سنڌ جي سنڌ سان ملاقات: مُک تقريبن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڀيٽا

0
301
سنڌ جي سنڌ سان ملاقات
سنڌ جي سنڌ سان ملاقات: مُک تقريبن ۾ ٻوڏ متاثرن کي ڀيٽا

ڪراچي: ايڪتا ڏهاڙي تي سنڌ جي سنڌ سان ملاقات جاري آهي، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي

ڪراچي جي واءِ ايم سي روڊ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان ايڪتا جِي مک تقريب دوران ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي

سنڌ جي سنڌ سان ملاقاتحيدرآباد، ڪوٽڙي، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ مک تقريبن دوران جڳ مشهور فنڪارن سُر وکيري ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد جو وچن ڪيو ويو
ڪنڌڪوٽ، قمبر، عمرڪوٽ، مٺي ۽ شاهپور چاڪر ۾ ماڻهو ثقافتي ويس اوڍي ٻاهر نڪري آيا
نوابشاهه، دوڙ، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، ميهڙ ۽ ٻين شهرن مان ايڪتا ڏهاڙي جون ريليون ڪڍيون ويون
نيو سعيد آباد، ڪوٽ غلام محمد، فريد آباد، نبي سر روڊ ۽ وارهه مان به ريليون ڪڍي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا ڏني وئي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن سان به ايڪتا جو اظهار ڪيو ويو

خانپور، گڊو، نصرپور کپرو، ڏيپلو، تنگواڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به ماڻهو رستن تي نڪري آيا
گهارو ۾ به ثقافتي ويس وڳا اوڍيل شهرين جي ريلي ۾ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون
وارهه ۾ هڪ سئو فوٽ ۽ بدين ۾ 50 فوٽ جا اجرڪ جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا
ٽنڊو باگو ۾ ڪبوتر اڏاري ايڪتا ڏهاڙي جي شروعات ڪئي وئي
ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي

ايڪتا ڏھاڙي جي سلسلي ۾ ٽائيم نيوز

ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي به ايڪتا جي رنگ ۾ رڱجي ويا، بيلاس پور ۾ ايڪتا تقريب دوران مشهور فنڪار جَتن اُداسي سُر وکيري شرڪت ڪندڙن کي جهومائي ڇڏيو
آسٽريليا ۾ رهندڙ سنڌي ڪٽبن طرفان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، عورتن طرفان شيخ اياز جي شاعري سان سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا
سکر ۾ جوڳي به ڌرتيءَ سان محبت ۽ ايڪتا جي اظهار لاءِ مرليون وڄائيندا نڪري آيا، جوڳي برادري پاران نانگ هٿن ۾ کڻي سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي
مرلي جي ڌنين تي نانگ نچائڻ کانسواءِ رقص به ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري طرفان ايڪتا جون واڌايون

سنڌ جي تهذيب انسانيت جي تهذيب ۾ به ثقافت جا رنگ ڀريندي آهي: وزير اعظم

سنڌ پنهنجي آزادي جي واپسيءَ لاءِ ٻيهر ظالمن خلاف اٿندي: عمران خان جو ايڪتا ڏڻ تي پيغام

سنڌ جي سنڌ سان ملاقات وارو ڏھاڙو: سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظھار

سنڌ سان درد جو رشتو: سموري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا ۽ مچ ڪچھريون