ڇاڇرو (ن پ ا) ٿڌ ۾ اضافي کان پوءِ ڇاڇري ۽ ڏاهلي تعلقي ۾ چوپائي مال ۾ بيمارين منهن ڪڍيو، ٻڌايو پيو وڃي ته 10 ڏينهن دوران سوين ٻڪريون ۽ رڍون سيءَ ۾ مري ويون آهن، جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال بيماري ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڇاڇرو شهر جي درزي پاڙي ۾ نيٻو مل درزي، رمضان منڱريو، بجير پاڙي ۾ يعقوب، بچل، دلاور ۽ سلطان بجير سميت ٻين جون 30 کان وڌيڪ ٻڪريون سخت ٿڌ سبب مري ويون، ڳوٺ علڻ آباد ۾ مکڻ، انور بجير، منر، امير، ساجن بجير سميت ٻين جون 50 کان وڌيڪ رڍون ۽ ٻڪريون مري ويون آهن، ڀاڳين جو چوڻ آهي ته شهر ۽ ڀرپاسي جي ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ سردي ۾ واڌ کانپوءِ ٻڪرين ۽ رڍن کي منهن ساڙو ۽ کلڪيو ٿيي پيو آهي، جنهن سان ڍور سهڪي، سهڪي مري وڃن ٿا، مالوندن مطالبو ڪيو ته ويڪسين ڪري چوپائي مال کي مرڻ کان بچايو وڃي.