سنڌ جي درد وساري خوشين ڏانهن واپسي، ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار، واهڻ وستي ۾ ثقافتي جشن، رقص، ڪراچي ۾ مک تقريب

0
249

ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو، شاهد ميراڻي، فقير سليم، حبيب جمالي ۽ نظير ميمڻ ) سنڌواسين جي محبوب چينل ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي واءِ ايم سي اي روڊ تي ٿيل مک تقريب ۾ سنڌواسين جو سمنڊ اٿلي پيو

ڪراچي شهر جي مختلف علائقن سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، ڪورنگي، مهراڻ ٽائون، بلديا ٽائون، لياري، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن مان ثقافتي ويس پاتل سنڌ واسي قافلن جي صورت ۾ ايڪتا جي مُک تقريب ۾ پهچي ويا، ايڪتا ڏهاڙي تي هر طرف ٽوپي، اجرڪ، پٽڪو پاتل نوجوانن ۽ گج پاتل نارين جي رش لڳل هئي

ٽائيم نيوز جي مُک تقريب سبب واءِ ايم سي روڊ، گورنر هائوس چورنگي سميت ڪراچي جا روڊ  رستا اجرڪ ۽ ٽوپي جي رنگن سان رڱجي ويا، مک تقريب ۾ نامياري گلوڪاره شهنيلا علي، طفيل سنجراڻي، احمد مغل، ماروال، غلام علي سمون، عرفان سمون، سائينداد فقير، ايوب ساگر، ڪومل ناز  ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

 قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو  تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قومي ايڪتا جو مطلب متحد ٿيڻ ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيڻ آهي، اسان کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بدران متحد ٿي پنهنجن حقن  جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، هن چيو ته سنڌجنهن ڪيترائي اڳواڻ پيدا ڪيا ۽ آمرن خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي، انهيءَ سنڌ جي نوجوانن کي تعليم ذريعي اڳتي وڌڻو پوندو، پارٽي يا نعرو ڪهڙو به هجي پر تعليم تمام ضروري آهي

پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي چيو ته اڄوڪي ڏهاڙي تي سنڌ تمام گهڻي خوش آهي پر سنڌ جي حڪمرانن سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ متاثر اڄ به دربدر آهن، انهن جي مالڪي ٿيڻ گهرجي، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته هي ڏهاڙو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي تنقيد بعد علي قاضي  ملهائڻ جو اعلان ڪيو،  سنڌ واسين ثبوت ڏنو ته اهي پنهنجي ثقافت تي چٿر ڪڏهن به برداشت نه ڪندا، اسان کي پنهنجي وطن ۽ ڌرتي سان محبت ۽ انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي

سينيئر صحافي مشتاق سرڪي چيو ته اڳوڻي صدر تي جڏهن افعانستان ۾ ٽوپي پائي وڃڻ جي تنقيد ٿي ته سڄي سنڌ خاموش هئي، هڪ علي قاضي مردِ مجاهد هو، جنهن ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو جيڪو ڏسندي ڏسندي سنڌ ۽ مُلڪ جو سرحدون اورانگهي وڃي پرڏيهه جي ڪيئي مُلڪن تائين پهتو آهي

اڄ فخر آهي ته سڄي دنيا ۾ آباد سنڌي وڏي جذبي سان ايڪتا جي عيد ملهائيندا آهن.  ايڪتا ڏهاڙي تي ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي مک تقريب ۾ شريڪ سنڌ واسين هڪ منٽ جي خاموش اختيار ڪري متاثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو

روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويو، حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ به ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار ڪرڻ لاءِ صبح ٿيندي ئي ثقافتي رنگ نکري پيا، معصوم ٻارڙا توڙي نوجوان ۽ ٻڍڙا رستن تي نڪري آيا، مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون مک تقريب سنڌ ميوزيم ۾ منعقد ٿي، جتي فنڪارن سرن ورکا  ڪئي، قومي گيتن تي نوجوانن پاران جھمريون هنيو ويون،  دادو ۾ ايڪتا ڏهاڙي ريليون ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون، ڪوٽڙي ۾ فنڪارن سر وکيري ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو،  بدين،ٺٽي ۽ سجاول ۾ به ايڪتا ڏهاڙي  تقريبون ۽ ريليون ڪڍيو ويون،  ٽنڊي محمد خان ۽ ٻين شهرن ايڪتا ڏهاڙي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جڏهن ته  ڪي اين شاهه، ٽنڊو باگو، ڀٽ شاهه، سيوهڻ، تلهار، شادي لارج ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ايڪتا ڏهاڙي تقريبون ڪوٺايون ويون

سکر ڊويزن ۾ به عوام ٻوڏ سٽيلن سان ڀرپور ايڪتا جو اظهار ڪيو، مک تقريبون سکر پريس ڪلب ۽ گلوب چوڪ وٽ ٿيون، شهر جي گرم گودي، بشير آباد، سائيٽ ايريا، گوليمار، آباد لاکا، شمس آباد، نئوپنڊ ۽ ٻين علائقن  کان ريليون شامل ٿيون سکر  شهر سڄو ڏينهن سنڌ امڙ جي نعرن سان گونجندو رهيو، نوجوان ۽ ٻار جهنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي جهمريون هڻندا رهيا. سکر ضلعي جي مختلف شهرن مان ريلين ۽ قافلن جي صورت ۾ جوشيلن ڪارڪنن ۽ عام شهرين جي اچ وڃ جاري رهي.خيرپور ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويو. خاڪي شاهه پل کان ڪڍيل مرڪزي ريليءَ ۾ سياسي، قومپرست، سماجي ڪارڪنن، ۽ پورهيت ڪارڪنن سميت اديبن، شاعرن، فنڪارن، صحافين، وڪيلن، واپارين ۽ ٻارڙن ثقافتي ويس وڳا پائي ريليءَ ۾ شرڪت ڪئي، گهوٽڪيءَ ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. شهر توڙي ٻهراڙي وارن علائقن مان ريليون ڪڍي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو ويو. ريلين ۾ نوجوانن قومي گيتن تي رقص ڪيو

پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران گهوٽڪي پريس ڪلب ٻاهران مک تقريب منقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جسقم، ايس ٽي پي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ اسڪولي  شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن سان ايڪي جي اظهار طور هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کان علاوه ريتي، سلطانپور، جروار، گمبٽ، اڪري چودڳي،ڪرونڊي، بوزدار وڏا، چونڊڪو، کهڙا، روهڙي، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو، ڏهرڪي، داد لغاري، ٻٻرلوءِ، گمبٽ، ڪنب، فيض گنج، ٺري ميرواهه، پيروسڻ، ٽنڊو ميرعلي، سوڀوديرو، راضيديرو، ڪوٽڏيجي ۽ ڪنب ۾ پڻ ايڪتا جشن ڀرپور جوش جذبي سان ملهايو ويو

May be an image of 1 person, standing, outdoors and crowd

لاڙڪاڻي ڊويزن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن توڙن ڳوٺن ۾ به ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،  صبح کان سج لٿي تائين ريليون نڪرنديون رهيون، لاڙڪاڻي شهر ۾ نوجوانن ثقافتي ويس اوڍي“الي منهجا ماروئڙا او منهجا سانگهياڙا” گاني تي رقص ڪيو ۽ جهمريون هنيو، لاڙڪاڻي ۾جناح باغ چوڪ تي منعقد مک تقريب ۾فنڪارن قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪيو الشهباز ڊانس گروپ فن جو مظاهرو ڪيو،  مختلف قومپرست، سياسي سماجي تنظيمن ريليون ڪڍيون، نوجوانن گاڏين کي اجرڪن سان سينگاري شهر جو گشت ڪندا رهيا، سورٺ ثقافتي سنگت اسٽال لڳايو، سنڌي پورھيت سنگت پاران برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏين لاءِ پرامن ريلي ڪڍي وئي

قمبر ۾ قبيلائي تڪرار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، متاثرن جي بحال لاءِ دعائون گهريون ويون. جيڪب آباد ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم ڳوٺ سوجھرو خان عمراڻي پهچي برسات متاثر ماروئڙن سان ثقافتي ڏينهن ملهايو . شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ، گل آرٽ اڪيڊمي، پيراميڊيڪل اسٽاف، پ پ، ايس ٽي پي، جنون شعور گروپ ريليون ڪڍيون ويون، ڪشمور ۾پنهنجي اخبار جي سڏ تي مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون. موهن جو دڙو پهتل آمريڪي سياح سنڌي گيتن تي لطف انداز ٿيا، قديم آثارن کي عام ماڻهن لاءِ بند رکيو ويو هو، ميوزيم ۽ پارڪ ۾ ماڻهن کي ڇڏيو ويو،شهدادڪوٽ ۾ثقافتي رنگ نکري پيا، ريلين ۾ شريڪ  ٻارڙن، نوجوانن ۽ شاگردن گيتن تي جھمريون ھڻي خوشي جو اظهارڪيو

مدئجي، نئون ديرو، باقراڻي،رتوديرو، ڳڙهي خيرو، ڪرمپور، پکو، بڊاڻي، ٺل، گيريلو، گاجي کهاوڙ، دوداپور، ميروخان، خانپور، لعلورائنڪ، باهو کوسو ۽ وارهه ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو.ميرپورخاص ڊويزن ۾ به ثقافتي رنگ نکري پيا، نوجوان قافلن جي شڪل ۾ صبح کان شام تائين روڊن تي اچي ٻوڏ سٽيل ماروئڙن سان ايڪتا جو اظهار ڪندا رهيا، روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ڪئمپ آفيس تي جشن جو سمان رهيو

  قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، جڏهن ته اسڪولن ۾ تقريبون ٿيون، جن ۾ شاگردن ٽيبلوز پيش ڪيا، جڏهن ته سٽي پريس ڪلب وٽ تقريب ۾ نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون ،مٺي ۾ ٿري ماروئڙن جون ريليون نڪتيون، جن ۾ تلوارن ۽ ڏانڊين تي جهمريون هنيون ويون، راجپوت برادري روايتي لباس پهري تلوار ۽ ڏانڊين تي رقص ڪندي روڊن تي نڪري آئي، جنهن دوران عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي

عمرڪوٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جون ريليون نڪتيون، جڏهن ته ٻارڙن پاران قومي گيت پيش ڪيا ويا، تقريبن ۾ ادبي حلقن، استادن ۽ شاگردن سنڌي لباس اجرڪ، پٽڪا ۽ ٽوپيون پائي شرڪت ڪئي ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ ايڪتا ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو،  سمورن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿي، ثقافتي رنگن سان تيار ڪيل اسٽيج تي قومي گيت گونجندا رهيا، مختلف علائقن مان ريليون پهتيون، نوجوان رقص ڪندا ۽ جهمريون هڻندا رهيا، مختلف شهرن نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٺياڻي، سٺ ميل، جمال شاهه، دريا خان مري، نوان جتوئي ۽ ٻين شهرن ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا، گپچاڻي، جهول، هالاڻي، کڏڙو، خانواھڻ، سرهاري ۽ منھڙو ۾ مختلف تنظيمن توڙي برادرين جون ريليون نڪتيو

ھي به پڙھندا

سنڌ سان درد جو رشتو واري سڏ کي ڀرپور موٽ، ايڪتا ڏڻ تي سنڌ هڪ لڙي ۾ پوئجي وئي