گڊو (ن پ ا) گڊو ٿرمل پاور هائوس جي 747 ميگاواٽ کي آئوٽ آف سورس ڪري ٽينڊر جاري ڪرڻ، 600 ۽ 415 ميگاواٽ جي جنريشن لائيسنس جي بحالي لاءِ هائيڊرو يونين جي سڏ تي سوين ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي گيٽ وٽ ريجنل چيئرمين خادم حسين بوهڙ، شمس الدين سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو،اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ گڊو ٿرمل جي 747 کي آئوٽ آف سورس ڪرڻ چاهي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته گڊو ٿرمل جي 600 ۽ 415 ميگاواٽ جا جنريشن لائسنس 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارا آهن، اسان جو مطالبو آهي منافعي بخش يونٽن جا لائسنس بحال ڪري ملڪ جي ادارن توڙي مزدورن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي. ريجنل چيئرمين خادم بوهڙ اعلان ڪيو ته مرڪز جي سڏ تي خميس ڏينهن 19 جنوري تي 600 ميگاواٽ گيٽ تي ڌرڻو هنيو ويندو.