سنڌ هاڻ تبديل ٿي رهي آهي

0
259

 مڪاني چونڊن ۾ نوان چهرا چونڊجي اچڻ جي حوالي سان به سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪيون ويون، ان حوالي سان فقير سليم پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امير حسن جھڙا نوجوان ئي پنهنجي ڌرتي ۽ ماروئڙن جي خدمت ڪري سگھن ٿا، راجڪمار وڻجارا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته امير حسن جي کٽڻ مان لڳي ٿو ته سنڌ ھاڻ تبديل ٿي رھي آهي . امير سان آخري ڪچھري  ڪجهه مھينا اڳ ٿي ۽ ھن چيو ته اليڪشن کٽڻ لاءِ ڪجهه وقت گھرجي پر مون چيو ته نه اھو سوچ به نه بس سوچ ته آئون کٽيندس ۽ ان سوچ سان محنت ڪر ۽ ان وعدي سان ته ھو پنھنجون سڀ ڪاوشون اليڪشن کٽڻ لاءِ قطب آڻيندو. اڄ امير جي کٽڻ کانپوءِ محسوس ٿي رھيو آهي ته سنڌ جي ماڻھن کي اوھان الٽرنيٽ ڏيو ته سنڌ اوھانکي موٽ ڏيندي. جنهن تي خادم علي لکيو ته امير جي محنت رنگ لاتو، حسن پٺاڻ، همٿ مغيري، اندرا پوناوالا، دسرت ڪوڏيجو، شاهد ميراڻي، مئڪش سومرو، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار، صفدر پنهور، حاجن ڪلهوڙو، افضل شر، امجد ڪريمي به مبارڪون ڏنيون، مخدوم شمس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بدين مان امير آزاد پنهور جو کٽڻ هجي يا قاسم آباد مان سميع چانڊيو يا سنڌ يونيورسٽي مان خليق رحمان جو کٽڻ اصل ڳالھه آھي توهان سياست سان سنجيده ڪيترا آهيو ۽ ٻيو مستقل مزاجي سان بيهڻ. ايس يو پي ڀلي پهرين ۽ ٻئي فيز ۾ ٿوريون ئي سيٽون کٽيون آهن پر ووٽن واري سياسي عمل ۾ سنجيده آهي ان کان انڪار ڪونهي…شروعات آهي ۽ بهتر آهي… جنهن تي ارشاد سومرو لکيو ته پارليامينٽري سياست کان پري رهڻ جو حڪم قوم سان دوکو هو ثابت ٿيو، مظهر رند، وسيم نظاماڻي، اصغر سجاڳ، لال محمد چانڊيو، امير حمزو انڙ، شنڪر داس ۽ ٻين به مبارڪون ڏنيون، انعام الله شيخ لکيو ته جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته ڪو عوام ڊائريڪٽ کين ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪيو آهي ته توهان ڀليل آهيو. دراصل ووٽ جي لاءِ يو سي سطح تي چند نوازيلن کي نوڪريون، نلڪا، ڪٽا ۽ ڪارڊ ڏيئي پولنگ کٽائڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي. اهي نوازيل لٺ توڙي چٺ جو استعمال ڪري يو سي کٽائين ٿا. ان فارمولي کي ناڪام ڪرڻ جو في الحال ته ڪو رستو نظر نه ٿو اچي…. سواءِ ان جي ته پ پ وڏي عرصي لاءِ اقتدار کان ٻاهر هجي ۽ سندس نعم البدل کانئن بهتر هجي يا اڃا به ڪا ٻي وڏي ريڊيڪل تبديلي اچي. جاويد کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن انسان ڪجھه ڪرڻ تي اچي ته هي حڪومتون هي طاقتون ڪجھه به ناهن. اصل قوت انسان جي پنهنجي پوکي آهي. يوسي کورواھ ۾ ايس يو پي جو اميدور امير حسن پنھور ڪامياب پ پ جو الھڏنو چانڊيو حڪومتي سرپرستي هوندي به ھارائي ويو. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سموري سنڌ جي اليڪشن ھڪ پاسي کور واهه مان سنڌ لاءِ سدائين جاکوڙيندڙ امير حسن جي فتح ھڪ پاسي. خان محمد هاليپوٽو لکيو ته بدين جي يوسي کور واهه تي پ پ کي بري شڪست، سنڌ جي متحرڪ قومي ڪارڪن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو وائيس چئيرمين  امير حسن پنهور (ضلع ڪائونسل) سان ڪامياب ٿي ويو…….!! ضلع ڪائونسل جي سيٽ ڪا وڏي اهميت نه پئي رکي پر سنڌ دوست قومي ڪارڪن جڏهن روڊن رستن ۽ احتجاجن کانپوءِ مخالفن کي اليڪشني محاذ تي شڪست ڏيندا ته پوءِ ضرور سنڌ تبديل ٿيندي……!جبار ڪابورو ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون.