ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ بيچلرس ڊگري پروگرام جي پھرين ۽ ماسٽرز جي ٻئين ميرٽ لسٽن جي اميدوارن لاءِ داخلا في جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ 20 جنوري 2023ع تائين واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو موجب بيچلرس ڊگري پروگرامن جي پھرين ۽ ماسٽرز ڊگري پروگرامن جي ٻئين ميرٽ لسٽ ۾ چونڊيل اميدوارن جي سھولت لاءِ داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخن ۾ 20 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي آھي، ٻنھي پروگرامن لاءِ چونڊيل اميدوار داخلا فيس پيئارڻ بعد پنھنجا گھربل تعليمي ڪاغذ پڻ 20 جنوريءَ تائين بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ قائم ڪيل ايڊميشن ڪائونٽرز ۾ جمع ڪرائي سگھن ٿا،