اسلام آباد (م ڊ) مُلڪ ۾ مُستقبل ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي حوالي سان نادرا 17600 مشينن جي آخري کيپ شماريات کاتي حوالي ڪري ڇڏي. نادرا چيئرمين طارق شماريات کاتي ۾ 17600 محفوظ ٽيبلٽس جي آخري کيپ اختيارين حوالي ڪئي. آدمشماري ۽ گهر شماري جي ” ستين ڊيجيٽل آدمشماري “ رٿا کان اڳ پهريان هڪ وڏو حصو اينڊرائيڊ ٽيبلٽس جي ترسيل هو. نادرا 21600 ٽيبلٽس کي چاليهه ڪنيٽينرز ذريعي هارڊ ويئر جي وقت سر اسمبلنگ ۽ ڊليوري کي يقيني بڻايو. نادرا چيئرمين موجب سڄي ملڪ ۾ آدمشماري جي 495 ضلعن ۾ ٽبيليٽس پهچائڻ هڪ ڏکيو مرحلو سمجيهو پئي ويو پر نادرا ترتيبوار 932 هنڌن تي 90 هزار کان وڌيڪ آدم شماري ڪندڙن جي ٽريننگ لاءِ نوَ ڏينهن ۾ وڏي مشق کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل آدمشماري جي وڏي ڊيٽا پاڪستان لاءِ ثبوتن تي ٻڌل پاليسي سازي جو بنيادي نظام بڻجي ويندي. نادرا جي پهرين ڊجيٽل آدمشماري رٿا ۾ شماريات کاتو ٽيڪنيڪي ڀائيوار آهي، ان وڏي قومي ذميواري ۾ نادرا جو مينڊيٽ آدمشماري رٿا کي ذڪر جوڳو بڻائڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت خدمتون فراهم ڪرڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آدمشماري واري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻايو ويندو ۽ ٽيڪنالوجي ۽ ڊجيٽلائزيشن کي شامل ڪري پاڪستان جي سموري آبادي جي درست انگ اکرن کي يقيني بڻايو ويندو.