خيرپور (رپورٽر) عدالتي حڪمن جي تعميل ڇونه ٿي؟ خيرپور جي عدالت پوليس جي 2 عملدارن سميت 4 ڄڻن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، ان ڏس ۾  خيرپور ۾ سيشن جج مشتاق احمد لغاريءَ جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايچ او ۽ سب انسپيڪٽر صاحب خان لاشاري خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج  ثمينه منگيءَ جي عدالت پڻ سوراهه ٿاڻي جي هڪ زنا ڪيس ۾ جوابدارن طرفان گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست ۾ عدالت سان غلط بياني ڪرڻ تي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل چونڊڪو جي رهواسي رمز علي ولد الهوڌايو سيال ۽ ظفر علي ولد رمز علي سيال خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.