ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو شاگردن کي رليف لاءِ داخلا في ۾ 50 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو سينڊيڪيٽ جي منظوريءَ سان داخلا فين ۾ ڪيل معمولي واڌ جو 50 سيڪڙو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو سينڊيڪيٽ جي ايندڙ اجلاس ۾ منظوريءَ سان مشروط هوندو. يونيورسٽيءَ جي قانون ساز اداري سينڊيڪيٽ 2017، 2018 ۽ 2019ع ۾ ميرٽ توڙي سيلف فنانس ڪيٽيگريز ۾ زير تعليم شاگردن جي داخلا في 2020ع بئچ جي برابر ڪرڻ لاءِ ساليانو 4 هزار رپين جي معمولي واڌ ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن تي وائيس چانسلر پاران ٻيهر نظرثاني ڪندي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن بعد ميرٽ توڙي سيلف فنانس داخلا فين ۾ ڪيل واڌ کي 50 سيڪڙو گهٽائڻ جي منظوري ڏني ويئي. وائيس چانسلر پاران ڏنل انهيءَ رعايت سان صبح ۽ شام جي 2017، 2018ع ۽ 2019ع بئچن جا شاگرد فائدو حاصل ڪري سگهندا. ميرٽ توڙي سيلف فنانس اسڪيم تحت وڌايل فيس ۾ 50 سيڪڙو رعايت ملڻ کان پوءِ ڊجيٽل چالان 28 جون کان اِي پورٽ ذريعي جاري ڪيا ويندا، جيڪي شاگرد 3 جولاءِ تائين جمع ڪرائي سگهندا. اهڙا شاگرد جيڪي اضافي سميت پنهنجي داخلا في اڳ ۾ ئي جمع ڪرائي چڪا آهن، انهن جي واڌ تي 50 سيڪڙو ڏنل رعايت واري رقم ايندڙ سال يا سيمسٽر جي فيس ۾ ايڊجسٽ ڪئي ويندي، جڏهن ته فائنل ۾ زير تعليم شاگردن کي ڊسمبر کان اڳ اها وڌيل رقم جو فرق واپس ڪيو ويندو.