شڪيل احمد راڄپر

ايامن کان چوڻي آھي ته

“Ignorance of law is no excuse ”

يعني  قانون جي لا علمي ڪوبه جواز نه آھي، تنھن ڪري قانون  جي ڄاڻ تمام اھم آھي ۽انسان يعني عام شھرين جا ڪجھه بنيادي حق ھوندا آھن. جنھن کي پڻ آئين ۾ تحفظ فراھم ٿيل ھوندو آھي. اھڙي طرح پاڪستان جي آئين ۾ ڄاڻ جو حق بحيثيت بنيادي حق جي آرٽيڪل 19A ۾ ڏنل آهي. جيئن ته آئين”Suprema lex”يعني بالادست قانون ھوندو آھي ۽ سمورا قانون ان جي روشني۾ ئي ٺاھيا ويندا آھن، اھڙي طرح پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19A۾ ڏنل ڄاڻ جي بنيادي حق بابت وفاق۽ صوبن به پنھنجا پنھنجا قانون جوڙيا آھن. جيئن ته ارڙھين ترميم کان پوءِ صوبا ڪافي خود مختيار آھن، اھڙي طرح سنڌ صوبي به ان سلسلي ۾ ھڪ اڳڀرائي

“The Sindh Transparency And Right to Information Act 2016”.

ڪئي آھي. معلومات يا ڄاڻ جي ھن قانون جو بنيادي مقصد ھر شھري لاءِ تيز ۽ سستي انداز ۾ سادو طريقيڪار جوڙي عوامي ادارن جي ڪم ( working)  ۾ شفافيت کي ھٿي ڏيڻ آھي،ته جيئن سٺي حڪمراني ۽ احتساب جي رستي کي ھموار ڪري سگھجي. ڄاڻ جي ھن قانون تحت اسين سنڌ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي ادارن، کاتن يا ان جي نامزد اھلڪارن  (ملازمن ) کان ھن قانون تحت حاصل ڪرڻ جوڳي  بنيادي ڄاڻ وٺي سگھون ٿا، ڪنھن به ڪم يا دستاويز جو معائنو ڪري سگھون ٿا، ۽ ڪنھن به دستاويز جو سچو نقل

( certified copy)

پڻ حاصل ڪري سگھون ٿا ۽ اليڪٽرانڪ صورت ۾ ڄاڻ جي ڪاپي به وٺي سگھون ٿا. ان سلسلي ۾

“The Sindh Transparency And Right to Information Act 2016”.

جي شق نمبر ۸(Section 8) ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل طريقيڪار فراھم ڪيل آھي. جنھن تحت ڪوبه شھري/ درخواست گذار عوامي اداري يا ان جي نامزد  اھلڪار کي گھربل ڄاڻ جي درخواست ڏئي سگھي ٿو . ڄاڻايل درخواست ڪنهن به نموني يا طريقي

نامزد ڪيل اهلڪار کي ڏني ۽ مڪمل ڄاڻ ۾ آندي ويندي.

درخواست گذار کان معلومات جا جوڳا تفصيل ۽ گهربل معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ  ضروري تفصيل طلب ڪيا ويندا.

نامزد ڪيل اهلڪار درخواست تي جيترو جلد ٿي سگهي جواب ڏيندو ۽ ڪنهن معاملي ۾ پندرنهن(15) ڪم وارن ڏينهن(working days) اندر،جيڪڏھن  گهربل معلومات آساني سان موجود نه آهي ته، نامزد ڪيل اهلڪار درخواست گذار کي آگاهه ڪندو ۽ درخواست تي جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ڏهه(10 )ڏينهن وٺي سگھي ٿو.

ڪنهن فرد جي زندگي يا آزادي جي تحفظ لاءِ گهربل معلومات ٻن ڪم وران ڏينهن اندر فراهم ڪئي ويندي. معلومات جي عدم فراهمي جي صورت ۾ نامزد ڪيل اھلڪار ان جا سبب ڄاڻائيندو ۽ معلومات جي فراهمي جي صورت ۾نامزد ڪيل اھلڪار ھڪ سرٽيفڪيٽ ڏيندو ته اھا معلومات درست آهي اھا نقل اھڙي عوامي رڪارڊ جي سچي نقل آھي، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست تي عوامي ادارو يا نامزد ڪيل اھلڪار سواءِ ڪجھه صورتن جي ڪابه فيس نه وٺندو.

نامزد اھلڪار طرفان معلومات نه ڏيڻ جي صورت ۾ان خلاف عوامي اداري جي سربراهه کي اندروني جائزي (Internal review) جي درخواست 60 ڏينهن اندر ڏني ويندي جنهن کي عوامي اداري جو سربراهه 30 ڏينهن اندر اڪلائيندو.

دوستو ڄاڻ جي ھن قانون

“The Sindh Transparency And Right to Information Act 2016”.

مطابق سنڌ حڪومت ھن ايڪٽ جي 100 ڏينهن جي عرصي اندر ھڪ انفارميشن ڪميشن قائم ڪندي جنھن کي سنڌ انفارميشن ڪميشن (Sindh Information Commission)سڏيو ويندو. ھن ڪميشن جو بنيادي مقصد اھو آهي ته جيڪو به درخواست گذار سمجهي ٿو ته سندس درخواست تي ھن ايڪٽ جي گنجائش تحت عمل ناهي ڪيو ويو ته ان شخص کي حق حاصل آهي ته اھو ان عمل خلاف ڪميشن وٽ شڪايت داخل ڪري ۽ ڪميشن وري اھڙي شڪايت تي 45 ڏينهن اندر فيصلو ڏيندي.

دوستو! ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين سنڌ واسي ڄاڻ جي ھن قانون مان ڪھڙي نموني لاڀ حاصل ڪري سگهون ٿا جيئن ته ھن قانون جو بنيادي  مقصد ئي عوامي ادارن ۽ نامزد اھلڪارن جي ڪارڪردگي ۾ شفافيت پيدا ڪرڻ آهي ته ڇو نه مقصد طرف ھڪ قدم وڌايون ۽ سنڌ اندر انھن عوامي ادارن، عوامي نمائندن ۽ نامزد اھلڪارن بابت شفافيت ۽ احتساب جي عمل کي ھٿي ڏياريون ۽ اھڙن عوامي ادارن ، عوامي نمائندن ۽ نامزد اھلڪارن جي بدعنوانين ، بدانتظامين، بي ضابطگين، بي قائدگين ۽ خراب حڪمراني کي وائکو ڪريون.

دوستو!، ھاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ واسي ڄاڻ جي بھترين قانون مان ڀرپور فائدو ۽ لاڀ حاصل ڪري سگھندا؟