ڪرڻ جي عادت هوندي آهي پر بچپن ۾ ئي ان کي سوال ڪرڻ کان ڪنهن استاد يا والدين پاران روڪيو وڃي ٿو ايترا سوال ناهن ڪبا.

ڪو ٻار اگر روئي ٿو ته سندس والدين ان کي روئڻ کان منع ڪندا آهن ته پٽ روئڻ ڇوڪرين جو ڪم آهي تون مرد ٿي ڪري روئين ٿو مرد ڪڏهن روئيندا ناهن.

ڪنهن ٻار جي اگر ڪنهن هُنر يا فن سان دلچسپي هجي جيئن ڳائڻ، شاعري ڪرڻ يا مصوري ڪرڻ۽ قدرتي طور تي ان فن کي اجاگر ڪرڻ جون انيڪ صلاحيتون به رکندو هجي پر اسان کيس روڪي ڇڏيون فقط ان لاءِ ته اهو ڪم اسانجي رتبي يا خانداني رسم و رواج جي خلاف آهي.

اگر ڪو ٻار ڪاوڙ جو اظهار ڪري ۽اسان کيس گهٽ وڌ ڳالهائي يا دڙڪا ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏيندا آهيون ڪاوڙ ڪرڻ صحيح ناهي.

جڏهن ته ٻار کي دڙڪا ڏئي ان جي خواهشات، هنر ۽ قابليتن کي دٻائڻ سان سندس پاڇي واري شخصيت جو حصو وڌيڪ سگهارو ٿيو وڃي ان جي شخصيت ۾ موجود تخليقي صلاحيتون توڙي جزبات سندس لاشعور ۾ دٻجي وڃن ٿا جن کي جبري طور دٻائڻ سان سندس شخصيت تي ڪافي منفي اثر پون ٿا. جيئن ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪري يا ته هو اڳتي هلي هو تمام جارحيت پسند ٿي سگهي ٿو يا ته مستقبل ۾ صحيح جڳهه تي به ڪاوڙ ڪونه ڪري سگهندو پوءِ ڀلي ڪو سندس حق به ڇو نه کائي وڃي پر اهو ٻار خاموش ئي رهندو جائز جڳهه تي به ڪاوڙ جي اظهار تي پڇتائيندو رهندو الائي صحيح ڪيم يا غلط۽ ان سان گڏ ٻار جي شخصيت ۾ اعتماد جي کوٽ، فيصلا سازي جي ڪمي، والدين تي مدار ڪرڻ، معاشري کان لا تعلقي جهڙا عنصر پيدا ٿين ٿا. ۽ ان سان ٿيندو اهو ته هو ٻار جيڪا شخصيت ظاهري طور پيش ڪندو اها سندس پاڇي واري سخصيت جي برعڪس هوندي.

جُنگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڇو Shadowاسانجي پنهنجي لاشعوري پهلوئن ڏانهن اشارو ڪري ٿو. هن وڌيڪ اهو چيو ته پاڇي کي مڪمل طور تي منفي سمجهڻ به مناسب ناهي ڇا ڪاڻ ته پاڇو تخليق، جبلت ۽ جذبن جون ڪجهه ڳُجهيونHidden Instinct صلاحيتون رکي ٿو جن کي اسان مڪمل طور دريافت ناهيون ڪري سگهيا ڇاڪاڻ ته اهي پهلو گهڻي ڀاڱي لاشعوري آهن يا ائين به ٿي سگهي ٿو اسان انهن کان مڪمل طور تي ناواقف هجون.

پاڇيShadowجي شدت گهٽائي ان مان جند ڪيئن ڇڏائجي؟

پهرين ته اندردفن ٿيل انهن منفي جذبن جي نشاندهي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري روين جي شدت کي ڀڙڪائيندڙ ماڻهن يا حالتن تي غور ويچار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان انهن جا اصل سبب ڄاڻي تبديل ڪري سگهون.

پنهنجين شخصي برائين ۽ ڀلائين ٻنهي کي قبول ڪرڻ گهرجي جن جون جڙون اسان جي لاشعور سرائيت ڪري چڪيون آهن پوءِ ڏسئون جتي غلط آهيو انهن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.

پنهنجي اصلاح ڪري پاڻ کي صحيح دڳ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪريون اگر ضرورت پوي ته ٻين کان به مدد وٺڻ گهرجي.

پنهنجي پاڇي مان جلدي جان ڇڏائڻ بجاءِ شعوري بيداري ۽ عقل و فهم کان ڪم وٺون۽ يقين رکو ته ان مان جند ڇڏائڻ مشڪل آهي پر وقت سان گڏگڏ ان مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي.

سماج اندر پنهنجن رشتن ناتن ۽ دوستن ۾ ضم ٿي وڃو ٻين جي جذبن جو قدر ڪريون ته ٻيا به اسان جي جذبن جي قدر ڪن.

نفسياتي ماهرن جي مدد پڻ پاڇي مان جند ڇڏائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

پنهنجي پاڻ تي به ٻاجهه صبر و تحمل سان پيش اچون ڇو ته پنهنجي شخصيت جي پاڇي واري منفي پاسن کي مات ڏيڻ ۾ ٿورو وقت ضرور لڳندو.

پنهنجي پاڇي جي منفي پاسن تي پاڻ کي سزا ڏيڻ يا شرمسار ٿيڻ بجاءِ آهستي آهستي مثبت سگهه ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون… واٽس ايپ تي اماڻيل)