مھانگو اٽو ۽ احتجاج ڪٿي دنگ ڪندا؟

 

سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪومت ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين عوام کان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي ويزن کي اڳتي کڻي هلندي اٽو لٽو ۽ اجھو ڏيڻ جي واعدي تي هر ڀير ووٽ وٺڻ کي اوليت ڏني آھي، هونئن به عام طور تي جيئڻ پائڻ ۽ رهڻ لاءِ انسان کي ان کان سواءِ ٻيو ڇا گھرجي؟ هر ڪنهن جي سوچ ۽ خواب هوندو آھي ته هو سٺو کائي، سٺو پھري ۽ هڪ سٺو رهي، پوءِ رهڻ لاءِ جاءِ ڪچي پڪي، کائڻ لاءِ ماني رکي سکي، مھانگي سھانگي يا وري تن ڍڪڻ جو اونو ئي ناهي رهندو پر جڏهن انسان جي زندگيءَ جون اهي ٽئي شيون جن مان خاص طور جيئڻ جي لاءِ کائڻ جي لاءِ اهو اٽو ئي مھانگو ٿي وڃي ته ان جون بقايا ٻئي سوچون في الحال دم پرواز ڪري وينديون آھن، ملڪ جي ٻين صوبن جيان سنڌ صوبي ۾ به وڌندڙ مھانگائي سبب ماڻھو ته اڳ ئي پريشان هئا پر ڪجهه ڏينهن کان اٽي جي اگھن ماڻھن کان ته وڏيون دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آھن، اٽو جيڪو ڪجھه وقت اڳ 43 رپيا ڪلو ملي رهيو هو ان کي ته ڄڻ عقابي پر لڳي ويا، جو اهو 60 يا 65 کان پوءِ يڪدم 140 کان 160 رپيا ڪلو تي پھچي ويو آهي جنهن سبب اڳ ئي مھانگائي جو ماريل پورهيت طبقو ڄڻ ته صفا گھاڻي ۾ پيڙھجڻ لڳو آهي، سنڌ ۾ اٽي جي ان صورتحال سبب سنڌ حڪومت جي ڏنل سبسڊي تي ڪيل 65 رپيا اگھه واري اعلان تي عمل ڪندي مل مالڪن پاران ٿورا گھڻا سستي اٽي جا اسٽال ته لڳايا پر اتي ٿوري تعداد ۾ ڏنل اٽي جي ٻورين پويان سوين نه پر هزارين ماڻھو گڏ ٿيڻ ۽ قطارن ۾ انتظار ڪري خالي هٿين موٽندڙ غريب ماڻھن جو هاڻ ته صبر به موڪلائي رهيو آھي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ۾ ھڪ اڻکٽ احتجاجن جو سلسلو به شروع ٿي ويو آھي، سنڌ جي تقريبن هر شھر ۾ ٿيندڙ احتجاجن سبب مين نيشنل هاءِ وي کان وٺي سرڪاري آفيسن تي لڳل ڌرڻن ۽ سستو اٽو نه ملڻ سبب صورتحال ڏکي بڻجي رهي آھي، مبينا طور هٿرادو پيدا ڪيل اٽي جي بحران تي جلد ضابطو آڻي ان تي عام ماڻھو جي پھچ کي يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران سخت ۽ ترت جوڳا اپاءَ وٺي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان پيار ڪندڙ ماڻھن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي روڪيو وڃي نه ته هاڻ ھي وڏي اسپيڊ سان اٽي جا وڌندڙ اگھه ۽ ان کان ٻيڻا ٿيندڙ عوامي احتجاج خبر ناهي ته ڪٿي دنگ ڪندا، ان ڪري سنڌ حڪومت جلد اٽي جي کوٽ ۽ ان جي وڌندڙ ھٿرادو اگھن واري معاملي جي سنگيني تي نظر رکندي پنهنجا عوامي مفاد وارا فيصلا ڪري پاڻ کي حقيقي عوامي پارٽي ثابت ڪري ڏيکاري ته جيئن سنڌ جي ماڻھن ۾ هو پنهنجي لاءِ اهو ئي پيار ۽ اعتبار برقرار رکي سگھي.

 

قاسم خاصخيلي/جھڏو

 

پهريون خليفو سيدنا صديق اڪبر رضي الله عنه!

 

حضرت ابوبڪر صديق رضه جو اصلي نالو سندس حضرت عبدالله رضه آھي ۽ ڪنيت ابوبڪر آھين، جڏھن ته پاڻ رضه جي ابوبڪر ڪنيت وصفي آهي، يعني حضرت ابوبڪر صديق رضه عنه کي ابوبڪر نالي ڪو پٽ نه ھو، پر بڪر وصف سان مشھور آھن، جنهن جي معنيٰ يا مطلب آھي ته شروعات ڪرڻ وارو، حضرت ابوبڪر صديق رضه عنه ھر ڪم سڀ کان اڳ کان اڳرا هوندا ھئا ۽ سندب صادق، عتيق، امير الشڪرين، اواهه لقب ھئا،صديق سڀ کان وڌيڪ مشهور لقب اٿن، پيءُ جو اصلي نالو عثمان ۽ لقب ابو قحافه ھو ۽ سندن امڙ سانئڻ جو نالو ام الخير سلميٰ ھو، حضرت ابوبڪر صديق رضه جي ولادت 573ع ۾ فيل واري واقعي کان ٽي سال پوءِ ٿي، پاڻ نبي ڪريم ﷺ کان ڪجهه مهينا ننڍا ھئا، جاهليت جي دور ۾ حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه جو نالو عبدالڪعبه رکيو ويو ھو، جنهن کان پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ جن سندن نالو عبدالله رکيو هو. حضرت ابوبڪرصديق رضه جو آسماني نالو “حليم” آهي، جنهن جي معنيٰ آهي وڌيڪ همت وارو، جانثار، وفادار صحابي. حضرت سيدنا ابوبڪر صديق رضي الله عنه 13ھجري جمادي الثاني مھيني جي ستين ڏينهن تي بيمار ٿي پيا ۽ 15 ڏينهن بيمار رهڻ بعد پاڻ 22 جمادي الثاني تي سج لٿي ۽ سومهڻيءَ جي وچين وقت دوران وفات ڪيائون، پاڻ رضي الله تعاليٰ عنه سندس ڪيل وصيت موجب نبي ڪريم ﷺ جي روضي مبارڪ ۾ دفن ڪيو ويو!

 

اياز احمد پتافي/ دادلغاري

 

سنڌ حڪومت جو ڪارنامو، ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بسن جي شروعات!

 

ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي پهرين اي وي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو ويو آهي، جيڪو افتتاح شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه ۽ صوبائي وزير سعيد غني گڏجي ڪيو. اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير سان گڏ ميمبر سنڌ اسمبليءَ جو ميمبر گنهور خان اسراڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عليم شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس جي ڪراچيءَ کان شروعات ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اها ماحول دوست بس سروس آهي، جيڪا بجليءَ جي چارج تي هلندي، جيڪا چارج سان 240 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي. يورپي معيار جي انهيءَ بس سروس سان آلودگي پڻ نه ڦهلجندي. تنهن سان گڏوگڏ مقصد صرف عوام ۽ شهرين کي گهٽ ۾ گهٽ ڪرائي ۾ بهترين سفري سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بس سروس ٽينڪ چوڪ جناح اوينيو کان ايئرپورٽ، شاهراءِ فيصل، ايف ٽي سي، ڪورنگي روڊ، خيابان اتحاد کان ڪلاڪ ٽاور ۽ سي ويو تائين هلائي پئي وڃي. ڪراچيءَ ۾ اهڙي ڪا بس موجود ناهي جيڪا مسافرن کي ايئرپورٽ تائين سفري سهولت فراهم ڪندي هئي، شهري خانگي گاڏيون استعمال ڪندا آهن، يا خانگي ٽيڪسي سروس وسيلي ايئرپورٽ تائين ويندا آهن. جيڪي انهن کان 1500 رپين تائين جو ڪرايو چارج ڪندا آهن پر اي وي بس سروس ذريعي شهري صرف 50 رپين ۾ ايئرپورٽ تائين سفر ڪري سگهندا. سنڌ حڪومت سول ايوي ايشن اٿارٽي جي سهڪار جو به ان سلسلي ۾ ٿورو مڃيو. جنهن سان بس سروس کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي آهي. ڳالهه اها آهي ته پ پ پ حڪومت سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، جيئن شهرين کي فائدو ملي سگھي، جيڪو ڪجھه پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ حڪومت جي وزيراعلى سنڌ مراد علي شاهه جي ڪپتاني ۽ متحرڪ وزيرن جي ڪوششن جو نتيجو آهي جنهن لاءِ وڏي وزير کي ڪابينا ميمبرن جو ڀرپور سهڪار پڻ حاصل رهيو آهي. جيئن سنڌ حڪومت جي قدمن، ڪارڪردگي ۽ ڪارنامن مان خاص ڪري سنڌ جي عوام ۽ ڪراچي جي باشعور شهري مستفيد ٿي سگھن. هن وقت سنڌ حڪومت جي هن ڪارنامي ۽ شهرين کي سستي سفري سهولت حوالي سان ڪيل بس سروس واري قدم جي شروعات تي جيتري تعريف ڪئي وڃي سا گهٽ ٿيندي. سنڌ حڪومت مان اڃا وڌيڪ عوام ۽ شهرين لاءِ فائديمند قدمن جي اميد ڪجي ٿي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

خدارا چورين ۽ ڦرن جي وارداتن کي ٻنجو ڏيو!

 

چوڪي مومن مھر جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي، اسان جي علائقن ۾ ڏوھي وارداتون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن، چوڪي انچارج موبائيل فون بند ڪري گھر ۾ آرام ۾ ستل آهي، جنهن جي ڪري پوليس چوڪيءَ کي تالا لڳل آھن. علائقي واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن. مومن مھر چوڪي لاڳيتو چورن ۽ ڦورن جي نشاني تي چڙهيل آھي، چوڪي مومن مھر ڀرسان پھلوان شر جي ھڪ ڀلوڙ نسل جي ٻڪري ۽ ھڪ ڇيلو اڻڄاتل چوري ڪاھي فرار ٿي ويا، ٽي ڏينهن اڳ محمد حسن راڄپر جي زمين تان اڻڄاتل چور 100 مڻ بهه ٽريڪٽر ٽرالي وجھي کڻي فرار ٿي ويا، انهيءَ سلسلي ۾ مومن مھر چوڪي جي سامھون راھب خاصخيلي جي ھوٽل جو دروازو ٽوڙي ٻه ايل سي ڊيون پڻ چوري ڪري ويا، ڪجھه ڏينهن اڳ غلام عباس پنجابي کان اڻڄاتل ڦورن موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، علائقي واسين کي پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام بڻيل آھي. چوڪي مومن مھر جي حد ۾ چورين جو آزار وڌڻ جي ڪري هتان جو عوام ٻٽي عذاب ۾ وڪوڙجي ويو آهي، چوريءَ جي وارڌاتن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافي ٿي رھيو آھي، علائقي واسين ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي آھي ته هن تَر ۾ پيدا ٿيل بدامنيءَ جو نوٽيس وٺي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري علائقي واسين جي چورين ۽ ڦرن جي آزار مان جان ڇڏائي وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

آخر ڪيستائين

 

ميرپور ماٿيلو ۾ نيشنل اڪيڊمي پرفارمنگ آرٽ (ناپا) پاران هڪ اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو، جنهن جو ليکڪ سنڌ جو ناليوارو لکاري سائين نور زنئور هو ۽ هن کي آرگنائيز ڪندڙ ليکڪ جو پٽ هو، سنڌ جو ناليوارو اداڪار اميد علي ڪلوڙ نور کنڀڙو ۽ لطيف لغاري هي ڊرامو ٽن ڪرداتن تي ٻڌل اصطلاحي ناٽڪ هو، جنهن ۾ سنڌوءَ جو ڪردار سنڌ جي ناليواري اداڪاره عائشه مهڪ ڪيو، مهراڻ جو ڪردار سينئر ادارڪار اسماعيل چانڊيو نڀايو ۽ هن ۾ پوليس جو نرالو ڪردار هو جنهن کي اعظم مينگل تمام بهترين نموني سان ملهايو. اسٽيج تي پرمارمس ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، هن ڊرامي جي شروعات سماج جو ماريل گهراڻو جنهن ۾هڪ کٽ تي لاش پيل هو جيڪو سنڌوءَ جو مڙس هوندو آهي ۽ هن کي ڪنهن هجوم ۾ قتل ڪيو ويندو آهي، سنڌو ان لاش تي روئيندي نظر ايندي آهي ۽ مهراڻ نماز پڙهندي، جڏهن هن ڊرامي جي سيٽ جي ڳالھه ڪجي ته هڪ غريباڻو گهر جنهن ۾ سندوق چلهه گهٽ ۽ پلال سان ڍڪيل رڌڻو ۽ گهر جي پراڻي دروازي ۽ مٽي سان ليپو ڏنو ويو هو، جيڪو هڪ نرالو ۽ خوبصورت ۽ ڳوٽ جو منظر سامهون اچي ويو. مهراڻ قتل ٿيل جو پيءُ هوندو آهي ۽ قتل ٿيل جو ياسين بوزدار جيڪو کٽ تي پيل هوندو آهي جيڪو هڪ لاش جي ڪردار ۾ به سٺو نڀايو، سنڌوءَ جي ڪردار جي ڳالھه ڪجي ته عائشه مهڪ ڪمال جو نڀايو آهي، جيڪا سنڌي ستل قوم کي ڏوراپا ڏئي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جنهن سنڌوءَ جي ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏي، لڳي ايئن پيو ته حقيقت ۾ سامهون لاش پيو آهي ۽ سنڌو سنڌي قوم کي ڏوراپا ڏئي رهي آهي. ڏسندڙن جي اکين مان لڙڪ اچي ويا، ها حقيقت اها آهي، ڪٿي ڪٿي منهنجي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا هئا ۽ مهراڻ ته مهراڻ هو جنهن سنڌوءَ کي آٿت به ڏئي رهيو هو ۽ سماج کي جاڳائي به رهيو هو ته اڄ منهنجو پٽ قتل ٿيو آهي ته سڀاڻي اوهان جو اتي لاش کڻائجي ايندو ۽ انسپيڪٽر جي انٽري به ماحول گرم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اچڻ سان هو گهر جي جھڙتي وٺي ٿو، مسٽر مهراڻ تنهنجي پٽ کي ڪنهن قتل ڪيو آهي؟ مهراڻ هن سماج، انسپيڪٽر، جيستائين ڪو شاهدي نه ڏيندو، تيستائين قاتل کي سزا ڪيئن ايندي؟ ڄڻ ته خبر هوندي به بي خبر هو ۽ اتساهه ڏيندڙ ڳالهيون به ڪري پيو ته جڏهن مهراڻ دل جي دوري سبب فوت ٿئي ٿو ۽ سنڌو آپگھات ڪري ٿي، اتي انسپيڪٽر کي خوف ٿئي ٿو ته متان عوام جاڳي پئي پر هن کي خبر هئي ته هن قوم کي توڙي وڏو انقلاب اچي پر جاڳائي نٿو سگهي ۽ هن تي ڊرامي جي پڄاڻي ٿئي ٿي پر اسان جي قوم ستل آهي، الائي ڪڏهن جاڳندي؟ آخر ڪيستائين اسان ڀوتارن، حڪمرانن ۽ ڪامورن جا ظلم سهنداسين؟

 

علي حسن “احسن” چڍڙ/ميرپورماٿيلو

 

خدارا اٽو سستو ڪريو!‎‎

 

گهوٽڪي ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن سميت سڄي سنڌ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي، غريب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشانيءَ جي ور چڙهيل آهي، حڪومت مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ خراب طرح ناڪام ٿي وئي آهي. ڪافي سالن کان مهانگائي سٽيل عوام جي دانهن باوجود حڪومت طرفان مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه وٺڻ سبب مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آهي ۽ کاڌ خواڪ جي روزمره جي شين جي اگھن ۾ ڏينهون ڏينهن لاڳيتي واڌ ڪئي پئي وڃي، جنهن غريب عوام جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن، ان جا حال هيڻا، سور ٽيڻان ڪري ڇڏيا آهن. اٽو 5500 رپيا مڻ، يعني اٽي چڪين تي 120 في ڪلو مان وڌي 150 ڪلو ۽ دڪانن تي 160 ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. هڪ زرعي ملڪ هجڻ باوجود ۽ ڪڻڪ جو هر سال بهترين فصل لهڻ باوجود ڪڻڪ جي اٽي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ جو بحران ڪو نئون مسئلو انهي ڪري به ڪونهي جو هر سال حڪمرانن جي ناڪام پاليسين ۽ بيڊ گورننس سبب خوراڪ کاتي جي عملدارن جي نااهلي، انتظامي لاپرواهي، بيڌيانيءَ ۽ ڪرپشن جي ڪري عوام کي سرڪاري مقرر اگهه تي اٽو ملي سگهڻ ديواني جو خواب بڻيل آهي. عوام کي ڪنٽرول سبسڊي اگھه تي اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ جوڙيل خوراڪ کاتي کي حڪومت اربين جي سبسڊي ڏئي ٿي پر ان باوجود آبادگارن کان زبردستي نموني نئين لهندڙ ڪڻڪ ڪنٽرول جي حساب سان خريد ڪري پنهنجي گدامن ۾ اسٽاڪ ڪري رکي ويندي آهي ۽ لکين ٽن ڪڻڪ گدامن جي ٻاهران سڙي خراب ٿي وڃڻ ۽ اوڌر تي ڪڻڪ فلور ملن کي ڏئي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۽ ڪڻڪ ٻاهر اسمگلنگ ڪرڻ جا اسڪينڊل پاڻ وٽ اخبارن جي زينت بڻجڻ معمول جي ڳالهه هجي ٿي.  بعد ۾ ڪڻڪ جي کوٽ جو هٿرادو بحران پيدا ڪري ڪڻڪ ٻاهران مهانگي اگهن تي گھرائي ڪميشنون ڪمائڻ جو گورک ڌنڌو مافيائن جو ڪاروبار بڻجي ويو آهي. جنهن جي ڪري اربين رپين جي سبسڊي ڏيڻ باوجود اٽي جي اگهن تي ضابطو اچڻ ناممڪن بڻيل آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته ڀاڄين جي اگهن ۾ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي واڌ ٿي آهي، ڪير ڪنهن کان پڇڻ وارو ڪونهي، کاڌ خوراڪ جون شيون ڏيڍوڻ تي مهانگيون ٿيون آهن، مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، هڪ طرف ڪورونا وبا شدت دوران ڇهن مهينن تائين لاڪ ڊائون ملڪي معشيت جا لاهه ڪڍي غريب پورهيت طبقي کي بيروزگار ڪري وڌيڪ ڪنگال بڻائي ڇڏيو پر لاڪ ڊائون متاثر غريب طبقي جي بحالي لاءِ حڪومت ڪي جوڳا اپاءَ به نه ورتا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بکن ۾ پاهه ٿيندڙ پورهيت طبقي جي بحالي لاءِ فوري طور پئڪيج جو اعلان ڪري انهن کي وڌيڪ ڏکيائين کان بچايو وڃي.

 

سنڌي علي گل شيخ / اوٻاوڙو

 

پنجاب حڪومت جو خاتمو ۽ ايندڙ سياست جو پوتاميل !

 

ملڪي آباديءَ جي لحاظ کان وڏي آباديءَ واري صوبي پنجاب جي حڪومت پرويز الاهيءَ جي هٿان پاڻمرادو گهر ڀيرو ٿيڻ بعد نگران حڪومت جي سيٽ اپ ڏانهن هلي وئي آھي. جمهوري قدر ۽ پارلياماني اصولن موجب ايئن ٿيڻ ته نه کپندو هو پر اقتداري پارلياماني سياست جون رمزون ۽ راز پنهجي پنهنجي رياض سان هلندا ۽ بيهندا آھن، ان ڪري جيڪو ڪجهه پرويز الاهيءَ جي هٿان پنجاب ۾ ٿيڻو هو سو هن چوڻ وارن جي بنياد تي ڪري ورتو. ملڪي سياسي انتظامي ۽ معاشي حالتن تي نظر رکندڙ حلقن اڳيان پنجاب حڪومت واري ڊراپ سين کي جنهن پسمنظر ۾ ڏٺو پيو وڃي اهو پسمنظر سياسي ڌرين لاءِ ڪو چڱو نٿو سمجهيو وڃي. اڪثر ڏٺو اهو ويو آھي ته اقتداري رساڪشي ملڪ جي ٻين صوبن خاص طپر سنڌ يا بلوچستان سان ڪئي ويندي آھي ۽ ٿيندي رهي آھي پر هنن حالتن ۾ جڏهن جهيڙو سياسي طاقتن جو پنجاب بنياد تي سياسي ڌرين اندر آھي ته ان لاءِ ھنن سياسي آکاڙي ۽ رساڪشيءَ جو محور يا نيوڪلس پڻ پنجاب صوبو بڻايو آھي. تحريڪ انصاف، ن ليگ، ق ليگ پارٽيون ۽ قيادتون پنجاب بيسڊ پارٽيون آھن، جن جا انگ اکر اسيمبلي ميمبرن جا يا سندن اسم يا کڻي چئون ته ڪن اتي آھن ۽ اقتداري پهچ به ان ريس مان ڪراس ڪري اڳتي وڌڻ جو نالو حڪومت آھي جيڪا منزل انهن ٽنهي سياسي ڌرين جي پڻ آھي. پنجاب بيسڊ سياسي ماحول ۾ اقتداري رساڪشيءَ ۾ عمران حڪومت ڪيرائڻ کان پوءِ سياسي ڌرين ڪيترو پاڻ سياسي طور وڃايو ۽ حاصل ڪيو آھي ان بابت چوڻ ۽ لکڻ جي ڪا ڳالھه ڪونهي سڀ جي سامهون پڻ آھي. هوڏانهن ق ليگ جنهن جي سربراهي اڳوڻو وزير اعظم ۽ ھن وقت ملڪي سياست جو روايتي پوئلڳ چوڌري شجاعت حسين به پنهنجي پارٽيءَ کي هن اقتداري رساڪشي ۾ برقرار رکي نه سگهيو، جيڪا سياسي طور تي پڻ پارٽيءَ لاءِ ڳڻتيءَ واري صورتحال آھي. اهڙي ريت تحريڪ انصاف جنهن به بنياد تي وفاق مان اقتدار مان گهر ڀيڙي ٿي آھي ۽ پنجاب ۾ پنهنجو اقتداري طاقت وڃائي پنهنجي سياسي ۽ پارٽيءَ کي ڪمزور ڪري چوڌري پرويز الاهيءَ تي اعتماد ڪرڻ ۽ اقتدار ڏيڻ تي مجبور ٿي ۽ پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي مايوس ڪيو اهو سنوڻ به سياسي ۽ عوامي توڙي پارٽي سطح تي سندن لاءِ بهتر ناهي ۽ خود پنجاب ۾ هنن جتي پاڻ مرادو اقتدار ڍرو ڪيو اتي سندن سياسي ۽ عوامي بيهڪ به ڪمزور نظر اچي رهي آھي. هوڏانهن آصف علي زرداري ۽ سندس پارٽي سڀني کان اڳ پاڻ پيش ڪري اقتداري جوڙ ٽوڙ ۾ پنجاب ۽ وفاق ۾ اڳري نظر اچي ٿي، ان اتي پنهنجي سياسي ساک سنڌ ۾ ڪمزور ڪئي آھي ۽ پنجاب بيسڊ ته پاڻ نه ته پارٽي آھي ۽ نه ئي قيادت.

 

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

ڇا پنجاب اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي وئي؟

 

ملڪ ۾عام چونڊن جو آخري سال شروع ٿيڻ سان ئي ملڪي سياستدان ھڪ ٻئي کان سياسي پلاند وٺڻ واري ڪرت کي لڳي ويا آھن، عوام جي ڏکن سورن وارين تڪليفن جي کين ڪا به ڳڻتي نه رھي آهي، پنجاب صوبي ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر سياسي بحران پيدا ٿيڻ لڳو آهي، تازو پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاھيءَ اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پنجاب اسيمبلي ٽوڙي سمري گورنر ڏانهن موڪلڻ واري تصديق ٿي وئي آھي ۽ گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ کان جواب ڏنو آهي، پنجاب اسيمبلي پاڻ مرادو ٽٽي وئي آھي ته  نگران سيٽ ا پ  آڻي يا ڪو ٻيو آپشن اچي سگھي ٿو. نگران حڪومت قائم ٿيڻ جي ٺيڪ ٽن مھينن اندر عام چونڊو ڪرائي سگھجن ٿيون، انهي ڪري ملڪ جي سياست ۾ ٻيھر ھلچل مچي وئي آھي، جڏھن ته پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاھيءَ جي اعتماد واري ووٽ وٺڻ کان اڳ نواز ليگ طرفان باربار اھي بيان سامھون ايندارھيا ته اسان سان پي ٽي آءِ جا ڪجھه ميمبر گڏ آھن، چوڌري پرويز الاھي کي ھر صورت ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو، نواز ليگ ان ھوڏ تي برقرار ھجڻ واري دعوي ڪندي رھي پر اوچتو اتحادي (ق) ليگ توڙي پي ٽي آءِ جي گڏيل 186 ميمبر پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري پرويز الاھيءَ کي اعتماد جو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ واري عمل کان پوءِ نواز ليگ توڙي اتحادي قائم ڪيل پي ڊي ايم کي ڏندي آڱريون اچي ويون آهن جنهن کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو ردعمل سامھون آيو۽ ھو پارٽي ميمبرن توڙي اتحادين تي سخت ڪاوڙ جو اظھارڪندي نظر آيو، ڇو ته راڻا ثناءُاللھ جيڪو گھرو وزير آھي، وري عدم اعتماد واري ووٽن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو چوندو رھيو آھي. ھوڏانهن نواز ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پيپلز پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ٽيليفونڪ تي رابطو ڪندي کين گڏيل لائحه عمل جوڙڻ جھڙيون تجويزون ڏنيون ۽ ورتيون ويون آھن، جنهن ۾ آصف علي زرداري قانوني طريقي سان ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي صلاح ڏني آھي ڇو ته عمران خان واضح چئي چڪو آھي ته  حڪومت ۾ ويٺلن سان ڳالھيون نه ٿيون ٿي سگھن، صرف ھڪ ئي حل آھي ته چونڊن ڪرايون وڃن، جڏھن ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ بعد پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۾ اجلاس گھرائي  پنهنجي اتحادي ميمبرن جي صلاح مشوري بعد خيبر پختونخواهه صوبي جي يقينن اسيمبلي ٽوڙي ويندي ته ٻيو شھباز حڪومت جي وٽ ڪھڙو آپشن وڃي رھندو؟

گل بيگ چانگ/خيرپور