ٽنڊو ڄام ( رپورٽ مبين مگسي ) سنڌ زرعي توسيع کاتي ۾ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي 5 غير قانوني ڀرتين جو انڪشاف ٿيو آهي.ا ن ڏس ۾ پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ،2012ع سنڌ زرعي توسيع کاتي ۾ 17 گريڊ  ۾ سينيئر انسٽرڪٽر  طور سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي ٿيندڙ ڀرتين ۾ پنج ڄڻن جي غيرقانوني طور ڀرٿي  ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پنهنجي اخبار هڪ ڄڻي جو رڪارڊ به هٿ ڪري ورتو آهي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران جاري ڪيل اشتهار ۾ ڀرتين لاءِ ٽن سالن جو تجربو پڻ گهريو ويو هو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران لاڳو ڪيل تجربو نه هجڻ باوجود به پنجن ئي ڄڻن کي سنڌ زرعي توسيع کاتي ۾ 17 گريڊ ۾ سنئير انسٽرڪٽر ڀرتي ڪيو ويو. پهرين اميدوار کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تجربي نه هجڻ تي رد ڪري ليٽر جاري ڪيو ويو جنهن م ڄاڻايو ويو ته اوهان کي تجربو ناهي، بعد ۾ وري کين اهل قرار ڏنو ويو. سنڌ زرعي توسيع کاتي جي ذريعن چيو آهي ته ڀرتين لاءِ گھربل تجربو نه هجڻ باوجود پنج ئي ڄڻن کي ڀرتي ڪيو ويو، ان وقت جي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين توڙي ٽينڪينل ميمبرن مان ڪنهن به ڀرتين تي اعتراض نه واريو هو.  پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ سنڌ زرعي توسيع کاتي ۾ ڀرتي ٿيل شاھ فيصل ٻڌايو ته اسان وٽ تجربو نه هو، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسان کي اپيل ڪرڻ بعد رعايت ڏني هئي، هوڏانهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ترجمان پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ائين ٿي نٿو سگهي ته تجربو نه هجي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڀرٿي ڪري ڇڏي. هن چيو ته رد ڪرڻ بعد اميدوار پنهنجو تجربي جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو هوندو، رڪارڊ چيڪ ڪري ٻڌايون ٿا. ٻئي پاسي سوال اهو ٿو اٿي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي اميدوارن کي تجربو وارو شرط ختم ڪري رعايت ڏيڻي هئي ته ٻيهر اشتهار ڇو نه ڏنو ويو؟ . ڀرتي ٿيل شخص ٻڌايو ته اهو ڪم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪم هو.