ڄامشورو (رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ ورسٽي ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي ڏوهه 4 چار شاگرد کنڀي گم، نوجوانن جي آزادي لاءِ هاسٽل گيٽ تي ڌرڻو، ان ڏس ۾  رات دير سان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن حيدرآباد علمدار چوڪ لڳ هڪ فليٽ تي چڙهائي ڪري 4 شاگردن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، کنڀيل شاگردن ۾ آڪاش لاکو، زوهيب لاکو،ارسلان آريسر ۽ نظام الدين سومرو شامل آهن، ٻي طرف نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران هاسٽل گيٽ اڳيان  شفقت جهتيال،آسيس لغاري،علي ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته يورسٽي ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي، پوليس هٿان شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ سان ڪير به اسان کي ڏوهي ثابت نٿو ڪري سگھي، يونيورسٽي ۾ پوليس جون گاڏيون بيهاري شاگردن کي هيسايو پيو وڃي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن جي مذمت ڪيون ٿا، انتظاميا ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي جنھن کي برقرار رهڻ نه  ڏينداسين، شاگردن مطالبو ڪندي چيو ته کنڀي گم ڪيل شاگردن کي فوري طور تي ظاهر ڪيو وڃي.