سنڌ سان درد جو رشتو واري سڏ کي ڀرپور موٽ، ايڪتا ڏڻ تي سنڌ هڪ لڙي ۾ پوئجي وئي

0
228
سنڌ جي سنڌ سان ملاقات
سنڌ جي سنڌ سان ملاقات: مُک تقريبن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڀيٽا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌي قوم ثابت ڪري ڇڏيو ته سندن سنڌ سان درد جو رشتو آهي ۽ هيءَ ڏڻ ٻوڏ متاثرن جي نانءُ ڪرڻو آهي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سنڌ هڪ آواز بڻجي هڪ لڙي ۾ پوئجي وئي

ڪراچي ۾ ايڪتا جي مُک تقريب

حيدرآباد ۾ مک تقريب دوران ناليوارن فنڪارن سُرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته سنڌي لباس اُڍيل هزارين سنڌين تقريب ۾ شرڪت ڪري ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيهڻ جو وچن ڪيو
ڪوٽڙي، لاڙڪاڻو، دادو، مٽياري، ميرپور خاص، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ ايڪتا تقريبن سان گڏ ريليون ڪڍي ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، ڪي اين شاهه سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ٽوپي، پٽڪي جي بهار نظر آئي
سڄي سنڌ ۾ ملاکڙا، اُٺن جي ڊوڙ، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ۽ ٻيا ايونٽس ڪرائي سنڌ جي قديم ثقافت ۽ تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ايڪتا جي مُک تقريب دوران سمنڊ اُٿلي پيو، ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار

سنڌ جي سنڌ سان ملاقات: مُک تقريبن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڀيٽا