اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي حملي ۾ داعش جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو  آھي ته اسان انهن رپورٽن کي ڏٺو آھي جن ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني تي ٿيل دهشگردي جي حملي جي داعش ذميواري قبول ڪئي آھي. آزاداڻي طور توڙي افغان اختيارين سان مشاورت بعد انهن رپورٽن جي تصديق ڪري رهيا آھيون هي حملو ظاهر ڪري ٿو ته دهشتگردي سبب افغانستان ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي خطرا موجود آھن، دهشتگردي جي ان لعنت کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان کي تمام تر اجتماعي طاقت جي عزم کان ڪم وٺڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت پاران چيو ويو ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي جي عزم تي ثابت قدم آھي.